• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

برسات تي شاعري

علي رضا جوکيو

سينيئر رڪن
برسات تي چاڳلي جوکئي جي شاعري

گوڙ ڪري گڏاپ تي ڪيائين ڪونڪر تي ڪار .
ٿــــــــــيــو جمڪو جنئي ۾ ڪيائين لٽ تي للڪار.
مند هن مينهن جي هـــــئي ڪــــــــــــراچي تي قطار.
اچــــــــي لٿــــــــــــــو لانڍي تان ٿـــــيا پپــــري ۾ پيار..
مٺي يار محـــــــبوب جـــــــــــا ٿيا ڌاٻيچي ۾ ديدار.
فٽا گل گــــــهاري ۾ آيـــــــــــــــــــــو ميگهه ملــــــــهار..
ٺـــــڪـــــــــا ٿـــــيو ٺــــــــــٽي ۾ سائين سچو سردار.
وڃـــــــــي ســــڙيو سجـــــــــــــاول ۾ ڌسي پيو ڏاتا.
بچا بند تي بنديچو چئي هئي ڪمين جي قطار.
ڪمائي وڌائيون ڪيسي ۾ ڪي هارين جا هزار.
سمبئي نکـــــــتا سنڌ مـــــــــان ڪي ظالم زميدار.
وڃي کيٽ کيڙيائون ، جنهن ۾ وندائون جاني جوار.
پوڱ پچــــــــڻ لاءِ رکيــــــــــــائون قرب جو ڪــــــمدار.
ماڻهن جو مال مڙيون اچيو بند ڪــــــــــــــري بيلدار.
پڪيون ساريون سنڌ جون مونجا موٽيا آهن ميهار.
ويـــــــو ســــــاوڻ آيـــــــو ســــيارو، پيا ڌٻـــــڻ ۾ ڌراڙ.
ڌسي هن بيت جو پيار شاباس ڏيو هن شاعر کي،
 
جواب: برسات تي شاعري

ڏسي هن بيت جو پيار شاباس ڏيو هن شاعر کي،

شابس هجي شاعر کي، جنهن سنڌ جي آسمان تي ايندڙ ڪڪرن ۽ مينهن جي منظرنگاري ڪئي آهي، تتبع لطيف وارو آهي ۽ مقصد به لطيف وارو ۔۔۔ جنهن ۾ لطيف سرڪار مينهن جي موسم کي پوري دنيا جي آسمان تي نظر گهمائي ڏٺو ۽ آخر ۾ چيائين؛

سائين! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا! دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين۔

هن نظم ۾ پڻ ۔۔۔ سنڌ جي آسمان تي نظر ڊوڙائي سنڌ جي ڌرتيءَ تي وڏيرن جي ظلم تي آڱر کنيل آهي ۔۔۔

سمبئي نکـــــــتا سنڌ مـــــــــان ڪي ظالم زميدار.
وڃي کيٽ کيڙيائون ، جنهن ۾ وندائون جاني جوار.
پوڱ پچــــــــڻ لاءِ رکيــــــــــــائون قرب جو ڪــــــمدار.
ماڻهن جو مال مڙيون اچيو بند ڪــــــــــــــري بيلدار.

پر هن نظم جي لکندي ڪجهه صورتخطيءَ جون غلطيون ڪيون ويون آهن، اهي ڪڍيون وڃن ته هي نظم اڃان وڌيڪ جاندار ٿي پوندو۔

لک ٿورا ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top