ڇا تون مون کي ڪونه سڃاڻين؟ مُرليءَ سان ڪيئي مَنَ موهي، رڻَ ۾ پهتو هان بَنَ موهي، تنهنجو رٿ هلايان بيٺو، ۽ توکي اُتساهيان بيٺو، جيسين سامهون سينڱ سَڃَن ٿا، لوڙهه لتاڙي منهنجا گهوڙا، ڪن ٿا ويرين منجهه ولوڙا. ڏسُ ڪيڏو گهمسان مَتو آ! سارو کٻيترُ رَت رتو آ! ۽ مان بيٺو ساٿُ نباهيان، هونءَ ته مان سناٽو آهيان، اونهِي ماٺ مَها- ساگر جِي، جنهن ۾ ڪيئي موتي سِرجي، گيت ٿينَ ٿا، گيان ٿين ٿا، ڇايا- پَٿَ کان دور نِيَن ٿا، ڇا تو مون کي اڳ نه ڏٺو آ؟ اڳُ منهنجو مارڳُ نه ڏٺو آ؟ تو سان آءٌ نئين سِر ناهيان، آءٌ ڪَرَمَ جو ڪاڍو آهيان، ڇا تون مون کي ڪونه سڃاڻين؟ سَروَم دُکم دُکم! پيڙا مان پڙلاءُ اچي ٿو، سَروَم دُکم دُکم! مُرڪين ڇو ٿو اي مت موڙها؟ دُک درياههُ، ڪروڙين ڳوڙها، جنهن ۾ روز ٻُڏا ٻاڪارنِ، هو جي هر هر ٿا هاڪارنِ، هو جي تَڙَ هوڙاڪِ ٻَڌَن ٿا، مُرڪي لاڄوبند ڏسن ٿا. جن لئه لهرون ليئا ليئا، ڏُورانهين ۾ ٻارن ڏيئا تن کي تاڙي ڪُنَ ڏسن ٿا، روزُ ڀِنيءَ ۾ ڀُڻُ جهُڻ ڪنِ ٿا. ۽ پوءِ هيءُ سماءُ اچي ٿو سَروَم دُکم دُکم! تون چاهين ٿو پارِ وڃان مان، پاڻي تارئون تار وڃان مان، ڇو ته پراهون پارُ به آهي، ۽ اهڙو سنسار به آهي، جِتِ ڪا جوت پئي جهِمڪي ٿي. مُرڪَ ستارا ٿِي ٽمڪي ٿي، اڻ ٿيڻيءَ کي ڇو ٿو چاهين؟ روز ٻُڏي ٻيڙي ٿو ٺاهين، روز انهيءَ جا تُن تُنين ٿو! ڇا تون مون کي ڪونه سُڻين ٿو؟ توکي روز چتاءُ اچي ٿو، سَروَم دُکم دُکم! ڪيڏانهن ويا هو ڏک ڏئي ڪلهه ڇا نه ڪجاوا چِمڪيا ها! ۽ ڏينهن تتي ۾ واريءَ تي، ڇا جهايا جهوڙا جهميا ها! هو ڇَم ڇَم گهنگهرو گوڏن تي! ڇا جهانءِ، هئِي جهونجهارن ۾! ڪلهه تڙڪا تڙڪا نوڏن تي! هر وک نکيري تک ڏئي، ڪيڏانهن نظر مان تِرڪي ويا؟ ڪيڏانهن ويا هُو ڏکَ ڏئي؟ اڄ واٽن تي واجهائن ٿا، ۽ سُڃ سياپا واريءَ جا، ٻين ڪَرهن لاءِ ڪَنائين ٿا! ڪجهه ساٺيڪي مان ڪوس ڀريان! ٻيا اوٺي ايندا اُڃَ کڻي، ڪيئن چئجي، ڪهڙي وقت پريان!