• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل جي چمن جو ڪو پهلو آباد نه ٿو ڏسجي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
دل جي چمن جو ڪو پهلو آباد نه ٿو ڏسجي
حسرتن جي باه هي چمن برباد ڪيو آهي


مطلب مرڻ کان پوءِ سڪون نه ملندو اسان کي
ٻُڌون ٿا حسرتن جي باه وسامندي ناهي

ڏاڏل جي زخمن جي دوا فقط دردن ۾ هئي
انهي دوا خاني کان ڊڄندو رهيو عمر ڀر

حسرتن منهنجي جنت کي ڪيو آهي برباد
ڏاڏل سڪون لاءِ دل ترسندي زمانو گذري ويو

ان باه جو اندازو ڀلا ڇا ڪري ڪوئي
جتي حسرتن جو ٻارڻ ٻرندو هجي بيشمار

داروغهءِ جهنم ڏاڏل جي ميت ڪئي واپس
اهو چئي حسرتن جي سڙيل کي ڇا ساڙيون​
 
جواب: دل جي چمن جو ڪو پهلو آباد نه ٿو ڏسجي

دل جي چمن جو ڪو پهلو آباد نه ٿو ڏسجي
حسرتن جي باه هي چمن برباد ڪيو آهي

واھ ادا ڏاڏل واھ۔۔۔۔۔۔بھترين
 
جواب: دل جي چمن جو ڪو پهلو آباد نه ٿو ڏسجي

ادا سائين سٺن احساسن ۽ خيالن تي مشتمل توهان جي شاعري اسان جو دل ۾ جڳه ٺاهي ورتي آهي ۔توهانجون مهربانيون۔
 
جواب: دل جي چمن جو ڪو پهلو آباد نه ٿو ڏسجي

عاشق سولنگي ۽ مصطفى ميمڻ صاحب پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
وسلام
 
Back
Top