اوهان جي ڳالهه، اوهان سان....!(نصير مرزا)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    چون ٿا، شمشير الحيدري وانگر ارنيسٽ هيمنگوي جي به پوين ڏينهن ۾، نظر ڪمزور ٿي وئي هئي. هيمنگوي، ڇاڪاڻ ته لکڻ سان گڏ پکين جي شڪار جو به شوقين هو، سو نظر جي ڪمزوريءَ سبب جيڪڏهن هو کليل آسمان ۾ پنهنجي بندوق سان، پکين جي شڪار کان معذور ٿي ويو، ته پاڻ کي ئي گوليءَ جو نشان بنائي، کڻي ”آ“ ڪيائين. اسان جو شاعر شمشير الحيدري...شڪاري يا شڪار باز ناهي ۽ جي ڪنهن ڳالهه جو گهڻو قائل آهي ته، صرف: ”هن شيءِ جو“
    پيئڻ جا بهانا پيارڻ جون ڳالهيون
    جيئين شال، ڪر ڪي جيارڻ جون ڳالهيون
    هدايت بلوچ لکيو آهي: شمشير جي نظر، نوي سيڪڙو ختم ٿي چڪي آهي ۽ ڏک، هتي مون کي ان ڳالهه جو انهيءَ سانحي کان به وڏو هي آهي ته سندس مرض جو علاج، دنيا ۾ هاڻي ڪٿي به ناهي ۽ هو هن وقت، جهڙوڪر ”لاعلاج“ آهي. شمشير جي اهڙي ڪيفيت تي ڏک منجهان چئجي ته سواءِ ان جي، ٻيو ڇا چئجي ته توهان جي انهيءَ بي وفا:
    نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي
    اِها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي
    هي ظلم آهي اسان سان، اوهان جي محفل ۾
    اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي
    شمشير...ضلعي بدين جي شهر، ”ڪڍڻ“ ۾ ڄائو هو، ان ڪري بدين جي ڌرتيءَ سان سندس عشق سڀاويڪ آهي، شايد ان ڪري ئي ٻين سندس ڪيترن ئي تڪيه ڪلامن سان گڏ، هڪڙو تڪيه ڪلام هي ته سندس واتان پيو بار بار ٻڌبو آهي ته: ”بديڻان نه ديکا، تو ڪُڇ ڀي نه ديکا“. ۽ ان ئي بدين جي هڪڙي مهان راڳيءَ، مٺو ڪڇي کان، موت جي بستري تان، پڇيو ويو ته: ”مٺو ڪڇي بابا! ڪا آخري حسرت...ڪا آخري خواهش!؟“ تڏهن اداس آواز ۾ وراڻيو هئائين: ”بابا! مالڪ رب جبارَ...دنيا ۾ ايڏو ته حُسن خلقي ڇڏيو آهي، جو ان جو اڃا ٿورو ذرو ئي مس ٿا ڏسون، جو پاڻ وٽ گهرايو وٺي.“ گهوڙا!....مٺو ڪڇي وانگر، اهڙو ئي موت بابت سوال کڻي، نظر کان محروم ٿي ويندڙ ۽ حسن کي ڏسي حيران ٿي ويندڙ هن شاعر، شمشير کان پڇڻ لاءِ وڃجي ٿو ته يڪدم سواليه انداز ۾ چوڻ ٿو لڳي: ”اڙي بابا، موت!؟ ۽ ڪن کولي ٻڌي وٺو، مون زندگيءَ جي باري ۾ ئي اڃا سوچي ڇيهه ناهي ڪيو، تڏهن هينئر کان ئي ڪٿان ٿو ويهي، موت جي مزن بابت سوچيان!“ خير پوءِ ٻڌوسين ائين چوندي چوندي حياتي جا مزا ماڻڻ ۽ اکيون ٿڌيون ۽ ٺنڊا ٺار ڪرڻ لاءِ شمشير سائين، اوچتو اسلام آباد جا وڻ وڃي وسايا. پوءِ اِن دوران پندرهين سيپٽمبر تي، ”هن بدين ڄائي ۽ محبوب صفت، شمشير کي جنم جون واڌايون ڏيڻ لاءِ جڏهن اتي فون ڪيم ته ڏوراپو ڏيندي چيائين: ”تو وٽ ته ميان محمد نصير عرف خوشبوءِ جي سنگ سنگ...منهنجي اهميت ئي ڪهڙي آهي؟“ تڏهن هڪدم چيو مانس، ”هي منهنجي هٿ جون جيڪي ڏهه آڱريون آهن نه!! سنڌ ۾ هن وقت آهن ئي ايترا وڏا ماڻهو ۽ آئون اوهان کي انهن ئي ڏهن منجهان هڪڙو ڄاڻندو آهيان.“ کلندي چيائين، ”مون کي خبر آهي، تنهنجي انهن ڏهن آڱرين مان، منهنجي حيثيت بس ”آڳوٺي“ ئي واري آهي.“ اکين ۾ پاڻي آڻي وراڻيومانس ”اوهين منهنجي لاءِ آڱوٺي نه! پر ”اشهد“ آڱر واري حيثيت جا مالڪ آهيو.“ چيائين اشهد آڱر جي معنيٰ اٿئي: ”ڏسڻي آڱر“، جَهٽ چيومانس...”ته بس منهنجي لاءِ اوهين اِها ئي ته آهيو...رستو ڏسيندڙ...طرف ڏيکاريندڙ“ ۽ شمشير، جنهن آخري اطلاع اچڻ تائين جيڪو پويون ڪتاب، ڪمپائيل ڪيو آهي، اهو ٻارن جي گيتن تي آڌارڪ آهي ۽ ان جو نالو تجويز ڪيو آهي ”روشن تارا“ ۽ عجب اتفاق...شمشير جي پنهنجي ماڻڪين جا ”روشن تارا“ جڏهن هاڻي اجهامي الُوپ ٿي چڪا آهن، تڏهن هو ٻاراڻن گيتن جي روشن ۽ تازه به تازه ماڻڪين مان ڄڻ ڏسڻ جي خواهش ۽ زنده رهڻ جا خواب ڏسڻ لڳو آهي. بطور شاعر ۽ عاشق جي، شمشير پنهنجو تعارف اسان سان سدائين کان هينئن پئي ڪرايو آهي: ”جهانِ عشق جو سردار آخري آهيان“ ۽ هن جي ان اندر واري عاشق شاعر، پنهنجي شاعريءَ ۾ معشوقه جو نالو پڌرو ڪيو آهي: ”حسن بانو“، جنهن جي لاءِ ڪيئي ورهيه اڳ هن هي غزل لکيو هو،
    تنهنجي نيڻن ۾ نهاري ويو
    ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻي ڪناري ويو
    تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو
    وقت جي سينڌ کي سنواري ويو
    ۽ اهو ئي شمشير، هاڻي جڏهن اسي هون ورهيه ٽپي ويو آهي ۽ جڏهن حسن بانو جا جلوه پسڻ کان پڻ پري ٿي چڪو آهي، تڏهن تازو هڪڙي نظم ۾ وري کائنس هينئن پيو موڪلائي!
    آه! ڏاڍي دير ٿي وئي
    اي معزز! حسن بانو!
    مان ته ويٺو هوس هاڻي
    واپسيءَ لئه منتظر
    بس سواريءَ جو
    ڪيَم پَئي انتظار!
    ڪنهن به ٽاڻي
    اچڻو آهي آسماني
    مڪڙو گهوڙو
    جيڪو ڪنهن مهلت بنان
    ٿيندو فرار
    الوداع!
    منهنجي پيارِي، ”حسن بانو“!
    الوداع!
    پر حسن بانو کان سدائين لاءِ موڪلائي ڇڏڻ واري ان الوداعي نظم سان گڏ شمشير، اسان کي هي چتاءُ به ته ڏيئي ڇڏيو آهي ته:
    هن برهه جي بستيءَ ۾، شمشير جيهو جوڳي
    ڪي ڏينهن ٽڪيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري
    ۽ انهيءَ کان اڳي، جو ڪوئي شمشير جي نام ٽڪاڻي تي وڃي ساڻس ٽڪي ۽ ساڻس پيالي ڀائي ٿئي، هو پاڻ ئي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي سڏ تي، اڄ حيدرآباد ۾ شام ڌاري اسان جي وچ ۾ موجود هوندو. اهڙي موقعي لاءِ مون ته پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ته، سندس لکيل اِها پيرئَڊي سندس سامهون ڳائي آئون، کيس ضرور کلائي رهندس، ڪهڙي پيرئڊي؟ اجهو هيءَ:
    ڪير گنجن جا ڪوڙي وار
    مٿا سڀنن جا مڪلي مڪلي
    پاڪي ٿي نيلام وئي
    بند حجم جو ڪارو بار
    ڪاڪا سِٽَ ڪُڪڙَ جو بيدو
    چيري ڦاڙي ٿي نروار
    ۽ اسان جي ان خوش دل شمشير بابت، زمانو هي به ڄاڻي ٿو ته، سندس مائٽاڻو ۽ پورو نالو آهي، ”خواجه شمشير الحيدري و جعفري“ ۽ عجب اتفاق هي ته جيڪو درياهه بادشاهه وارو پير، جناب ”خضر صاحب“ آهي، حسن اتفاق اهو صاحب به ”خواجه“ ئي سڏبو آهي ۽ ان جي نسبت سان شمشير صاحب کي اڄ آئون هڪڙي دعا به ڏيندس ۽ اها ڀلا ڪهڙي دعا؟ اها هن ڪالم جي آخر ۾! پهرئين خود شمشير جي خوش دلين ۽ خوش ڪلامين جو ذڪر مون کان ٻڌو. جي ها! شمشير سائين مون کي نصير مرزا جي نالي سان ته ڪڏهن به ناهن مخاطب ٿيندا. هميشه سڏيندا اٿم: ”ميان نصير سنگهه“...هڪڙي ڀيري ٻڌم، سچل سائين جي ميلي واري مشاعري ۾، ادل سومري کان پڇيائين پئي ”توهان کي توهان جي گهر واري ڀلا ڪهڙو اسم شريف وٺي مخاطب ٿيندي آهي؟ ۽ ڇا اها به اوهان کي ادل ئي سڏيندي آهي!؟ ۽ هي رڳو آئون ۽ ادل سومرو ئي نه شمشير صاحب ته هجت منجهان رشيد ڀٽي کي به سدائين سڏيندو هو: ”شديد چٽي“، مقبول ڀٽيءَ تي نالو رکيائين، ”معقول چٽي“، تاج بلوچ کي سڏيندو آهي ”تاش بلور“، پروڊيوسر ذوالفقار نقوي جو نالو تجويز ڪيائين، ”دمدار مڇلي“، ممتاز مرزا ”مڊ گارڊ پرزا“، منظور قريشي ”مشهور مويشي“، بيدل بدوي ”پيدل پنڌوي.کيس هي دعا ڏيندي چوان پيو. ”يا مولا! هي جيڪو آهي، اسان جو اسي ساله عظيم شاعر آهي نه! خواجه شمشير الحيدري...اُن کي پنج تن پاڪ جي صدقي ۾ تون عطا ڪر، عُمَر خضري، بلڪل درياهه بادشاهه واري پيرَ...حضرت خواجه خضر جيتري. (آمين الاهي آمين ثم آمين)


    روزانه ڪاوش
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اوهان جي ڳالهه، اوهان سان....!(نصير مرزا)

    يار عرس، سائين شمشير تي لکيل نصير مرزا جو هي ليک پڙهندي عجيب ڪيفيتن مان گذرندو رهيس، ڪڏهن اکيون آليون ته ڪڏهن ٺهڪ بيهن ئي ڪون پيا ۔۔۔۔ شمشير الحيدري جي پنهنجي شخصيت به اهڙي آهي، ماڻهون کي روئڻ جي ضرورت هجي ته به سائين سان وڃي ملي ۽ جي کلڻ جو ذوق هجيس ته به سائين سان ئي وڃي ملي ۔۔۔ ادب تي ڳالهائڻو هجيس يا لفظن جي گهرائپ تي ۔۔۔ فڪر تي ڳالهائڻو هجيس يا انسانيت تي، عشق تي ڳالهائڻو هجيس يا حسن تي ۔۔۔ مذهب تي يا مهذب تي ۔۔۔۔ جنهن کي جهڙو به موضوع هٿ اچي ۽ کيس ان تي را وٺڻي هجي ته شمشير سان وڃي ڳالهائي ۔۔۔ سندس ٻيڙا پار ٿي ويندا آهن ۔۔۔۔

    ڳالهه پريان جي ڳجهه جي، ڳالهه مڙيائي ڳجهه،
    هينئڙا اُجهه مَ منجهه، ته پرينئان پري نه ٿئين۔

    لک ٿورا دوست ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو