صفر مهينو بلائن ۽ مصيبتن جو ناهي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2011۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    رات ۽ ڏينهن مصيبتون ، مشڪلاتون ۽ بلائون ناهن آڻيندا ۔ ڪنهن به مهيني جي آمد جي سبب بلائون ناهن اينديون۔ بلڪِ حقيقي نظر سان ڏٺو وڃي ته اسانجي بد عملن جي سبب بلائون ۽ مصيبتون ، مشڪلاتون ۽ پريشانيون اينديون آهن۔ الله پاڪ جو فرمان آهي ته
    وَ مَاۤ اَصٰبَکُمۡ مِّنۡ مُّصِیۡبَۃٍ فَبِمَا کَسَبَتْ اَیۡدِیۡکُمْ وَ یَعْفُوۡا عَنۡ کَثِیۡرٍ ﴿ؕ۳۰﴾
    سورت الشورا آيت نمبر30
    ترجمو؛ ۽ توهانکي جيڪا مُصيبت پُهتِي اُها اِنڪري جيڪو توهانجي هٿن ڪمايو ۽ گهڻو ڪجھ ته معاف فرمائي ڇڏيندو آهي۔
    مفسرين هن آيت سڳوري جي ماتحت فرمائن ٿا ته هي خطاب مڪلف مومنن کي آهي۔ جن کان گناھ ٿيندا آهن۔ مطلب هي آهي ته دنيا ۾ جيڪي تڪليفون ، پريشانيون ۽ مصيبتون ، مشڪلاتون، بلائون وغيره اچن ٿيون اڪثر اُنهن جو سبب اسانجا پنهنجا گناھ ئي آهن۔ انهن تڪليفن کي الله پاڪ اسانجي گناهن جو ڪفارو ڪندو آهي۔ يا وري ڪڏهن مومنن کي تڪليف انهن جا درجا بُلند ڪرڻ لاءِ ايندي آهي۔ جيئن ته انبياء ڪرام عليهم السلام جيڪي گناهن کان پاڪ آهن ۽ ننڍڙا ٻار جيڪي مڪلف نه آهن هن آيت جي مُخاطب نه آهن۔ اسانوٽ صفر پوئين اربع ملهائي ويندي آ يا مهينن ، ڏينهَنِ ۽ تاريخن کي غلط سمجهيو ويندو آهي۔ اهو سڀ غلط آهي ۔ حديث پاڪ ۾ صفر مهيني کي صِفر چيو ويو آ يعني ٻُڙِي ڪابه شيءِ نه۔ الله پاڪ صحيح سمجھ عطا فرمائي آمين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو