• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فري ريپڊ شيئر ۽ ميگا شيئر لاءِ زبردست سافٽويئر

ابو زين

سينيئر رڪن

هي فري ريپڊ شيئر ۽ ميگا شيئر لاءِ بهترين سافٽويئر آهي. بس هن ۾ توهان لنڪ کي پيسٽ ڪريو، بلڪه توهان پيسٽ ڪرڻ جي ضرورت به نه پوندي، توهان صرف ڪاپي ڪريو، پيسٽ هي پاڻ ئي ڪري وٺندو ۽ جيڪا ريپڊ شيئر جي ٽائيم لمٽ آهي، اُها هي پاڻ ئي لڳائي ڇڏيندو ۽ آٽو ڊائون لوڊنگ شروع ٿي ويندي.

freerapiddownloader.jpg


يقينا ريپيڊ شيئر جي فري يوزرس لاءِ هي هڪ بهترين سافٽويئر آهي. آزمائش شرط آهي.

هن سافٽويئر لاءِ توهان کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ جاوا انسٽال ڪرڻو پوندو.

graphic1fb.jpg



هن سافٽويئر جا هيٺيان فيچرز آهن:

support for concurrent downloading from multiple services*
downloading using proxy list*
download history*
smart clipboard monitoring*
automatic checking for file's existence on server*
auto shutdown options*
automatic plugins updates*
simple CAPTCHA recognition*
works on MS Windows, Linux and MacOS*
easy to use*
multilanguage interface - Czech, Brazilian portuguese, Danish, English, French, German, Hungarian, Chinese, Indonesian, Italian, Japanese, Polish, Russian, Slovak, Spanish, Turkish, Ukrainian*
looks amazingly*
simply works!*


Portable Free Rapid Downloader 0.82 Build 421

جاوا هتان ڊائونلوڊ ڪريو


 
تمام بهترين شيئرنگ آهي جاني
لاجواب سهڻا سائين
يار تون ته صفا اصلي لڪيل رستم نڪتي
توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو

جزاڪ الله
 
مٺا ابوزين توهان به اسان ڪنگ سان ڪنگ سڏائيندا اچو ته پاڻ ملي ڪري سند سلامت کي ڪامياب ڪيون ۽ پنهنجي سنڌ ي دوستن ڀائرن کي ورلڊ جي مشهور شيئن جا راز کوليون ۽ استعمال جو طور طريقا به سمجهايون
 
اڙي ادا توهان جي هي تحرير پڙهي ته ادا علي علي بغليون وڄائيندو۔۔۔۔
سندس ڪمپيوٽر ۾ ڪو سافٽويئر انسٽال ته ٿيندو ڪونهي پر ريپرڊ شيئر تان مفت ۾ سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ جو اصل ديوانو آهي ۔۔۔۔ ڪئي دفعا ادا جهانداد کي اڪائونٽ ڏيڻ لاءِ منٿون ڪيو اٿائين ۔۔۔ هاڻي ته اصل واڇون ئي ٽڙي ويندس۔۔۔
 
واه ادا ابوزين توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو ۔
مان سر رشيد کان جڏهن به اڪائونٽ وٺندو هيم بس 5 ڏينهن مس هلندو هو۔
پر هن سافٽويئر ذريعي مان ڪيفي تان جلد جلد ڊائونلوڊنگ ڪري وٺندم
 
مٺا ابوزين توهان به اسان ڪنگ سان ڪنگ سڏائيندا اچو ته پاڻ ملي ڪري سند سلامت کي ڪامياب ڪيون ۽ پنهنجي سنڌ ي دوستن ڀائرن کي ورلڊ جي مشهور شيئن جا راز کوليون ۽ استعمال جو طور طريقا به سمجهايون

ادا سائين جهانداد (ڪنگ) اسان ته هر وقت انهيءَ ڪوشش ۾ هوندا آهيون ته ڪنهن طريقي سان سنڌ سلامت فورم کي بهتر کان بهتر بڻائجي.. باقي توهان جي مقابلي ۾ اچڻ جي اسان ۾ سگهه ناهي..... مهرباني
 
اڙي ادا توهان جي هي تحرير پڙهي ته ادا علي علي بغليون وڄائيندو۔۔۔۔
سندس ڪمپيوٽر ۾ ڪو سافٽويئر انسٽال ته ٿيندو ڪونهي پر ريپرڊ شيئر تان مفت ۾ سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ جو اصل ديوانو آهي ۔۔۔۔ ڪئي دفعا ادا جهانداد کي اڪائونٽ ڏيڻ لاءِ منٿون ڪيو اٿائين ۔۔۔ هاڻي ته اصل واڇون ئي ٽڙي ويندس۔۔۔

ڀلي پيو ادو علي موجون ڪري….. ڇا ياد ڪندو اسان کي….
 
ان جي باوجود جو ڪجهه حلقا ريپڊ شيئر کي سٺي نظر سان نه ڏسندا آهن پر ريپڊ شيئر جي مقبوليت پڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۔۔۔۔ هوئن به هن سائيٽ تي توهان آساني سان پنهنجيون وڏي سائيز جون فائيلز اپلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
ڊائونلوڊنگ دوران ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ جو بهترين حل ته آهي ئي اهو ته توهان اڪائونٽ خريد ڪريو۔۔۔۔ ۽ شايد ان ڪري ئي ريپڊ شيئر تي مونجهه ۽ مسئلا رکيا ويا آهن۔۔۔ پر هڪ مشهور مقولي ” زخم به پاڻ ڏين ته مرهم به پاڻ ئي لڳائين“ وانگر اهڙن مسئلن جا حل به نيٽ تي موجود آهن ۔۔۔
ادا ابوزين جي بهترين سافٽويئر کان پوءِ هڪ ٻيو سافٽويئر پڻ منهنجي نظر مان گذريو سوچيم اهو به سنگت کي فائدو ڏئي سگهي ٿو ۔۔۔۔ خاص طور انهن دوستن کي جن مون کي ذاتي پيغام يا وري فون ڪري ريپڊ شيئر جي اڪائونٽ جي درخواست ڪئي۔۔۔

 
مهرباني ادا رشيد توهان جي

تمام سٺو سافٽويئر آهي پر ان ۾ وري ڊاٽ نيٽ فريم انسٽال ڪرڻو ٿو پوي .

لاجواب شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

سدائين گڏ
 
Back
Top