سرجيس ته سور ......... تحرير : سليمان وساڻ اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي ان عظيم هستيء جي ورسيءَجو ڏينهن آهي جنهن جي شهادت تي سموري دنيا کي پار ڪڍي روئيندي ڏٺو اٿم. هوء جنهن کي عوام سان ايترو چاهه هوندو هو جو سنگينن ۽ بندوقن کان به نه ڊڄندي عوام جي ويجهو هلي ويندي هئي، هوءَ جيڪا پنهنجو پاڻ کي عوام کانسواء اڌورو سمجهندي هئي، هوءَ جيڪا ملير جي ماروي هئي، هوءَ جيڪا بهادريء جي علامت هئي، هوءَ جيڪا سنڌ جي راڻي هئي. سنڌ جي مردم خيز مٽي اهڙين عظيم، اڏول ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي شاندار ڪردار ۽ عمل وسيلي دنيا ۾ سنڌ کي وڏي مڃتا ڏياري آهي. اهڙن عظيم ڪردارن جي ڪري پنج هزار سال پراڻي سنڌوءَ جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جي وارثن ۽ ڌرتي ڌڻين جو سدائين ڳاٽ اونچو رهيو آهي. اهڙن امر ڪردارن ۾ سنڌ راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو نالو مُهڙ جي شخصيتن ۾ شامل آهي. هن 21 جون 1953 ۾ ڪراچي شهر ۾ ڀٽي خاندان جي گهر ۾ جنم ورتو هو. قدرت کانسواءِ ڪنهن کي به اندازو نه هو ته هيءَ ٻارڙي هڪ ڏينهن عالمي سياسي مفڪرن ۽ اڳواڻن ۾ هڪ منفرد حيثيت ماڻيندي. هوءَ بهادري جو اعلا مثال هئي. هوءَ عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهندي هئي. هن جو ويساهه سدائين عوام ۽ جمهيوريت ۾ رهيو ۽ ان ئي جمهوريت جي راهه تي هلندي شهادت ماڻي امر ٿي وئي. هوء جڏهن عوام کان پري ٿيندي هئي ته پاڻ کي ڪنهن قيد ۾ ڀائيندي هئي. 18 آڪٽوبر 2007 جو ڏينهن مون کان نه وسرندو جنهن ڏينهن هوءَ جلاوطني ختم ڪري پنهنجي ملڪ پاڪستان عوام ۾ واپس آئي ۽ تمام گهڻو خوش هئي، سندس خوشي جي اهڙي انتها هئي جو سندس اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها وهي نڪتا هئا. جيڪڏهن سندس زندگيء جو مطالعو ڪيو وڃي ته سڄي جدوجهد هڪ لفظ جي ئي چوڌاري ڦرندي نظر ايندي ۽ اهو لفظ آهي ”جدوجهد، جدوجهد ۽ جدوجهد“ جنهن جي معنى آهي ته هر قدم اڳتي لاءِ وڌي ۽ وک وک تي نئين منزلن کي جنم ڏجي. سندس حياتي شاهه لطيف جي ان بيت جي عڪاسي آهي: سرجيس ته سور، سامايس ته سک ويا اهي ٻئي پور، مون نماڻيء نصيب ٿيا محترمه جو جنم ته هڪ دفعو 21 جون تي ٿيو هو پر سندس موت ڪيئي دفعا ٿيو، پر هر دفعي هڪ نئون جوش ۽ حوصلو بڻجي عوام جي سگهه بڻيو. هن جو موت ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت، شاهنواز جي شهادت ۽ مرتضى جي شهادت وقت به ٿيو هو. هن جو موت ته 18 آڪٽوبر 2007 تي سندس وطن واپسي تي به ٿيو جنهن ۾ هن تي قاتلسڻو حملو ڪيو ويو جنهن ۾ سندس ڪيئي جانثار شهيد ٿي ويا پر هوءَ پوء به ڪڏهن ڪانه ڊني. پر 27 ڊسمبر 2007 وارو ڏينهن کيس جسماني طور اسان کان هميشه لاء جدا ڪري ويو، پر سندس ڏنل فڪر اسان سان هر وقت رهندو، سندس يادون اسان کي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون. بقول اين ڊي خان جي ته گُل ته 27 ڊسمبر تي وکرجي ويو هو. ڳاڙهيون پتيون وکري ويون. سڄو چمن اجڙي ويو هو. سڄي زمين سڙي وئي هئي پر گُل جي خوشبو زنده آهي. اها آزاد آهي. خوشبو کي ڪير قيد نٿو ڪري سگهي. هُوءَ ڪلهه به زنده هئي اڄ به زنده آهي ۽ سڀاڻي به زنده رهندي. هن کي هميشه سائو ۽ آسماني رنگ پسند هوندو هئو، سندس هڪ ٻي پسند هئي گلاب جا گل. اڄ تاريخ شاهد آهي ته سندس لحد تي هر وقت تازه گلاب وکريل آهن بلڪل ايئن جيئن سندس شهادت وقت به گلن جو هار سندس ڳچيءَ ۾ پاتل هيو. بينظير ته ڄمندي ئي بينظير هئي، جيئري به بينظير هئي ته شهادت کانپوءِ به بينظير آهي. ڇو جو هوءَ هئي ئي بينظير. محترمه بينظير ڀٽو رڳو هڪ شخصيت نه پر فڪر جي تحريڪ هئي جنهن فڪري تحريڪ ۾ ماڻهو مرڻو ناهي پر هر هر جنم وٺي ورڻو آهي. ماڻهو ته گهڻائي آهن دنيا ۾ ايندا ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي تاقيامت تائين وساري نٿو سگهجي ۽ سندن وڇڙڻ جو غم هميشه رهي ٿو شهيد محترمه بينظير ڀٽو به اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ هئي جيڪا دلين ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿي هجي.
جواب: سِرجيس ته سور ۔۔۔۔ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي چوٿين ورسيء تي ڀيٽا رب العالمين سنڌ جي راڻيءَ جي مغفرت ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين ڪاش محترمه زنده هجي ها ته هن وقت جيڪا جمهوريت جي حالت ۽ قومي ڦرلٽ آهي، ان تي ڪو فرق پوي ها ۔۔۔ جيتوڻيڪ سندس پويان حڪومتي دور ڪا خاص تبديلي آڻي نه سگهيا هيا، بلڪه سندس ئي دور ۾ ڀٽي خاندان جو هڪ ٻيو ڏيئو گل ڪيو ويو هو، پر هن دفعي جڏهن هوءَ جلاوطنيءَ جا ڏينهن گذاري ماروئڙن جي ڏکن جو تدارڪ ڪرڻ آئي هئي ته کيس برداشت نه ڪيو ويو ۽ شهيد ڪري سنڌي ماروئڙن کان ازلي جدا ڪيو ويو ۔۔۔ ۽ انهن جي جاءِ تي ڪوڙن ڪانئرن اچي ديرا ڄمايا آهن ۔۔۔ ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو، وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو۔
جواب: سِرجيس ته سور ۔۔۔۔ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي چوٿين ورسيء تي ڀيٽا مهرباني ادا سليمان سنڌ جي راڻي کي ڀيٽا موڪلڻ جي۔