• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمة جي هڪ ناياب تصنيف

عبد الله فهيمي

سينيئر رڪن
قارئين !
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمة جي هڪ ناياب تصنيف نالي
رسالة موعظة فيما يتعلق بالقبر و مابعده
هٿ ڪيو آهي جنهن ۾ مخدوم صاحب سنڌي ٻولي ۾ بطور نظم قبر جو احوال ۽ ان جي متعلق ڪجهه مسائل ذڪر ڪيا آهن.
 
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمة جي هڪ ناياب تصنيف

سائين منهنجا اسلام عليڪم۔توهان هڪ تمام بهترين ۽ نيڪ ڪم ڪيو آهي۔حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي صاحب جن هڪ تمام وڏا بزرگ ۽ حضور صلي الله عليه وسلم جن جا تمام گهڻا پوئلڳ ۽ انهن سان تمام گهڻي عقيدت رکندا هئا۔انهن وضو ڪرڻ وقت پاڻي جي وڌيڪ اصراف \ استعمال کان روڪڻ لاء هاشمي لوٽو\بدنو متعارف ڪرايو۔ان لوٽي کان وڌيڪ پاڻي وضو لاء استعمال ڪرڻ لاء هنن سخت ممانيت ڪئي هئي۔هنن جوڪتاب ڪشف الغطاء فيما يحل ويحرم من النوح والبڪاء جو ترجمو ڪري سچ اوهان ته تمام وڏو ڪم ڪيو آهي جنهن جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي۔هاڻي ان اوهان جي ترجمي مان سڀ ماڻهو مستفيد ٿي ڪري حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليه جي ڪتاب ۾ لڪل رمز ۽ نصحيتن کي چڳي طرح پروڙي ڪتاب جي اصلي روح کي سمجهي سگهندا۔توهان جا لک لائق۔
 
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمة جي هڪ ناياب تصنيف

ادا بهترين تصنيف آهي پر انهي جو ڪتاب جو پي ڊي ايف ٺاهي رکون ته سڀني دوستن جي ڪم اچي، مهرباني
 
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمة جي هڪ ناياب تصنيف

ها ادا اگر اهو ممڪن هجي ته ان ڪتاب جو پي ڊي ايف ٺاهيو ۽ سنڌ سلامت جي دوستن ڏانهن ونڊ ڪيو۔ سائين عبدالله السندي توهان جنهن ڪتاب جو ترجمو ڪيو آهي اگر ممڪن هجي ته اسانڏي موڪليندا مهرباني الله پاڪ اوهانکي اڃان وڌيڪ توفيق عطا فرمائي آمين۔
 
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمة جي هڪ ناياب تصنيف

ادا توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي همٿ افزائي ڪئي.
ان شاء الله تعالي جلد ۾ ڪتاب جو پي ڊي ايف بڻائي توهان دوستن ڏانهن موڪليندس.
 
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمة جي هڪ ناياب تصنيف

سائين بهترين ڪم ڪيو اٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔ ان ڪتاب جو پي ڊي ايف ڪري سڀني دوستن کي مفيد معلومات ڏيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان جو انتظار رهندو

 
Back
Top