حڪيم محمد يوسف کتري
سينيئر رڪن
ڦودنو
عربي فودنج هندي
فارسي فلفل مون
بنگالي:پودينه
گجراتي اردو پودينه
انگريزي: Peper mint
لاطيني: Mentha Arveniasis
خاندان: Labiatae
سڃاڻپ
هي عام ڦودنو آهي جيڪو بڪر ۾ استعمال ٿيندو آهي هن جي باقائدي پوک ٿيندي آهي.بڪر مارڪيٽ ۾ عام جام ملي ٿو.پوري سنڌ ۾ پوکيو وڃي ٿو.موسم هي گھڻو ڪري مارچ ۾ پوکيو وڃي ٿو جولائي کان اڪٽوبر تائين ٻه لوب لڻائي ٿو.
مقام پيدائش : سنڌ کان سواءِ چين ايشيايورپ ۾ جام ٿئي ٿو.
جز مستعمل:سبز ۽ سڪل ٻوٽو استعمال ٿئي ٿو
مقدارو خوراڪ 3 کان 6 گرام تائين
مزاج : گرم خشڪ بي درجي ۾
فائدا
هي ٻوت جيڪڏهنليپ ڪيو وڃي ته هن جو اثر مخدر آهي سنڌن جي سور ۽ پيٽ جي سور ۾ مفيد آهي.جراثيم ڪش الٽي روڪيندڙ هاضم پيشاب آوربخارر لاهيندڙکنگھ ۽ ڪينسر ۾ ۾ به ٿورو گھگھڻو فائدو ڪري ٿو.ڳڍڙين اکين جو اٿڻ بدهضمي ڀرتي ڪن جو سور الٽي،انفلائنزا،سائي حلق جو ورم معدي جي ڪينسر دم ۾ به مفيد آهي گردي ۽ جگرتلي ۽ ڳوڙهين م ڪارائتي آهي.
جديد معلومات
ڦودنو ڪافي طبيب استعمال ڪندا اچن حڪيم اجمل ڪهان ۽ سندس خاندان گھڻو ڪري ،9 گرام تازو ڦودنو،ياگھوٽي 30 ملي لٽر رس الرجي ۾ کارائيند هئا.هت الرجي مان مراد منهنجي خيال م ڇپاڪي ۾ ڦودني کان بهتر ڪابه دوا نه آهي.ڦودني جي انهيءَخاصت کي مدنظر رکنديقرشِ دواخاني وارن الر جيڪس دوا ايجاد ڪئي آڪي جيڪا انتهائي مؤثر آهي.
ڪيمائي جزا
هن مان تيل ڪڍيو وڃي ٿو.جنهن کي ڄماڻ سان مينٿول يعني ست ڦودنو ڌار ٿي وڃي ٿو.تيل ۾ ميٿئل ايسي ٽيٽ،مينٿون معمولي مقدار پائيپريتو جو هوندو آهي.هن جي تيل ۾ ست ڦودنو 44.8ميٿائل ايسي ٽيٽ24.4مينٿون 34.6هائيڊرو ڪاربان 6.2 هوندو اٿس.
مفرد علاج
جلدي نفث الد م
چمڙي مان رت وهندڙ هجي ۽ بند نه ٿئي ته ڦودنو پيهي سرڪو ملائي،ليپ ڪرڻ سان رت بيهي رهي ٿو
طرفو يعني اک ۾ رت ڄمي پوڻ .ڦودني جو پاڻي اک ۾ ٻه تي دفعا وجھڻسان طرفو ختم ٿي وڃي ٿو.
خفقان ۽ هڏ ڪوئي
دل جي ڌڙڪي ۽ هڏ ڪپئي ۾ ٻه ٽي پن کائڻ سان فائدو ٿي وڃي ٿو۔
مجربات ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي جو ٽنگن جون نسون ڦنڊي پونديون آهن يا ايئن کڻي چئجي ته سڄي پونديون آهن اهڙيءَ صورت ۾ 10 گرام ڦودنو صبح وشام6 مهينا ڪاڙهي پيارڻ سان فائدو ٿي وڃي ٿو
مرڪبات
عرق ڦودنو مرڪب،حب نعناع ،جاورش پودينه،جھب پودينه الرجيڪس قرشي
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڦودنو جبلي اڇو ڦودنو
عربي :ڦودنج خشڪ
پنجابي : بابوري
بلوچي شن شوبي
پشتو شن شابي
انگريزي Horse mint. Mentha Borda
لاطيني Mentha longifolia
خاندان Libiatae
سڃاڻپ
هي جھنگلي ڦودنو آهي جنهن کي سنڌي ۾ سفيد يا اڇو ڦودنو چيو وڃي ٿو.جيڪو گھڻو ڪري سرحد کان جام اچي ٿو اهڙيءَ طرح بلوچستان ۾ به جام ٿئي ٿوانهيءَ ڪري هوگز بولر بلوچستان جي جڙٻوتين جي ڪتاب ۾ هن جو ذڪر ڪيو آهي.پنسارين جي دڪان تان عام جام ملي ٿو.هن جي خوشبو ايتري تيز نه آهي.دوئن ۾ گھڻو ڪري اهوئي استعمال ٿيندوآهي.منهنجي خيال ۾ هاضمي جي دوئن ۾ ٻور وارو ڦودنو وڌيڪ بهتر آهي
موسم هي سانوڻين ۾ ڦٽي ۽ وڌي ويجھي ٿو
جاءِ پيدائش: همليا جبل جي لاهين م 12 سو ميٽر جي بلندي کان 4 هزار جي بلندي تائين ٿئي ٿو
جز مستعمل سڄو ٻوٽوپن ۽ ٻج
مقداروخوراڪ : پن 7 گرام ٻج هڪ گرام
مزاج گرم خشڪ مصلح انجبار حملهعورت کي لاڳيتو کارائڻ سان نقصان ٿي سگھي ٿو.
فائدا:
پيشاب آور پگھر آڻيندڙ،انهيءَ ڪرري دل جي اهڙين تڪليفن جن ۾ سوڃ ٿئي ان ۾ مفيد آهي پيٽ جي ڪيڙن جي پيدائش کي روڪي ٿوساه جي نلي جي سوڃ بک نه لڳڻ دست ۽ پيچش ۾ فائدو ڪري ٿو گردي کي طاقت ڏي ٿو هن جا ٻج رت صاف ڪرڻ ڇاتي ۽ جگر جي بيمارين ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا.بدن جي گرمائش ۽ هٿن پيرن جي سڙڻ ۾ مفيد آهي هڏڪوئي الٽي ڀرتي خارش اکين جي سوڄ ڏندن کي مضبوط ڪري ٿو. دماغي بيمرين ۽ ٻوڙاڻ ، گلي جي سور ۽ ڏٽي جي ابتدائي صورت ۾ لاڳيتو ڪاڙهي پپيارڻ سان ڪافي حد تائين فائدو ٿي وڃي ٿو.الجي ۾ هاصمو خراب هوندو آهي.هن سان هاضمو درست ٿي وڃي ٿو .جنهن ڪري الجي ۾ فائدو ٿئي ٿو .
ڪيميائي جز
ڪشمير مان حاصل ڪيڪل ڦودني جي پنن مان گلابي هيڊو تيل 1.2 سيڪڙو تيل نڪري ٿو ڦودني جي خوشبو مان امريڪا ۾ تيل جي ڇڪاس ڪئي وئي جنهن مان پائيپريٽون آڪسائيڊدئيوس فينو لڌا ويا هي ست ڦودني جي جڳه تي ڪنفيڪشنري جي شين ۾ وڌو وڃي ٿو.