ها ادا رحيم توهان جي صحيح ڳالهه آهي ته ڪالهه کان اڄ کان پو جو اهو ئي جواب آهي جيڪو توهان لکيو آهي ان کان پو ٻيو ڪو جواب نه ٿو ملي۔
ها ادا رشيد ادو رحيم صحيح ٿو جواب ڏئي جنهن جي جواب مان آئون متفق آهيان باقي توهان سڀاڻي انتظار ڪرڻ جو چيو آهي سو اسان انتظار ڪنداسين توهان جي جواب اچڻ جو بي صبري سان انتظار رهندو۔
ادا رشيد توهان جي سوال جو جواب ته عمران درويش به جواب ڏئي ڇڏيو پر خبر نه آهي ته توهان جو جواب ڪهڙو آهي جيڪو تمام ڏکيو جواب محسوس پيو ٿئي ۽ ان ڪري اڄ جي ڏينهن جو توهان چيو هو پر هاڻ رات تائين انتظار رهندو ته توهان جو ڇا جواب آهي۔
سائين رحيم بخش جواب جي بلڪل ويجهو پهتا هئا۔۔۔ بس ٿوري وضاحت نه ڪرڻ ڪري مطمئن نه ڪري سگهيا۔۔۔
دراصل ذيشان جي ڄمڻ جي تاريخ 31 ڊسمبر آهي۔۔۔ جڏهن ته عنوان وارو سوال پهرين جنوري تي پڇيو ويو ۔۔۔
ان تحت جواب مطابق ڪالهه کان اڳ يعني 30 ڊسمبر تي ذيشان 15 سالن جو هيو۔۔۔ ۽ ڪالهه يعني 31 ڊسمبر تي هي 16 سالن جو هيو۔۔ اهڙي طرح هن سال 31 ڊسمبر تي ذيشان 17 سالن جو ٿيندو ۽ ايندڙ سال 31 ڊسمبر تي هُو 18 سالن جو ٿيندو۔۔۔
اميد ته سڀاڻي جي مفروضي کي به سمجهي ويا هوندو۔۔۔ :wave: