هڪڙي امير جي هٿان ستل ماڻهوءَ کي تڪليف۔ا

'ڪهاڻيون' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2011۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    هڪڙو داناءُ امير پهنجي گهوڙي تي چڙهيو پئي ويو،پري کان ڏٺائين ته وڻ هيٺ هڪڙو ماڻهو سنئون سڌو ٿيو ستو پيو آهي ۽ هڪڙو نانگ هن جي وات ۾ گهڙڻ جا سعيا پيو ڪري۔سوار ان نانگ کي ستل جي وات ۾ گهڙڻ کان هٽائڻ لاءِ تڪڙو گهوڙي کي ڊوڙائي آيو،پر نانگ تيستائين وات مان گهڙي ان ستل جي پيٽ ۾ وڃي پيو۔
    سوار داناءُ انسان هو۔تنهن هڪدم گهوڙي تان لهي ٻه چار ڌڪ چهبڪ جا ان ستل ماڻهوءَ کي ڦهڪائي ڪڍيا۔ستل ماڻهو ننڊ مان اٿيو ۽ چهبڪ جي ڌڪن کان اٿي ڀڳو ۽ سوار به پٺيان لڳس۔آخر ڀر واري باغ ۾ وڃي جهليائينس ۽ اتي وڻ هيٺ جيڪي ڪنا ۽ سڙيل ڳريل صوف پکڙيا پيا هئا،سي دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيئي ايترا ته کارايائينس جو وات مان موٽي نڪرڻ لڳس۔هن مظلوم شخص دل ۾ چيو ته هي ڪهڙو عزرائيل اوچتو اچي منهنجي سر تي نازل ٿيو آهي؟آخر هن آزيون نيزاريون ڪري سوار کي چيو ته"""
    جيڪڏهن منهنجو هر ڀرو ساه ڪڍڻو اٿئي ته ترار هڻي سسي لاهي ڇڏينم،نه ته ڀلائي ڪري منهنجي جند ڇڏ،بي گناه تون مون کي ڇو ستائي رهيو آهين جو ڪٽو ڪافر به ڪنهن کي نه ستائي!""" جيئن هن جند ڇڏائڻ لاءِ منٿون ڪرڻ شروع ڪيون،تيئن گهوڙي سوار ڌڪن پٺيان ڌڪن جو وارو لڳائي ڏنس ۽ چيائينس ته هاڻي پوٺي تي ڊوڙ پاءِ۔جيئن سوار گرز کڻي ان جي پٺيان پيو ۽ پوٺي ۾ ڊوڙايائينس تيئن ان کي هڪڙي زبردست الٽي اچي ويئي جنهن ۾ ڪنن صوفن سان گڏ پيٽ ۾ ويل نانگ به سڄو سارو نڪري اچي پٽ تي پيو۔ان شخص جڏهن نانگ پنهنجي پيٽ مان ٻاهر نڪتل ڏٺو،تڏهن ڊوڙي اچي سوار کي پيرين پيو ۽ چوڻ لڳو۔ ته """"آي سردار! تون ته منهنجي لاءِ ڪو جبرائيل پيدا ٿئين ۽ الله پاڪ جي طرفان رحمت بنجي آيو آهين،جو منهنجي حياتي اچي بچائي اٿئي،مون تو کي اولا سوّلا لفظ ڳالهايا آهن،سي تون مهرباني ڪري مون کي معاف ڪر،توکي اها ئي شاباش هجي جو منهنجا ڪچا ڦڪا سخن سهي به تو منهنجي حياتيءُ بچائڻ لاء هيترا ڪشالاء پئي ڪيا""" سوار هن کي چيو،ته"""جيڪڏهن آءُ ان وقت توکي ٻڌايان هان ته تنهنجي پيٽ ۾ نانگ آهي،ته جيڪر خوف ۽ سراپ ۾ ئي تنهنجو هنيانءُ ڦاٽي پوي ها ۽ تون مري وڃين ها۔"""

    نصحيت:- انسان جي اندر وارو نانگ۔

    مصطفيّ گويد اگر گويم براست۔
    شرح آن دشمن که در جان شما است۔
    زهر هائ بردلان برهم درد۔
    ني رود ره ني غم کاري خو رد۔


    (حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي،ته جيڪو دشمن اوهان جي جان ۾ موجود آهي،تنهن جو احوال جيڪڏهن ذري پرزي ٻڌايان ته جيڪر وڏن وڏن بهادرن جا جگر ڊپ کان ڏري پون ۽ اهڙا حوصلا خطا ٿي وڃن جو نه رستي جي خبر پوين نه جيڪر ڪو ڪم ڪار ڪري سگهن۔)
    اهو اندر وارو دشمن هي نفس ۽ شيطان جنهن جي ڪارگذارين جو زهر هر قسم جون بداخلاقيون آهن، جيڪي روح کي بيمار ۽ بيڪار ڪريو وجهن ۽ هميشه جي عذاب ۾ وڃيو داخل ڪن۔ اي آنسان! تو کي ڪو داناءُ دوست گهرجي،جو ڪي تجويزون ڪم آڻي تنهنجي اندر مان اهو دشمن ٻاهر ڪڍي ۽ تنهنجي روحاني زندگي سلامت رکي۔

    فارسي شاعري ۽ نصحيت لاء بشڪريا:-

    مثنوي رومي۔
    شيخ جلال الدين روميّ رحه
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪڙي امير جي هٿان ستل ماڻهوءَ کي تڪليف۔ا

    سائين محترم بيشڪ ۔۔۔ حق سچ آهي ۔۔۔ الله جي رسول جي حديث به سچي ۽ مولانا روميءَ جي سمجهاڻي به سون جهڙي ۔۔۔ قصو به ننڍڙو ۽ وڻندڙ ۔۔۔ اهڙن قصن ۽ گيتن سان اسانجا بزرگ اسانجي عاقبت سنوارڻ لئه پاڻ پتوڙيندا رهيا پر افسوس جو اڃان انسان نه سڌريو ۔۔۔۔

    ساڳيو اندر ۾ نانگن جا انبار کنيو پيو هلي ۔۔۔ هاڻ ته ماڻهون ڳالهائڻ ڳالهائڻ ۾ اهڙا ڏنگ هنيو وجهن جو شرم ۽ ايمان وارو ماڻهون اڦٽ، پٽيءَ تي مئو ڪي مئو ۔۔۔

    رب ستار اسانکي سمجهه عطا ڪري ۽ اوهانکي اها توفيق ته اسانجي رهنمائيءَ ۾ اهڙا سهڻا قصا بيان ڪندا رهو، من ڪو اسانجي اندر جو نانگ به ٻاهر نڪري وڃي ۔۔۔ اوهانجا چهبڪ به اکين تي هي ته سهڻا سمجهداريءَ وارا قصا آهن ۔۔۔ بيشڪ داناءَ دوست جي ياري، آسان ٿئي عمر ساري ۔۔۔۔

    جزاڪ الله
     
  3. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هڪڙي امير جي هٿان ستل ماڻهوءَ کي تڪليف۔ا

    محترم ميمڻ صاحب ۔توهان جي هن نصحيت سان ڀريل ليک|ڪهاڻي کي پڙهي سچ مچ اسان پهنجي من جي اندر ويٺل نانگ جي زهر کان واقف ٿيا سين۔هڪ لک چويهه هزار نبي سڳورا،رسول ۽ الله جا پيغمبر هن دنيا ۾ الله سائين لاٿا تاڪي حضرت انسان کي اندر جي نانگ ۽ ان جي ڪرتوتن جي باري ۾ ٻڌائي صحيحي راھ تي لڳائن۔پر شيطان سان به الله سائين واعدو ڪيو آهي ته تا قيامت تائين هو حضرت انسان کي ڀڙڪائيندو رهي۽ جيڪو انسان ان جي چنبي ۾ اچي ويندو ان جي لاء سخت عذاب آهي ۽ جنهن پاڻ کي ان شيطان(نانگ ) جي زهر کان بچائيو۔ان لاء آخري دنيا ۾ تمام گهڻا انعام رکيل آهن۔الله سائين شل اسان جي اندر ۾ موجود نانگ کي ماري اسان کي ان جي زهر کان بچائي۔توهان جي لکيل ڪهاڻي پنهنجي اندر تمام گهڻي معنئ رکي ٿئي۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪڙي امير جي هٿان ستل ماڻهوءَ کي تڪليف۔ا

    جزاڪ الله سائين
     
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: هڪڙي امير جي هٿان ستل ماڻهوءَ کي تڪليف۔ا

    ادا غلام مصطفي تمام پياري حڪايت لکي اٿو۔ انسان جو نفس اماره به ڪاري نانگ کان ۽ شيطان کان وڌيڪ بُڇڙو آهي۔ داناء دوستن ۽ سڀ کان افضل جهاد ، جهادِ نفس جي مدد سان ئي ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو