قومي گيت سنگيت ۽ سرمد مجيب سنڌي استاد بخاري چيو هو ته سونهن ، سچ ، ۽ شاعريءَ جو پاڻ ۾ اهڙو تعلق آهي ، جهڙو چنڊ ، سج ۽ روشنيءَ جو ، جهڙو سنگيت ، گيت ۽ ناچ جو ، جهڙو جواني جذبي ۽ پيار جو ، مان سمجهان ته ڌرتيءَ کان ڌار رهي ڪوبه عظيم شخص بڻجي نٿو سگهي ، انهيءَ گس جو راهي ماٺيڻي مرڪ وارو ، عشق ، سونهن ، چاھ ، چانڊوڪي ، خوشبوءِ ، خوشيءَ ۽ ڌرتيءَ جي دردن کي سرن جي مالها ۾ پوئيندڙ هن دور جو راڻو عبدالرحمان مغل ( سرمد سنڌي ) به آهي ، جيڪو ڪڏهن به جابرن آمرن وڏيرن وغيره آڏو ڪڏهن به ڪونه جهڪيو ، سرمد سنڌ جو سريلو راڳي هيو جنهن جنهن جي آواز ۾ درديليون دانهون هيون ، جن دانهن ۾ سنڌ جي بي پهچ غريب ماروئڙن جون صدائون هيون ، مزاحمتي شاعري ڳائي سرمد پاڻ کي پاڻ ئي امر ڪري ڇڏيو ، هن جي ڳايل مزاحمتي شاعري ۾ نوجوان نسل لاءِ نياپو هيو، وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو ختم اونداھ ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو مزاحمتيءَ شاعر جمن دربدر جي انهن سٽن کي جڏهن سرمد پنهنجي آواز ۾ جڏهن ڳايو ته هڪ جنون ۽ جوش جي لاٽ اڀري پئي ، سرمد جي ان نياپي ڄڻ ته سنڌ واسين کي نئون پيغام ڏنو ، هڪ نئين راھ ڏني ، سندس آواز جو پڙلاءُ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇائنجي ويو ، هر ماڻهو سرمد جو مداح ڏسڻ ۾ آيو ، سندس ڳايل ڪلامن کي هر ماڻهو جهونگارڻ لڳو ، اوقاتل بدلو وٺنداسين هرخون جي قطري قطري جو ،،،،،،،،،،،،،،،،،، اتر واءُ ٿو لڳي اڀريو لاڙ ٿو اچي اڃا ڌڙ ۾ دم آ جيئي سنڌ جيئي ،،،،،،،،،،،،،،،،،،، عمر اباڻي پار ڏي اڄ جهُڙ ٿو جهمريون پائي موڪل ڏي ته ملير وڃان منهنجو ٿر وسي پيو آهي ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، نيٺ ته اهڙو ڏينهن به ايندو ديس اباڻي ڏانهن سڏيندو نيندو نيندو ڪين ڇڏيندو جاٿي پياسي جهانگيڙا ،،،،،،،،،،،،،،،، امڙ لولي نه ڏي مونکي لولي نه ڏي ،،،،،،،،،،،،،،،،،، انهن ۽ ٻين به کوڙ سارن قومي گيتن کي ڳائي سچ به ته سرمد سنڌ جي درد مند مائرن ، ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڄڻ ته ترجماني ڪئي آهي ، سرمد سنڌي جا اهي سريلا مزاحمتي گيت آمريت جي دور ۾ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ وستيءَ ، شهر شهر ۾ گونجندا رهيا ۽ انهن مزاحمتي شاعرن جي شاعري سرمد جي آواز سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ، سرمد سنڌي جا اهڙا ڪيترائي ورلاپ آهن جن جي ٻڌڻ سان لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن ، سرمد جا سدائين امر رهندڙ گيت اڄ به ماڻهن جي دلين تي نقش ڪيو بيٺا آهن ، ۽ انهن آمرن غدارن بي ضميرن جي ضميرن کي ڌونڌاڙي رهيا آهن ، انهن کي ملامت ڪري رهيا آهن ، پر افسوس جو اهو سرموڙ راڳي اڄ اسان وٽ موجود ناهي ، هن کي هاڻي اسين ڪٿي ڳوليون جيڪو سنڌين جي ترجماني ڪندڙ ، سنڌين کي قومي راھ جو راهي ٿيڻ جو سڏ ڏيندو هيو ، پنهنجي ٻچڙن جي سار لهڻ سان گڏ سموري سنڌ جي سنڌين ماروئڙن جي ٻچڙن جي پارت به ڪندو هو ته هر طبقي جي ماڻهو کي اتساهيندڙ لفظ به بيان ڪندو هو ، هر ويل سنڌيت جي ڳالھ ڪندڙ سرمد پاڻ ته زنده ناهي پر سندس آواز اڄ به زنده آهي ، اهو آواز اهي ورلاپ اهي سُر ڪير به اسان کان کسي نٿو سگهي ، سرمد جو آواز هميشه اسان سان سان گڏ رهندو، سرمد تون سدائين سنڌ ۽ سنڌين کي ياد رهندين سدائين محفلن ۾ تنهنجا حوالا هوندا ، تو جيڪا سنڌين کي واٽ ڏيکاري ان تي تنهنجا سنڌي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور هلندا ، تنهنجي حق ۽ سچ واري پيغام تي ضرور عمل ڪندا ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي ، شيخ اياز ، استاد بخاري ، راشد مورائي ، نظر پياسي ، زاهد شيخ ، ۽ ٻين ڪيترن ئي ڀلوڙ شاعرن جي شاعري ذريعي تنهنجو پيغام ، تنهنجي ڳالھ ، تنهنجو آواز اڄ به سڄي سنڌ ۾ گونجي پيو ، هر ستل ضمير کي جاڳائي پيو ، پر يار... تنهنجو آواز ٻڌي هر اک مان نير وهي پوندا آهن، اي سرمد ڪراچي کان ڪشمور تائين ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ هر سنڌي جي دل ۾ تون اڄ به ياد آهين ، هر سال 27 ڊسمبر جو ڏينهن جيءُ جهوريندڙ محسوس ٿيندو آهي ، هر ماڻهو توکي ياد ڪري ٿو لڙڪ لاڙي ٿو ، تنهنجو ڀاءُ احمد مغل به تنهنجي راھ جو راهي ثابت ٿيو آهي ، تو وانگر قومي گيت ڳائي پاڻ کي پاڻ امر ڪيو اٿس ، سنڌ ۽ سنڌيت جي ڳالھ ڪئي اٿس ، تو وانگر ئي سريلا گيت ڳائي تنهنجون سڪون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو ، احمد مغل سنڌ جي قومي راڳي طور سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي آهي ، اي سرمد تنهنجي ڀاءُ احمد به تو ونگر پنهنجي ڦوھ جواني سنڌ کي ارپي ڇڏي آهي ، پر سرمد تون سڀني سنڌين جو معشوق آهين توکي سنڌي ڪڏهن به وساري نٿا سگهن ، تون ناهين ته تنهنجو آواز اڄ به ۽ سدائين سڄي سنڌ اندر گونجندو رهندو ،
جواب: قومي گيت سنگيت ۽ سرمد ،،،،، مجيب سنڌي ادا مجيب تمام زبردست.....سرمد سنڌي کي سنڌ ڪڏھن به نه وساريندي ھو سدائين سنڌين جي دل ۾ رھندو. سرمد سنڌي اسان سان گڏ نه ھوندي به ساڻ محسوس ٿيندو آھي، سندن جا ڱيت ھر نوجوان توڙي پوڙھي جي جسم ۾ ھڪ انقلاب برپا ڪندا آھن
جواب: قومي گيت سنگيت ۽ سرمد ،،،،، مجيب سنڌي ڏاڍو ساريندي منهنجي مئي کانپوء ۽ ها پوء سنڌ کيس ساري ٿي، هن جو آواز امر آواز آهي۔ سرمد هڪ اهڙو آواز جنهن جي مڌرتا تي هر سنڌي عاشق هيو، آهي ۽ رهندو۔ سندس آواز ۾ ڪو جادو رکيل هو جنهن ٻڌو اهو سندس ديوانو بنجي ويو۔ سرمد سنڌي موسيقيء کي نوان لاڙا ڏنا۔ هو نوجوان نسل ۽ انقلاب پسندن جو ته پسنديده ڳائڻو هو۔ ادا مجيب جون مهربانيون جنهن سنڌ جي سدا حيات راڳي جي ورسيء جي مهيني ۾ اهڙو سهڻو ليک ونڊ ڪيو آهي۔