سنڌ سلامت جي دوستن کي اسلام وعليڪم دوستو منهجنو هڪ ننڍڙو سوال آهي ته نيٽ ورڪنگ ۾ مون کي سرور ٺاهڻو آهي ته جيئن مان گروپ جي سڀني ڪمپيوٽرن کي آئي پي جي ذريعي نيٽ مهيا ڪري سگهان تنهن ڪري منهنجي رهنمائي ڪندا ته توهان جي مهرباني ٿيندي۔۔
جواب: نيٽورڪنگ گروپ ۾ سرور ڪيئن ٺاهجي ؟؟؟ ادا ارشد هن لنڪ تان هي فائيل ڊائونلوڊ ڪيو http://www.4shared.com/get/VXhQtRQZ/Share_Your_computer_with_other.html اوهان کي سڄي ڄاڻ ملي ويندي۔۔۔۔۔۔۔
جواب: نيٽورڪنگ گروپ ۾ سرور ڪيئن ٺاهجي ؟؟؟ جيڪڏهن توهان DSL تان internet استعمال ڪري رهيا آهيو ته آسان طريقو اهو آهي ته هڪ Network Switch خريد ڪري، ان کي DSL سان ڪنيڪٽ ڪريو۔ پو ٻين ڪمپيوٽرن کي ان Network Switch سان ڪنيڪٽ ڪريو۔ اهڙي طرح سڀني ڪمپيوٽرن تي انٽرينيٽ هلي ويندو۔ وڌيڪ آساني لائي هيٺ ڏنل تصوير کي ڏسو۔
جواب: نيٽورڪنگ گروپ ۾ سرور ڪيئن ٺاهجي ؟؟؟ ادا نويد ۽ ادا عبدالرحيم اوهان جي مهرباني پر منهنجو سوال ٿورو مختلف هيو مان پنهنجي ڪمپيوٽر کي سرور ۽ ٻين ڪمپيوٽرن کي ڪلائينٽ ٺاهڻ ٿو چاهيان جيئن انهن ڪمپيوٽرن کي پنهنجي مرضي سان نيٽ جي اسپيڊ سان گڏ آئي پي ايڊريس ڏئي سگهان ۽ بغير آئي پي ايڊريس جي انهن وٽ نيٽ نه هلي سگهي۔
جواب: نيٽورڪنگ گروپ ۾ سرور ڪيئن ٺاهجي ؟؟؟ ادا توهان جو سوال ايترو سولو نه آهي جو هڪ ئي دفعي جواب ڏيڻ سان سمجهه اچي سگهي۔۔ سنڌ سلامت فورم تي ٻه رڪن نيٽورڪنگ تي عبور حاصل ڪن ٿا هڪ ادا عامر ضياء چارڻ ۽ ٻيو ادا عبدالوهاب قمبراڻي۔۔ توهان کين ذاتي پيغام ڪري فون نمبر ۽ معلومات حاصل ڪريو يا وري کائن وقت گهري ٽيم ويوئر سافٽويئر جي ذريعي معلومات حاصل ڪريو۔۔ ها البته جيڪڏهن توهان اڳ ئي نيٽورڪنگ متعلق معلومات رکو ٿا۔۔ ته منهنجو مشورو آهي ته توهان مائڪروٽڪ سافٽويئر استعمال ڪريو۔۔ مون پڻ ڳوٺ ۾ ان سافٽويئر ذريعي وائرليس نيٽورڪنگ ڪئي آهي جنهن تي وائي فائي ذريعي لڳ ڀڳ 20 ڪمپيوٽر منسلڪ آهن۔۔ مائڪروٽڪ بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سندس سائيٽ جو ڦيرو ڀريو۔۔
جواب: نيٽورڪنگ گروپ ۾ سرور ڪيئن ٺاهجي ؟؟؟ ادا رشيد جي صلاح بلڪل درست آهي۔ جيڪڏهن توهان کي پنهنجو ڪمپيوٽر سرور ٺاهڻو آهي ته ان لائي ڪافي محنت ڪرڻي پوندي۔ ان لا توهان کي سرور تي سڻي ڄاڻ حاصل هجي ته اهو ڪم آساني سان ٿيندو۔ سڀ کان پهرين توهان کي پنهنجي ڪمپيوٽر تي Windows Server 2003 انسٽال ڪريڻو پوندو۔ ان کان پوئي Microsoft ISA Server ان سرور مشين ۾ انسٽال ڪريڻو پوندو۔ ان کان پوئي ان جون پاليسون ۽ رول ٺاهڻا پوندا۔ ان کان پو ايڊريس سيٽ ٺاهڻا پوندا جنهن ۾ توهين سرور کي ٻڌائيندا ته ڪهڙي IP وٽ انٽرينيٽ هلي ۽ ڪهڙي IP وٽ انٽرنيٽ نه هلي۔ ان کان پوئي Schedule ٺاهڻو پوندو آهي ان ۾ توهان وقت مقرر ڪندا ته انٽرنيٽ ڪيترو وقت هلي، ان کان علاوه به ڪافي فنڪشن آهن جيڪي توهان لاڳو ڪري سگهو ٿا۔ سرور جو استعمال اتي هوندو آهي جتي گهڻي تعداد ۾ ڪمپوٽر ڪنيڪٽ هجن، جيئن ڪنهن آرگنائيزيشن ۾ هوندو آهي يا ڪنهن ڪمپني ۾ هوندو آهي۔ گهر ۾ يا پاڙي جي ٻه ٽي ڪمپيٽرن لا سرور ٺاهڻ جي ضرورت نه هوندي آهي۔ اميد آهي توهان کي گهڙي معلومات حاصل ٿي وئي هوندي۔ انٽرنيٽ کي سرور تان هلائڻ جي باري ۾۔
جواب: نيٽورڪنگ گروپ ۾ سرور ڪيئن ٺاهجي ؟؟؟ ادا رشيد اوهان جي مهرباني ۽ ادا عبدالرحيم توهان سٺي ڄاڻ ڏني مان ڪافي دوستن کان ٻڌو آهي ته سرور به ٺهندو آهي تنهن ڪري سوچيم پئي ته ڇو نه تجربو ڪري ڏسجي جيڪڏهن ڪامياب ٿياسين ته انشا الله دوستن جي به مدد ڪرڻ جي قابل ٿينداسين توهان سڀني دوستن جو ساٿ رهيو ته ضرور سکي وٺبو۔۔۔