عرفان ديشي
سينيئر رڪن
اڄ سنڌ جي ان ٻيجل جي ورسيءَ جو ڏينهن آھي جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جيجل ۽ ان جي ماروئڙن کي ڳائيندي گذاري ڇڏي، سنڌ وجو اھو امر راڳي سرمد سنڌي اڄ سنڌ جي ھر سنڌي ماڻهونء کي ته ياد آھي پر افسوس سان اھو ٿو چوڻو پوي ته جنهن جو نالو دنيا ۾ روشن آھي ته ان جڳھ تي وري ثقافت کاتي پاران ڪو به پروگرام سندن ورسيء جي حوالي سان ناھي رکيو ويو،
ڪجھ ڏينهن اڳ جسقم جي دوستن جو موبائيل جا ميسيج پيء آيا ته اسان جسقم جي پليٽ فارم تان سرمد سنڌيء جي ورسيء جي حوالي سان ڪو پروگرام ڏسڻ چاھيون ٿا، ٻئي ڏينهن تي جسقم چيئرمين بشير خان قريشي اعلان ڪندي چيو ته 27 ڊسمبر ته گھگھر فاٽڪ وٽ سرمد جي ورسيء جي حوالي سان پروگرام رکيو ويو آھي،
ساڳي وقت وري فيسبوڪ جي ھڪ گروپ چيٽ ۾ چيٽ ڪندي سعودي عرب جي ھڪ دوست اھو پڻ چيو ته سرمد سنڌي جو ننڍو ڀاء احمد مغل جيڪو گذريل مهيني کان جده سرمد سنڌيءِ جي نيت سان عمري جي ادائيگي ڪرڻ جي حوالي اتي رهيل آھي سندن دعا ڪجوس ته خير خيريت سان عمرو ادا ڪري سندن ته پاڪ وطن سنڌ موٽي اچي،
توهان سڀني کي گذارش ٿو ڪيان ته سرمد سنڌي جي روح کي ثواب پھچائڻ لاء سندن سڀ سنڌي ڀائرن مغفرت جي دعا ڪجو ۽ سندن ڀاء احمد مغل لاء پڻ دعا ڪجو ته خير سان عمرو ادا ڪري پنهنجي پاڪ وطن سنڌ موٽي اچي مهربانيون