[JUSTIFY] وڃين ڇو وڻڪار؟ هت نه ڳو لئين هوت کي، لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار ، ٿي ستي ٻڌ سندرو، پرت پنهون سين پار، نائئي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو۔ سُر سسي آبري داستان ٽيون بيت نمبر 7 هي شعر مون سائين عرس پريو صااحب جي ونڊ ڪيل شاه صاحب جي شاعر تان کنيو آهي ۔ مون پهريان به عرض ڪيو هو ته شاه صاحب جي اشعارن ۾ جا داستان بندي آهي ان جو مطلب هي به وٺي سگهجي ٿو ته شاه صاحب هڪ داستان کي ڇيڙي مڪمل احوال ڏنو آهي جيئن اسان داستان ٻُڌندا آهيون يا اڳي جڏهن سياري جي راتين ۾داستان کڻي ٻُڌايا ويندا ها ۔ داستان بهترين اهو هوندو آهي جيڪو بهترين نتيجو ڏيندو آهي ۔ سو مون عرض ڪرڻ ٿي ڇاهيو ته شاه صاحب جو ڪو هڪ شعر کڻي ان کي پيش ڪجي ته شايد ان جو مطلب اونهو ٿي وڃي يا اسان ان جي مطلب کان پري هليا وڃون۔ ٻي ڳالھ مون پهريان به اها عرض ڪئي هئي ته جا شي اسان جي علم جي احاطي کان ٻاهر آهي اها ڳالھ سمجهائڻ لاءِ عارفن توڙي سالڪن ڪنهن نه ڪنهن سُر جو سهارو وٺي عام کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۔ ان حوالي سان اوهان جي شاه صاحب کي ڏسندو ته صاف نظر ايندو هر سُر جئين هن سُر کي ئي کڻو هن ۾ اوهان کي هن سُر جو پهريون شعر ئي اوهان کي سسئي جي حالتِ زار جو سبب ٻڌائينوته سسئي کي اهڙي ڪهڙي شي مجبور ڪيو جو هن اهڙن ڏکن جي رستن جو پنڌ ڪيو۔ موضوع جي ڊگهائي جي ڪري انهن اشعارن کي پيش نه ٿو ڪري سهگان ليڪن اوهان ان کي ضرور پڙهي ڏسو۔ٻي داستان ۾ جي اوهان ڏسو ته شاه صاحب سسي جي سڪ کي سهارو ٿو ڏئي ته متان هنن مشڪلات جي ڪري تون هن تان کڻين ۔ هاڻي اڇو شاه صاحب جي هن شعر واري داستان م ته اتي شاه صاحب سسي کي صلاح ڏيندو ٿو نظر اڇي ته راه ٿو ڏيکاري پيو ۽ سسئي کي ٻڌائي ٿو ته پنهون ڇڏيو پوءِ ، جانب ٿي جبل ڳولئين تيلانهين تنگون ڪرين جيلانهين تون جوءِ ساڄن سُڃ نهارئين، ڏُکي ڏوه ڪيو هاڙهي هوت نه هوءءِ وري پُڇ ويٺين کي هن شعر جو صرف ترجمو پيش ٿو ڪريان۔ جيڪو ڪلياڻ آڏواڻي ڪيو آهي۔ پنهونءِ کي پُٺتي ڇڏي ، تون جانيَ کي وڃيو جبل ۾ ٿي ڳولين جنهن صورت ۾ تو پنهنون سان لاؤن لڌيون آهن تنهن صورت ۾ تون سڃ ۾ سٽون ٿي ڏين ۔ اي ڏکن جي ڏڌي تون ساجن کي رُڃن ۾ ٿي ڳولين سو وڏو قصور ٿي ڪرين ۔ محبوب هاڙهي جبل ۾ ناهي تون موٽي وڃي سندس سماءِ انهن کان وٺ جي هڪ هنڌ ويٺا آهن۔ بس هاڻ يجنهن کي هن موضوع کي وڌيڪ سمجهڻو هجي سو وڃي هي اشعار پورا پڙهي جي قڙان جي آيت حبل الوريد جي تفسير آهن۔ جنهن آيت جو ترجمو آهي هوُ يعني الله ته انسان کي ان جي شاه رڳ کان به ويجهڙو آهي ۔ اصل پنهنون ته اهو آهي جنهن جي ڳولا جو رستو شاه صاحب هر ان شخص کي ٿو ڏئي جنهن کي شاه صاحب چيو آهي جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهين نيو من لائين پريان سنڌي پار ڏي۔ اي سسي تون جهر جهنگ ڇو ٿي وڃين پنهنجي دلبر کي هت ڇو نه ٿي ڳولين ٻاروچو تو کان سواءِڪنهن ٻئي پار لڪل ٿورئي آهي جيئن حضرت علي جو فرمان آهي ته هو ڪڏهن غائب رهيو آهي جو ان کي ڳوليو وڃي ۔ پر شاھ صاحب عاشق کي ملڻ جو تريقو اهو ٿو ٻُڌائي ته ٻاروچي کي ڳولڻ لاءِ توکي ستي ٿيئڻو پوندو ۽ پنهون سان ڪيل قول( قالوبلى) وارو قول نڀائڻو پوندوڳالھ چٽي آهي جنهن پنهنجي نفس کي سُڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو۔ وسلام [/JUSTIFY]
جواب: لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار ، سائين لاجواب ڳالهه ڪئي اٿو ۔۔ تڏهن ئي ته ڳائڻ جي انداز ۾ شعر ٿورو مختلف لڳندو آهي ۔۔۔۔۔ توهان شاهه سائين جي شاعري جي تشريح جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ان لاء مهرباني ۔۔۔۔۔۔ لڳي ٿو توهانجو ڪمپيوٽر درست ٿي ويو آهي ۔۔۔ يا ٻيو ورتو اٿو ۔۔۔۔وري فعال ٿيڻ لاء قرب
جواب: لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار ، سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني ڪمپيوٽر ته ساڳيو آهي مڙوئي پيا ڌڪا ڏيونس۔ وسلام
جواب: لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار ، ڏاڏل سائين لک قرب اوهان لطيف سائين جي بيت کي سهڻي نموني سمجهائي قرب ڪري ڇڏيا ۔۔۔۔۔ اميد ته هي سلسلو جاري رهندو۔
جواب: لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار ، سائين وساڻ صاحب پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔ جيسيتائين همت ساٿ رهي ته ڪوشش ڪنداسين ۔ وسلام