دوستو۔۔!!! جيئي سنڌ اڄ صبح ھلندي ھلندي سسٽم جواب ڏئي ضد ڪري بيھي رھيو۔ :hitwall: مان به گھڻي ئي ڪوشش ڪئي پر ڊسپلي بلڪل نه پيو اچي۔۔۔۔۔ڳاڙھي بتي ٻاري سسٽم بيھي رھيو آ۔ نوٽ مان ته ھن مسئلي کي اصلي گرڙي ڪندو آھيان :chilli: پر سڀ ھيلا ڪري ڏٺا مانس :bounce-grn: تڏھن مجبور ٿي سنڱت کي تڪليف ڏئڻي پئي۔۔۔۔سو دوستو ڪو ڏس پنڌ۔؟؟؟؟؟
جواب: محترم دوستو۔۔!! سسٽم ڊسپلي ڪون ٿو ڏئي۔ ساڳيو مسئلو منهنجي ننڍڙن به ٻڌايو۔۔۔ مون کين سسٽم ميموري (ريم) ڪڍي صاف ڪري لڳائڻ جو مشوري ڏنو پر خبر ننڍڙن ٻڌايو ته ان سان به حل به نه ٿيو۔۔ ته هنن اي جي پي گرافڪس ڪڍي صاف ڪري لڳايو۔۔ ته سندن مسئلو حل ٿي ويو۔۔۔ اصل ۾ اسان وٽ صفائي نه هجڻ ڪري ۽ مٿان ٿڌ جي اضافي ڪري سسٽم گهمجي وڃي ٿو۔۔ ۽ هوام ۾ نمي سسٽم ۾ ايندڙ مٽي سان ملي مشين ۾ موجود ايڪسٽرا پرزن ۽ سلاٽن کي پاور گذارڻ کان روڪي ٿي۔۔۔ ان ڪري مٿي ٻڌايل پرزن کي صاف ڪرڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو۔۔ ٻي صورت ۾ پوري مدر بورڊ کي مٽي جي تيل يا صرف واري پاڻي سان صاف ڪري اس تي رکي ڇڏجڻ سان به مسئلو حل ٿي ويندو۔۔ پر ياد رهي ته اهڙي صورت ۾ پروسيس ۽ ريم سميت ايڪسٽر ڪارڊ الڳ ڪرڻ گهرجن۔۔۔
جواب: محترم دوستو۔۔!! سسٽم ڊسپلي ڪون ٿو ڏئي۔ سائين مان اوھان جي ٻڌايل تريقي تي عمل ڪريان ٿو، ڪوشش ڪري سڄي بورڊ کي به گاسليٽ سان صاف ٿو ڪريان۔ ڏسجي ته ڳالھ ڪٿي ٿي پھچي، اصل ۾ مان ھارڊويئر ڪجھ گھٽ ڄاڻيندو آھيان۔ ان جي ڪري اڪثر سسٽم پنھنجي دوستن کان ئي ٺھرائيندو آھيان۔۔۔۔۔منھنجو دوست ڳوٺ ويل آھي ڊسمبر جون موڪليون گذارڻ نه ته اوھان کي بلڪل به مان تڪليف نه ڏيان ھان۔۔۔۔۔مھرباني
جواب: محترم دوستو۔۔!! سسٽم ڊسپلي ڪون ٿو ڏئي۔ ادا عاشق ، ادا رشيد جو مشورو بهترين اهي توهان جي لا۽ سدائين گڏ