• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جنهنجو ظرف جهڙو ڏاڏل تنهنجو تهڙو وطن

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
هر شخص پنهنجي ذات تي پاڻ نگران آهي
تنهنجو پنهنجو، منهنجو پنهنجو بيان آهي

ڪنهن کان ڇا پڇجي پنهنجو حالِ دل
تنهنجو تو تي منهنجو مون تي عيان آهي

جنهنجو جهڙو خدا تنهنجو تهڙو ايمان
منهن سان سڀڪو چوي ٿو مسلمان آهي

تون ۽ مان زبر پر آهيون برابر بد نظر
تنهنجو دل به منهنجو دل به جوان آهي

جنهنجو ظرف جهڙو ڏاڏل تنهنجو تهڙو وطن
تنهنجو عليحده منهنجو عليحده جهان آهي​
 
جواب: جنهنجو ظرف جهڙو ڏاڏل تنهنجو تهڙو وطن

هر شخص پنهنجي ذات تي پاڻ نگران آهي
تنهنجو پنهنجو، منهنجو پنهنجو بيان آهي


واهه سائين ڏاڏل ۔۔۔۔۔۔

سهڻا خيال ۔۔۔۔ واقعي هر ڪنهن جو پنهنجو منهن آهي۔
 
جواب: جنهنجو ظرف جهڙو ڏاڏل تنهنجو تهڙو وطن

تون ۽ مان زبر پر آهيون برابر بد نظر
تنهنجو دل به منهنجو دل به جوان آهي

ها دل ته جوان آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ دل ته ڪڏهن به پوڙهو نه ٿيندو آهي

ڏاڏل جي هڪ وڌيڪ لاجواب شاعري
 
جواب: جنهنجو ظرف جهڙو ڏاڏل تنهنجو تهڙو وطن

هر شخص پنهنجي ذات تي پاڻ نگران آهي
تنهنجو پنهنجو، منهنجو پنهنجو بيان آهي


ادا ڏاڏل تمام بھترين ۽ حق سچ۔
 
Back
Top