انٽرنيٽ تي برائوزنگ وقت ڪافي دفعا ائين ٿيندو آهي جو ڪا تصوير هوندي ته فائدي واري آهي پر ننڍي هجڻ ڪري ان جا ڪافي حصا نه ڏسي سگهبا آهن ۽ نه وري پڙهي سگهبا آهن۔۔ ۽ وري جي اها صورتحال اسان واري جهوني علي علي اڳيان هجي ته کيس شڪ ٿيڻ شروع ٿيندو آهي ته کيس هاڻي وڌيڪ نمبر وارو چشمو وٺڻ گهرجي۔۔۔
اهڙي صورتحال لاءِ مان توهان لاءِ کڻي آيو آهيان هڪ بهترين سائيٽ جيڪا توهان جي تصوير کي پنهنجي موجوده سائيز کان ڪافي دفعا وڏي ڪري اهڙي طرح پيش ڪري ٿي جو ان جي ڪوائلٽي بلڪل به متاثر نه ٿي ٿئي۔۔۔ Zoom It نالي هن سائيٽ تان جڏهن سنڌ سلامت جو هيٺيون پيغام پڙهيم ته نتيجو حيران وجهندڙ لڳو۔۔۔
جيڪڏهن توهان به اهو پيغام وڏي سائيز ۾ پڙهڻ گهرو ٿا ته بس هتي ڪلڪ ڪري سائيٽ جو ڦيرو ڀريو۔۔۔ ۽ مائوس سان کاٻي پاسي ڪلڪ ڪري تصوير کي وڏو ڪندا وڃو... بلڪل ائين جهڙوڪ توهان گوگل ارٿ تي هجو... ان کانسواءِ سائيٽ جي مرڪزي صفحي تي اچي ٻين طرفان آندل تصويرون يا وري پنهنجي ڪا به تصوير کي ڪريئٽ ڪرايو۔۔ ۽ بهترين نيتجو ڏسو۔۔
تفصيل لاءِ وڊيو پڻ حاضر آهي ۔۔۔