• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوڪري۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
week31_011.jpg

هڪ همراهه نوڪري جي ڳولا ڪندي اچي چڙيا گهر پهتو۔۔ جتان جي انتظاميه کي اڳ ئي جانورن جي گهٽتائي ڪري الجهيل هئي۔۔۔ ان ڪري کيس چيائون ته ”ٺيڪ آهي توکي نوڪري ملي ويندي۔۔ بس تون اڄ کان ئي ڀولو جو لباس پائي چڙيا گهر ۾ ايندڙ ماڻهن اڳيان ٺينگ ٽپا ڏئي کين ريجهاءِ۔۔۔“

همراهه جي راضي ٿيڻ تي کيس ڀولي جو ميڪ اپ ڪري لباس پارائي پنڃري ۾ موڪليو ويو۔۔ ماڻهون هن جي پنڃري ڀرسان هن کي چيڙائيندا رهيا ۔۔ کائڻ پيئڻ جو شيون سندس ڏانهن اڇلائيندا رهيا۔۔۔
همراهه به ساڻن کيڏ ڪندو آواز ڪڍندو رهيو ۔۔ پر اچانڪ پنجري ۾ موجود وڻن تي ٽپا ڏيندي پنهنجو بيلنس روڪي نه سگهيو ۽ شينهن جي پنڃري ۾ ڪري پيو۔۔۔
شينهن گراڙ وارو آواز ڪڍندي همراهه ڏانهن ڏٺو۔۔ ته همراهه ڊڄي ويو۔۔۔ ۽ ”بچايو ۔۔ بچايو“ جو رڙيون ڪرڻ لڳو۔۔۔۔
شينهن هن ڏانهن ٽپو ڏنو ۽ کيس ڪيرائيند پنهنجي ٻئي پنجا همراهه جي ڇاتي رکندي چيو۔۔ ”پنهنجو وات بند ڪر نه ته ٻئي نوڪري مان وينداسين۔۔۔! :smile:
 
جواب: نوڪري۔۔

ههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه
ها وات بند ڪر متان توهان کي نوڪري تان لاهي چڏن
 
جواب: نوڪري۔۔

ها ها ها ها ۔۔۔۔۔ ههههههه

مطلب ته ٻئي نوڪريءَ تي هيا ۔۔۔۔ هل ته سهي ۔۔۔۔ اها خبر به پئجي وئي ته چڙيا گهر ( پاڪستان اسيمبليءَ) ۾ اڪثر جانورن جي ڀيس ۾ پاڻ وارا يار هوندا آهن، يا وري انسانن جي ڀيس ۾ جانور ۔۔؟؟؟؟

يار رشيد اهو به ڀلو ونڊ
 
جواب: نوڪري۔۔

هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

هاء ڙي زندگي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيئڻ لاء ڇا ڇا نه ٿو ڪرڻو پوي ۔۔۔۔
 
جواب: نوڪري۔۔

وڃ ڀڻآ مطلب ته نهلي بي دهلاااا واه ادا واه تمام بهترين
 
جواب: نوڪري۔۔

هههههههههههههههههههههههههها واهه ادا واهه سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان
 
Back
Top