وڙهو ته دل سان وڙهو۔۔ نه ته امڙ جي اکين ۾ ڳوڙها نه آڻيو۔۔۔ سردار عطاء الله مينگل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو اهو بس اتفاق هيو جو چينل مٽائيندي ڊان نيوز تي بيهي رهيس جتي بلوچستان نيشنل پارٽي جي چيئرمين سردار عطاء الله مينگل جو انٽرويو هلي ٿي رهيو۔۔۔
    سندس واتان بلوچستان تي ٿيل ظلمن جي داستان به هئي ته سوَ صدما به هيا۔۔ بلوچستان سان ٿيل ناجائزيون اتان جي نوجوانن کي ڪهڙي طرف گهلي ٿي ويون ۔۔ هڪ داستان آهي جيڪو هن پنهنجي مختصر سوالن جي جوابن ۾ ٿي ڏنو۔۔۔ سندس جوابن ۾ ڪاٿي تڪليف هئي ته ڪاٿي ڪاوڙ۔۔ ڪاٿي مايوسي هئي ته ڪاٿي جذباتي پن۔۔ بس هڪ بلوچ سردار جي پنهنجي ڌرتي امڙ لاءِ خيال هئا جيڪي اهي سمجهن کي پنهنجي ڌرتي سان چاهه هجي۔۔۔
    هن پنهنجي انٽرويو ۾ ذڪر ڪيو ته ڪهڙي طرح بلوچستان کي عليحده وطن حاصل ڪرڻ طرف ڌڪيليو ويو آهي۔۔ هن اهو به ذڪر ڪيو ته پاڪستان جو اصل حڪمران ڪير آهي ۽ پراڻن کان ڪم ڪڍي نوان چهرا ڪير ٿو آڻي۔۔
    سندس ڇرڪائيندڙ ڳالهيون 6 حصن ۾ وڊيو طور پيش ڪجن ٿيون۔۔ ٻڌو ۽ معلوم ڪريو ته پاڪستان ۾ رهندڙن جو مسقبل ڪنهن جي هٿن ۾ آهي۔۔۔
    بلوچستان جي نوجوانن کي آخر ۾ سندس پيغام هيو ته ... جيڪڏهن وڙهڻ چاهيو ٿا ته دل سان وڙهو ... نه ته جيجل جي اکين ۾ ڳوڙها نه آڻيو..


    پهريون حصو


    ٻيو حصو


    ٽيون حصو


    چوٿون حصو


    پنجون حصو


    ڇهون حصو

     
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: وڙهو ته دل سان وڙهو۔۔ نه ته امڙ جي اکين ۾ ڳوڙها نه آڻيو۔۔۔ سردار عطاء الله مينگ

    واه واه زبردست
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: وڙهو ته دل سان وڙهو۔۔ نه ته امڙ جي اکين ۾ ڳوڙها نه آڻيو۔۔۔ سردار عطاء الله مينگ

    منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي ليک کي واضح ۽ مختصر لکجي ته جيئن فورم تي ايندڙ رڪن ڄاڻ حاصل به ڪري وٺي ۽ سندس وقت به بچي پئي۔۔۔ پر هن ليک ۾ جيئن ته مڪمل پروگرام جون وڊيوز موجود آهي جيڪي ملائي ڪري 40 منٽن کان مٿي جون آهن اهو ئي سبب آهي جو ڪافي دوستن وقت وڃائڻ مناسب نه سمجهيو۔۔۔
    پر جيئن ته منهنجي نظر ۾ پروگرام ڪافي اهم آهي ۔۔ ان ڪري دوستن کي هڪ دفعو ٻيهر ڏسڻ جي دعوت ڏيان پيو۔۔ جيڪڏهن وقت گهٽ هجي ته ان صورت ۾ صرف وڊيو نمبر 2 ضرور ڏسندا جنهن ۾ سردار صاحب اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ پنجابين کي ڇو ماريو پيو وڃي۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو