هي قُٻا ميرپورخاص شهر کان 20 ڪلوميٽر جي فاصلعي تي سانگهڙ روڊ سندڙي جي ويجهو آهن، هنن جو تعلڪ ٽالپرن جي ماڻڪاڻي بادشاهي گهراڻي سان آهي، جتي ميرپورخاص شهر جو باني ميرعلي مُراد ٽالپر، ٽنڊو الهيار شهر جو باني مير لهيار ٽالپر، سنڌ جو آخري حُڪمران مير شير محمد ٽالپر، مدفن آهن، هنن جي پُراڻي طرز طعمير ڏسڻ وٽان آهي۔
جواب: ڄٍٽوڙي جا قَپا محترم ٽالپر صاحب، معلومات ڏيڻ تي ٿورائتا پر جي انهن قبن جون ڪي تصويرون هجنوَ ته ضرور ونڊ ڪندا ته جيئن نظارو به ٿي سگهي ۔۔۔ تصويرون اپلوڊ ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف هجي ته سنڌ سلامت جي سکيا گهر ۾ ويندا ۽ جي اڃان به تڪليف ٿئي ته رابطو ڪندا ۔۔۔ سنڌ جي تاريخ جا اهڃاڻ ته سنڌ جي رستن پيچن ۽ پيچرن تي نظر اچي وڃن ٿا پر انهن کي پروئي هڪ ڪرڻ جو ڪم اسانجي ادارن ڪيو ناهي ۔۔۔ اهو ڪم اسان سنڌ دوستن کي ئي ڪرڻو پوندو ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ڄٍٽوڙي جا قبا السلام عليڪم ادا ٽالپر صاحب مهرباني معلومات موڪلڻ جي ادا نثار جن صحيح پيا فرمائن اگر انهن قبن جا فوٽو هجن ته ونڊ ڪجو