اسلام عليڪم دوستو دوستو مان توهان جي لاء اڄ هڪ اهڙي ونڊ کڻين آيو آهيان جيڪا شايد توهان دوستن سواء ادا نٽار ابڙو جي ڏٺي هجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي دوستو ته حاضر آهي آٽوميٽڪ وضو مشين دوستو هي مشين وضو ڪرڻ واري کي گائيڊ ڪندي ته توهان هاڻي چا ڪرڻ گهرجي ته حاضر آهي انهن مشين جي ويڊيو
جواب: آٽوميٽڪ وضو مشين ادا رياض حسين گلال صاحب اسلام عليڪم۔توهان جو چوڻ سچ آهي ته هن قسم جي وضو جي باري ۾ گائيڊ ڪندڙ واش بيسن جنهن ۾ پاڻي کي گهٽ ۾ گهٽ ڪيئن استعمال ڪري ضعايا ٿيڻ کان بچائجي اسان پنهنجي زندگي ۾ پهريون دفعو اوهان جي هن ونڍ ڪيل ويڊيو جي ذريعي ڏٺو آهي۔هي ته تمام سٺو وضو ڪرڻ جو بيسن آهي۔توهان بهترين ڄاڻ ڏئي هڪ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي۔توهان جا لک لائق۔
جواب: آٽوميٽڪ وضو مشين تمام سٺي ونڊ آهي ادا رياض توهان جي جيڪا پاڻي بچائڻ جي سٺي ترڪيب آهي جيڪا اسان وضو ڪرڻ ۾ ضايع ڪريون ٿا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي
جواب: آٽوميٽڪ وضو مشين السلام عليڪم ادا ماشاءالله تمام سٺي ونڊ آهي ۔ هيءَ مشين پاڻي بچائڻ سان گڏوگڏ وضو ڪندڙ جي رهنمائي پڻ ڪري رهي آهي۔ پر يار پاڻ ته ڪئونري سان وضو ڪرڻ وارا آهيون۔ هن مشين جي سگھ ڪٿي آ۔