• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خالد آزاد

خالد آزاد

سينيئر رڪن
دوستؤ! جيئي سنڌ!
منهنجو نالو خالد آزاد آهي. منهنجو اصل ڳوٺ ’جلال وگهيو‘ ٽپال گهر مسوڀرڳڙي ضلعو حيدرآباد آهي. هن وقت آئون قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهندو آهيان. آئون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ائڊمن جي حيثيت سان ملازمت ڪندو آهيان، جڏهن ته مختلف سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن جي ڪميٽين ۽ بورڊن تي ميمبر ۽ عهديدار پڻ آهيان. هن وقت تائين منهنجا طبعزاد ۽ ترتيب ڏنل 6 ڪتاب شايع ٿيل آهن، جڏهن ته ٻارن جي مقبول رسالي ’ادا سائين‘ جو اعزازي ايڊيٽر پڻ آهيان. ڪمپيوٽر جي شعبي سان دلچسپي رهي آهي.
 
aniwelcome4a.gif


ڀاءُ خالد آزاد صاحب، آئون توهان کي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي سموري سٿ پاران ڀليڪار چوان ٿو. توهان جي ذڪر ڪيل ڪتابن مان هڪڙو اڌ منهنجي نظر مان به گذريو آهي. اميد ته پنهنجين اهڙين ئي لکڻين سان سنڌ سلامت جي ساٿين کي به نوازيندا....

توهان جي لکڻين جو انتظار رهندو.
 
الله! اچن اُوءِ، جن آئي مَنُ سرهو ٿيو...!

سنڌ سلامت واسيو! اوهان کي هن دوست جي باري ۾ ٻُڌائيندو هلان ته هن سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب تي کوڙ سارو ڪم ڪيو آهي، جيئن سندس چواڻي ته ”6 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن“ انهن ۾ هڪ ٻاراڻو ناول ”سج اڀرڻ کان پوءِ“ تمام دلچسپ ناول آهي. هيءُ نوجوان بظاهر ته قد ڪاٺ جو ننڍڙو آهي، پر سندس ادبي شمار سنڌ جي سُٺن اديبن ۾ ٿئي ٿو. سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ جاکوڙ لاءِ، خاص طور تي ٻاراڻي سنڌي ادب لاءِ هن کوڙ سارا پروگرام ۽ سيمينار پڻ ڪرايا آهن. خالد آزاد شاعري پڻ تمام سُٺي ڪندو آهي. هينئر هڪ سنڌي رسالي ’ادا سائين‘ جو اعزازي ايڊيٽر پڻ آهي.

ڀلي آئين منهنجا دوست خالد آزاد! سنڌ سلامت سٿ پاران اوهان کي کوڙ ساريون مبارڪون هجن. اميد ته پنهنجي نڪور لکڻين جو هُڳاءُ سنڌ سلامت واسين کي ڏيندا رهندا. يقيناً هيءُ فورم اوهان لاءِ انتهائي ڪارائتو هوندو. هن فورم تي ڪافي کوڙ سارا دوست اوهان جي معيار مطابق هوندا، جن ۾ وڏو ائڊمن سائين رشيد سمون صاحب، ادو نثار سائين شامل آهن. اهڙيءَ طرح ڪمپيوٽر جي مسئلن جي حل لاءِ پڻ اوهان کي کوڙ سارا دوست ملندا، جيڪي توهان کي سٺا مشورا ڏيندا رهندا. آئون اوهان کي هن فورم تي ڪهي اچڻ لاءِ سنڌ سلامت پاران نذرانو پيش ڪريان ٿو، اميد ته قبول فرمائيندا.

34864068.jpg


77243748.jpg


67650014.jpg


سنڌ سلامت، ساٿ سلامت[/CENTER]
 
اڄ هوائي اڏي ڏانهن راهي ٿيندي، سنڌ سلامت کوليم ته اڱڻ تي هڪ نئون دوست ويٺل نظر آيو، سوچيم ڇونه ويندي ويندي کيس ڀلي ڪري چوندو وڃان، ڇو جو ممڪن وري ڪڏهن وقت ملي!!! سو ادا خالد آزاد سائين ڀلي ڪري آيا، جي آيا، اسانجي اکين تي، سنڌ سلامت جو اڱڻ آهي ئي اوهان جهڙن سڄاڻ دوستن لئه جت سنڌي ادب ۽ ثقافت، تاريخ ۽ تمدن تي ڏي وٺ ڪري اسين دوست هڪ ٻئي جي ويٺا رهنمائي ڪريون ...

اسانجي سٿ ۾ اوهان جهڙو مور دوست هوندو ته اڃان به وڌيڪ هلندڙ قافلي کي سهارو ملي ويندو ... جڏهن به ڪو نئون دوست ملندو آهي ته انتها جي خوشي ٿيندي آهي ...

