هو جيڪو سنڌ جو عظيم ادبي استاد به هو! عمر قاضي [JUSTIFY]”عظيم انسانن کي ادارا جنم نه ڏيندا آهن پر عظيم انسان ادارن کي وجود ۾ آڻيندا آهن. بلڪه عظيم انسان پنهنجي ذات ۾ عظيم ادارا هوندا آهن“ مٿيون خيال منهنجي ذهن جو ڪڙو اڪثر کڙڪائيندو رهندو آهي پر هن ڀيري اهو خيال اياز جي ورسيءَ واري ڏينهن تي ان ڪري آيو آهي، ڇو ته منهنجي نظر ۾ اياز سنڌ جو عظيم فني ۽ فڪري ادارو هو. ”ڪهڙي ڪنڀر جوڙيو مٽيءَ بنا ٿانءُ آهي تنهنجي ٻاجهه سان ميان منهنجو نانءُ ڪٿي هجان آنءُ؟ جي نه هجين تون جوءِ ۾“ اياز اهو بيت پنهنجي ۽ ڀٽائيءَ جي حوالي سان لکيو هو پر اڄ مان بنا اجازت وٺڻ جي اياز جو اهو بيت موجوده سنڌ جي سمورن اديبن پاران اياز کي نهايت عقيدت سان ارپي رهيو آهيان. ڇو ته منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن اياز نه هجي ها ته موجوده سنڌي ادب به نه هجي ها. جيڪڏهن هن وقت ڪوئي به سنڌي ادب موجود آهي ته اهو اياز جي عظيم ڏات جي ڪري ئي آهي. جيڪڏهن اياز سنڌ جي جهوليءَ کي پنهنجي بهترين ادب سان نه ڀري وڃي ها ته جيڪر اڄ سنڌي ٻوليءَ جو پانڌ پالهو هجي ها. اها ادبي طور تي انتهائي غريب ۽ مسڪين هجي ها. ان ۾ جيڪڏهن ڪي ادبي ڪڻا هجن به ها ته اهڙا ۽ ايترا جو اهي ادب ۽ فن جي دنيا کي آڇيندي هن کي لڄ اچي ها! اياز سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف معياري به مقداري حوالي سان به ايترو ادب آڇي ويو جو هاڻي سنڌي ٻوليءَ جو جيستائين وجود رهيو، اها ادبي کوٽ محسوس نه ڪندي. ڇو ته اياز کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو ادب پيدا ٿيندو، اهو به اياز جي ادب جو عڪس هوندو. ان ڳالهه جو احساس اياز کي به هو. ان ڪري هن پنهنجي نوٽ بڪ ۾ هڪ هنڌ لکيو هو ته ”ڏسجانءَ! مون کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو به ادب پيدا ٿيندو، اهو ائين هوندو، جيئن ڪمند جي هڪ فصل کي وڍڻ کان پوءِ ان جي جڙن مان ٻيو فصل نڪري ايندو آهي“. منهنجي اياز سان جيڪا ڊگهي رفاقت رهي آهي، ان جا ڪجهه پاڇا ته منهنجن ڪالمن ۾ پڌرا هوندا آهن پر ان جي پوري تصوير ته ڪنهن ڪتاب جي ڪينواس تي ئي چٽجي سگهي ٿي. مون کي جنهن جنهن ڪالم ۾ اياز جي ڪائي يادگيري مناسب محسوس ٿيندي آهي ته مان ان کي گج جي ڪائي وانگر ٽانڪيندو ويندو آهيان. اڄ مون کي ان حوالي سان ياد اچي رهيو آهي ته اياز هڪ ديوقامت شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏو وڪيل به هو. هن جا وڪالت جي دنيا ۾ ڪيترائي شاگرد هئا پر جيڪي وڪيل اياز جا شاگرد نه رهيا، اهي به احترام منجهان اياز کي ”استاد“ ڪوٺيندا هئا. پر اڄ سوچي رهيو آهيان ته اياز وڪالت جي دنيا جو عظيم استاد هو يا نه!؟ پر ادب جي دنيا جو عظيم استاد ضرور هو. هن ناڪام ۽ هيڊ ڳڙيءَ وارن پاساري اديبن جيان ڪنهن ادبي تنظيم جو پانڌ نه پڪڙيو ۽ ڪي به ادبي ڪلاس نه هلايا ۽ نه وري بيت يا وائيءَ تي ڪي ليڪچر ڏنا. پر اياز پنهنجي ادبي پورهئي ۾ هڪ تنظيم کان وڌيڪ هڪ تحريڪ هو. هن نه صرف سنڌي غزل کي فارسيءَ جي اثر مان ڪڍي ان کي ”گيڙو ويس“ پهرايو پر هن سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل روح کي جديد ادبي وجود به عطا ڪيو. هو اهو شاعر هو جنهن جيل ۾ ”مورڙئي ۽ مڇ“ وارا بيت لکندي مڇ کي عالمي فاشزم جي علامت طور پيش ڪيو. هن پنهنجي عظيم ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ وارا سارا سُر ٻيهر لکيا ۽ انهن کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪيو. هن بين الاقوامي ادب جا گهاڙيٽا کڻي انهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ائين منتقل ڪيو، جو اهي نج سنڌي محسوس ٿيا. ڇا اياز جا هائيڪو اهڙا ناهن، جن کي ڏسي جاپاني نقاد به حيران ٿي وڃن!؟ ڇا اياز جا نثري نظم ڪنهن به ٻوليءَ جي نثري نظمن کان ڪنهن به انداز سان گهٽ آهن؟ ساڳي طرح سان اياز جيڪي ”ترائيل“ لکيا ۽ هن جيڪي امير خسروءَ جي انداز ۾ تجربا ڪيا، انهن سڀني ۾ ڪٿي به ڪاپيءَ جو ڪوئي تاثر نه ٿو ملي. ڇو ته اياز بنيادي طور تي هڪ تخليقڪار هو. هو جيڪو به ڪم ڪندو هو، ان ۾ هڪ نواڻ جو پهلو پنهنجو پاڻ اڀري ايندو هو. ڀٽائيءَ جو شعر آهي ته: ”ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون لکن لک هزار جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين درسن ڌارنئون ڌار پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان؟“ اياز ائين هو. هن جون ڪوڙين ڪايائون آهن. هن جو هر درشن هن جي درشن کان ڌار آهي. هن جا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چئجن؟ پر هن جو ادبي استاد وارو روپ سڀ کان وڌيڪ مهان ۽ موهيندڙ آهي. هن اسان کي صرف فني حوالي سان نوان گهاڙيٽا نه ڏنا پر سنڌ جي ادبي دنيا مٿان اياز جو سڀ کان وڏو احسان اهو آهي ته هن محدود سنڌي ادب کي عالمي ادب جون لامحدود نگاهون عطا ڪيون. اهو ڪم سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيو ڪنهن به نه ڪيو آهي. هن جهڙي طرح پنهنجي وسيع مطالعي مان موتين جهڙن سخنن جي چونڊ ڪري سنڌي ادب جي سڳي ۾ پوئيو، هن جو اهو ڪردار ته سڀ کان وڌيڪ سهڻو ۽ من ڀاوڪ آهي. جيڪڏهن اياز نه هجي ها ته اسان کي صرف ڪجهه اردو شاعرن جو ئي علم هجي ها پر اياز اسان جي ادبي معلومات ۾ عظيم اضافا ڪيا. اهو اياز ئي هو جنهن اسان کي روسي ادب جي عظيم نالن کان آشنا ڪيو. اسان اياز جي معرفت گوگول کان وٺي گورڪيءَ تائين روس جي اديبن کي ڄاتو. اسان کي اياز ٻڌايو ته رومانوف ڪير هو؟ دوستو وسڪيءَ کان وٺي پشڪن تائين سمورا روسي اديب اسان سان اياز ملايا. صرف روسي اديب ئي نه پر اياز اسان کي اکيون عطا ڪيون جو اسان عالمي سطح جي ٻين اديبن کي به ڏسڻ جهڙا ٿياسين. اسان کي آمريڪا جي هيمنگوي جي ڪا خبر نه هئي. اسان کي معلوم ئي نه هو ته فرانس جو سارتر ڪهڙي بلا آهي؟ اسان کي انگريز دور جا رومانوي شاعر اياز ٻڌايا. اسان کي اياز ڏسيو ته بنگالي ٻوليءَ جو عظيم شاعر ٽيگور عظيم ڇو هو؟ اسان کي اياز جي حوالي سان جديد کان جديد ۽ قديم کان قديم شاعرن جو پتو پيو. جيڪڏهن اياز اسان کي انهن جا نالا ۽ حوالا نه ٻڌائي ها ته اسان جو سنڌي ادب سگهڙن جي سنگت مان ٻاهر نڪري نه سگهي ها. اياز جي انهيءَ پهلوءَ تي تمام گهڻي تحقيق جي ضرورت آهي. اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان اياز جي ورسيءَ واري ڏينهن تي صرف هن جي ادبي تخليقن جي ساراهه نه ڪريون پر اسان اهو به مڃون ته هو اسان جي موجوده دور جو هڪ محسن استاد هو. جيستائين اسان جي قوم مان محسن ڪش عادت نه ويندي، تيستائين اسان انهن ماڻهن مان فيض پرائي نه ٿا سگهون، جن اسان تي تاريخ جا سڀ کان وڏا ٿورا ڪيا. اياز دنيا جي فڪري ۽ فني علم سان اسان کي مالا مال ڪري ويو ۽ اڄ ان عظيم انسان کي اسان جيتري به مڃتا ڏيون، اها گهٽ آهي. اسان کي اهو اعتراف به خوشيءَ سان ڪرڻ گهرجي ته اهي لفظ جيڪي اسان اياز جي ورسيءَ واري ڏينهن تي هن کي ڀيٽا طور ڏيون پيا، اهي لفظ به اياز کان ورتل آهن. اسان هن جا گلن جهڙا لفظ هن مٿان نڇاور ڪندي هن تي ڪوئي ٿورو نه ٿا ڪريون پر اسان صرف اهو ثابت ڪريون ته اسان هن جي گلن جهڙن لفظن کي پنهنجي انهيءَ جهول ۾ ڪٺو ڪيو آهي، جنهن جهول جي حوالي سان اياز لکيو هو ته: ”عشق اسان وٽ آرائين جيئن آيو جهول ڀري“ اياز اسان جي لاءِ ادب جو عظيم عشق به آهي. هڪ اهڙو عشق جنهن جي جهول ٻولن جي ڦولن سان ڀريل آهي. [/JUSTIFY] روزانه عبرت جي ٿورن سان
جواب: ڌرتيء جيڏي شاعر شيخ اياز کي سندس ورسيء تي ڀيٽا ادا سليمان گُڊ...زبردست ڪم. ڌرتيء جيڏي شاعري شيخ اياز کي تمام بھترين ڀيٽا پيش ڪئي آھي. ڪِئن تو کي ڪاري ٻاٽَ مڃان ، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃا ، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا
جئن مکڙيءَ کي ماڪ، چمڻ اچي چاهه مان آيا سي تئن دور کان، اورانگهي افلاڪ خوشبو آ خوراڪ، سائل آهيون سڪ جا شيخ اياز