• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊيسڪٽاپ جي آئڪانن کي پاڻ مرادو لڪايو ۽ ظاهر ڪريو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
مان پنهنجي ڪمپيوٽر جو سمورو ڪم ڊيسڪٽاپ استعمال ڪندي ڀلو ۽ آسان محسوس ڪندو آهيان۔۔ هاڻي ٿيندو ائين آهي جو کوڙ ساريون فائيلز ۽ فولڊر ڊائونلوڊ ڪرڻ ڪري منهنجي ڊيسڪ ٽاپ تي فائيلز ۽ آئڪانن جو اضافو ٿيندو رهندو آهي۔۔ ۽ انهن مان گهڻا جيڪڏهن پورٽيبل سافٽويئر هجن ته اڪثر ڪم ۾ اچڻ ڪري انهن کي ڊيسڪٽاپ تان هٽائڻ تي دل به نه گهرندي آهي جو اتان انهن کي ايڪسيس ڪرڻ سولو هوندو آهي۔۔۔
مزو اصل ڪرڪرو ٿي ويندو آهي جڏهن پنهنجي پسند جو والپيپر به ڊيسڪٽاپ تي لڳل هجي۔۔ جيڪو انهن مختلف قسم جي آئڪانن سان ڀريل هجڻ ڪري بلڪل به مزو نه ڏيندو هجي۔۔ ان ڪري مان هميشه اهڙي ڪنهن ٽول جي ڳولا ۾ هيم جيڪو پاڻمرادو منهنجي ڪمپيوٽر جي ڊيسڪٽاپ تي رکيل سمورن آئڪانز ۽ فائيلز فولڊرس کي گم ڪري ڇڏي پر جڏهن مائوس سان ڊيسڪٽاپ تي ڪلڪ ڪجي ته سمورا آئڪان واپس اچي وڃن۔۔
چوندا ڳولا سان ڇا ڇا نه ملي۔۔ سو اڄ اهڙو هڪ ننڍڙو اوزار هٿ اچي ويو۔۔ ۽ پاڻ ڪنجوس ته آهيون ڪونه ان ڪري سوچيوسين ته ڇو نه سموري سنگت به ٻڌائجي۔۔۔ ته دوستو حاضر آهي۔۔ AutoHideDesktopIcons هڪ مفت جو سافٽويئر۔۔

4dfa1f852c143.gif

هن جي خاص خوبي اها آهي ته هن ۾ ڊيسڪٽاپ تي موجود شين کي گم ڪرڻ جي ٽائيم سيٽنگ پڻ آهي يعني توهان هن تي وقت سيٽ ڪري سگهندو ته ڪيتري وقت کان پوءِ ڊيسڪٽاپ جا آئڪان گم ٿي وڃن۔۔

تفصيل لاءِ حاضر آهي وڊيو۔۔۔


دوستو هي مفت جو پورٽيبل سافٽويئر آهي جنهن کي انسٽال ڪرڻ جي جهنجهٽ کان به آجو رکيو ويو آهي بس ڊبل ڪلڪ ڪري هلايو ۔۔ وقت سيٽ ڪريو ۽ حاضر آهي توهان جي پي سي تي توهان جو پسنديده والپيپر سو به بغير ڪنهن داڳدار آئڪان جي ۔۔۔

هتي ڪلڪ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔
 
جواب: ڊيسڪٽاپ جي آئڪانن کي پاڻ مرادو لڪايو ۽ ظاهر ڪريو۔۔۔

سائين بهترين سافٽ آهي ۔۔۔
 
جواب: ڊيسڪٽاپ جي آئڪانن کي پاڻ مرادو لڪايو ۽ ظاهر ڪريو۔۔۔

ادا تمام بهترين شئرنگ ڪئي آهي ۽ اسان آزمائي به ڏٺي آهي تمام بهترين آهي
 
Back
Top