الله اوهانکي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي ....

اميد ته ڏي وٺ ٿيندي رهندي ... هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ...

نثار ابڙو
مڪو پاڪ
 
السلام عليڪم ادا خالد آزاد صاحب

دوست مان اوهان کي سنڌ سلامت انتظاميه طرفان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چوان ٿو اميد ته توهان جو ۽ اسان جو ساٿ سٺو گذرندو اهو پڙهي مون کي ڏاڍي خوشي ٿئي ته توهان سنڌي ٻولي خاص طور تي ٻارن لا۽ ڪافي ڪتاب لکيا آهن ۽ ايڊيٽر پڻ آهيو توهان جهڙو لائق ماڻهو سنڌ سلامت جو ميمبر ٿيو آهي اُها اسان لا۽ گهٽ خوشي جي ڳالهه ناهي bhali kareaya

ادا خالد اسان کي اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو ،
سنڌ سلامت انتظاميه طرفان هي گلن جا تحفا قبول ڪجو sadayeen gud

62568479.jpg


76090456.jpg


58977860.jpg


57376356.jpg

shal judy hujeen


sindhsalamatsaathsal​
 
ادا خالد آزاد وگھيو توھانکي دل جي گھراين سان ڀليڪار.منھنجو نالو غلام عباس مگسي آھي
اڄ کان ڏھ سال کن اڳ حيدرآد ۾ توھان سان ڪچھريون ٿينديون ھيون جڏھن مان ٻاراڻي رسالي ”ساٿي” جو سب ايڊيٽر ھوندو ھئس 1996 کان 2003 تائين منھنجون بھ لڳ ڀڳ 400 کن تحريرون شايع ٿي چڪيون آھن مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾
سنڌ سلامت تي توھانکي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.
ھڪ ڀيرو ٻيھر دل جي گھراين سان ڀلي ڪري آيا

bhali kareayabhali kareayabhali kareaya
sindhsalamatsaathsal
 
ادا خالد آزاد وگھيو آئون به هن فورم تي نئون آهيان۔ اڃان سنڌي لکڻ سکان پيو، اميد ته اوهان جي تجربي مان اسان کي به سکڻ جو موقعو ملندو

توھانکي دل جي گھراين سان ڀليڪار چوان ٿو
 
سائين مون مسڪين جي به ڀليڪار قبول شل قبول پوي.... باقي ادي ابو واصف ته هڻي توهان جي لئه ڪرائي ڇڏي....... اجرڪ تي هڪ ڳالهه ٿي ياد اچي ته اسين هتي هند ۾ سنڌيءَ جي شاعر ارجن سڪايل جي گهر ۾ شوٽنگ ڪرڻ ويا هئاسين. ته اسان کي بيڪ ڊراپ سمجهه ۾ نه پئي آيو.. سو اُتي مون چيو ته” سائين اجرڪ هوندوَ نه گهر ۾ اهو ٿا هڻو“.... تنهن تي سندس نوڪر چيو ته ”اجرڪ وري ڪٿان آيو هتي“. تڏهن مون چيو ته ادا ”سنڌيءَ جي گهر ۾ اجرڪ ڪونهي سو اها ڳالهه مونکي سمجهه ۾ نه ٿي آئي“ هن چيو ”هڪ منٽ بيهو ته مان ڏسي وٺان“.... هن گهر جون پراڻيون صندوقون کوليون جتان اسان کي اجرڪ ملي ويو....... سو توهان کي به سنڌين جي سڃاڻپ اجرڪ جو تحفو قبول هجي...

باقي
فقير سائين اهي گلدان ۾ گل ڏيڻ جو مطلب ڇا آهي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
 
ادا خالد آزاد وگھيو صاحب، سنڌ سلامت کي اِهو اعزاز حاصل آهي ته هن جي اڱڻ تي توهان جهڙا اديب پنهنجي سون جهڙين لکڻين کي پوري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين سان شيئر ڪندا آهن۔ ادا سائين سنڌ سلامت جي محبتن ڀري محفل ۾ توهان کي هي ناچيز خوش آمديد ٿو چئي۔ باقي حسبِ روايت توهان کي محبتن ڀريا تحفا توهان جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويا آهن۔
سائين خالد آزاد صاحب
مان غريب به توهان کي هن ساٿ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چوان ٿو

ادا هاڻي ته امير ٿي۔ آءُ توهان وٽ ناشتو ڪرڻ نه ايندس۔
وسلام
توهان جي دُعائن جو طلبگار
راجا عبدالوهاب (اسلام آباد)
 
سائين اسان غريب ئي آهيون ان جو سبب اهو نه آهي وڌيڪ علي علي ٻڌائي سگهي ٿو
 
Back
Top