ڪينيڊا ۾ هوا ۾ اڏامندڙ ديو جيڏيون مڇيون ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻيل رهيون، خطرناڪ شارڪس ۽ مڇيون عام طور تي پاڻي ۾ ترندي ملنديون آهن پر تازو ئي ڪينيڊا ۾ آبي حيات پاڻي ۾ ترڻ بدران هوا ۾ اڏامندي نظر آئي. ماڻهن جي تفريح لاءِ هڪ مقامي شاپنگ مال ۾ خاص طور تي تيار ڪيل ديو جيڏيون شارڪس ۽ مڇيون ريموٽ ڪنٽرول ذريعي هوا ۾ اڏايون ويون جن ۾ هيليم گئس ڀري وئي هئي جنهن جو هوا ۾ اڏامڻ جو اندازو به اهڙو ئي هو ڄڻ اهي پاڻي ۾ ترقي رهيون هجن.