[JUSTIFY]دوستو سلام ۔۔۔ منهنجو والد صاحب ڪجهه ڏينهن کان ڦڦڙن ۽ دل جي تڪليف ۾ مبتلا آهي۔ سڀني دوستن کي عرض آهي ته منهنجي والد صاحب جي صحتيابيء لاء دعا گهرن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خاص ڪري سائين نثار ابڙو جن کي عرض ته جيڪڏهن حرم پاڪ وڃڻ ٿئين ته خصوصي دعا گهرن۔[/JUSTIFY]
جواب: منهنجي والد صاحب جي صحتيابيء لاء دعا جي اپيل منهنجا عزيز دوست سليمان! رب العالمين اوهانجي والد بزرگوار کي صحت ڪامله عطا ڪري ۽ هر مرض کان شفا بخشي ۔۔۔ آمين جيئن ته آ حدود حرم ۾ آهيان انڪري منهنجي هر نماز حدود حرم ۾ آهي، آ سندس لئه هر نماز ۾ دعا گهرندس ۽ خاص بابا لئه حرم وڃي دعا گهرندس ۔۔۔ اوهان سندس سٺي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندا رهندا ۽ اڄڪلهه ٿڌ جي موسم پڻ آهي انڪري کيس ٿڌ کان بچائيندا ۔۔۔ وڌيڪ رک جي کاڌي جو پڻ خاص خيال ڪندا ۔۔۔ واڳ ڌڻي وس آهي ۔۔۔ مرض ۾ صبر ۽ شڪر افضل عبادت آهي۔ ٿيندو تن طبيب، دارون منهنجي درد جو، ٻڪي ڏيندم ٻاجهه جي، اچي شال عجيب، پرين اچي پاڻ ڪيو، سندو غور غريب، ڏکندو سڀوئي ڏور ڪيو، مَنجهوُن تن طبيب، اديون! عبدالطيف چئي، هاتڪ آهِ حبيب۔
جواب: منهنجي والد صاحب جي صحتيابيء لاء دعا جي اپيل السلام عليڪم ادا سليمان ڌڻيءَ در دعا آهي ته شال مالڪ ڪريم اوهانجي والد ماجد کي تندرستي ۽ صحت سلامتي عطا فرمائي۔ ان محترم کي الله پاڪ شل فردوسي حياتي عطا فرمائي۔ ۽ ان جو هَٿُ اوهانجي مٿي جي هميشه ڇانوَ رهي۔ آمين يا رب العالمين۔
جواب: منهنجي والد صاحب جي صحتيابيء لاء دعا جي اپيل ادا سليمان ڌڻيءَ در دعا آهي ته الله سائين اوهانجي والد کي جلد تندرستي ۽ صحت عطا فرمائي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آمين ثم آمين ۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: منهنجي والد صاحب جي صحتيابيء لاء دعا جي اپيل پروردگارِ عالم اوهان جي بزرگن کي صحتِ عاجله و ڪامله عطا فرمائي ۽ اوهان کي انهن جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري ۔ سگهن سُڌَ نه سُورن جي ٿا رنڪن رَنجُوري پيا آهن پٽن ۾ مٿن ماموري لڳن لؤن لطيف چئي سدا جي سوري پرت جن پوري تن رويو وهامي راتڙي ۔ وسلام
جواب: منهنجي والد صاحب جي صحتيابيء لاء دعا جي اپيل ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔شهر کان ٻاهر هجڻ جي ڪري اسان اوهان سان ملاقات به نه ڪري سگهياسين ۽ نه وري توهانجي خيريت معلوم ڪري سگهياسين۔توهان جي والد بزرگوار جي ناساز طبيعت جو پڙهي اسان کي ڏاڍي تشويس ٿئي پئي آهي۔الله پاڪ جي در تي نماڻو عرض آهي ته اوهان جي والد محترم کي ڪامل شفاء عطا فرمائين،هنن جي دوائن کي حڪم ڏين ته مرض جو ترياق ٿئي پون۔توهان جو سڀ پريشانيون ختم ڪن۔جيڪڏهن اسان جي لائق ڪا خدمت هجئي ته مهرباني ڪري چوڻ کان نه لڄائيندا۔الله پاڪ اسان سڀني جو ۽ خصوصي اوهان جي والد محترم جو حامي ۽ ناصر رهندو ۽ جلد اوهان انهن جي سٺي صحت جي خوشخبري اسان کي ٻڌائيندا۔
جواب: منهنجي والد صاحب جي صحتيابيء لاء دعا جي اپيل اسان جو دعائون بابا ساڻ آهن۔۔ الله پاڪ کين صحتيابي عطا فرمائي ۔۔ توهان خوش نصيب آهيو جو سندن خدمت ڪرڻ جو توهان کي موقعو مليل آهي۔۔ مون کي يقين آهي ته توهان جهڙي صالح پٽ کي هر وقت پاڻ سان گڏ ڏسي سندن اڌ تڪليف ختم ٿي ويندي۔۔
جواب: منهنجي والد صاحب جي صحتيابيء لاء دعا جي اپيل الله سائين اوهان جي بزرگن کي صحتِ عاجله و ڪامله عطا فرمائي ۽ اوهان کي انهن جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري ۔ آمين
جواب: منهنجي والد صاحب جي صحتيابيء لاء دعا جي اپيل ادا سليمان ڌڻي در دعا آهي ته شال رب ڪريم اوهان جي والد صاحب جن کي شفاء ڪامله و عاجله عطا فرمائيندو۔۔۔ الله سائين اوهان جي والد صاحب جن کي خضري حياتي عطا فرمائيندو۔۔۔ اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن۔۔ سائين نثار ابڙو جن جي هدايت تي عمل ڪندا۔۔۔ پنهنجي بابا سائين کان سنڌ سلامت جي سنگت پاران ضرور پڇندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: منهنجي والد صاحب جي صحتيابيء لاء دعا جي اپيل ادا سليمان الله تعالا کان دعاء آهي ته اوهان جي والد صاحب جن کي جلد صحتيابي نصيب ڪري۔ آمين۔
جواب: منهنجي والد صاحب جي صحتيابيء لاء دعا جي اپيل ادا! الله تعالي بابا سائين کي صحت ڪامله، عاجله عطا فرمائي. آمين ثم آمين.