عبدالغني لوهار
سينيئر رڪن
روم جي قيصر اميرالمومنين حضرت سيدنا عمر بن خَطاب ، فاروقِ اعظم رضي الله عنه جن کي خط لکيو ته مونکي دائمي مٿي جي سُور جِي شڪايت آهي۔ اگر توهانوٽِ اِن جو علاج هجي ته موڪليو۔ حضرت سيدنا عمر بن خطاب ، فاروقِ اعظم رضي الله عنه جن قيصرِ روم ڏي هڪ ٽوپي موڪلي۔ قيصر روم جڏهن اُن ٽوپيءَ کي پائيندو هُيو ته انجي مٿي جو سُور ختم ٿي ويندو هيو۔ ۽ جڏهن ٽوپي لاهيندو هيو ته وري ساڳيو ئي مٿي جو سُور! ان کي ڏاڍو عجب لڳو! آخرڪار اُن ٽوپِيءَ کي اُڊريڙي ڏٺو ته ته ان مان هڪ ڪاغذ نڪتو جنهن تي بسم الله الرحمان الرحيم لکيل هُيو۔
تفسير ڪبرت جلد 1 صفحو 155 دار احياءالتُراث العربي بيروت لبنان
هن حڪايت مان هي معلوم ٿيو ته جنهن کي به مٿي جو سور هجي ته اهو شخص ڪاغذ تي بسم الله الرحمان الرحيم لِکي يا لِکرائي اُنجو تعويذ مٿي سان ٻَڌي ۔ لکڻ جو طريقو هي آهي ته اَڻَ مِٽ مَسُ مثلا بال پين سان لکي ۽ بسم الله شريف جِي ه ۽ ٽنهي مِيمَنِ جا دائرا کُليل رکي۔ دعائون لکڻ جو اصول هي آهي ته آيت يا عبارت لکڻ ۾ سڀئي گول دائرا کليل هجن۔ يعني ط ظ ه ص ض و م ف ق وغيره ۔ زيرون زبرون لکڻ ضروري ناهي۔ تعويذ کي پلاسٽڪ ڪوٽنگ ڪرائي ڪپڙي يا چمڙي ۾ سِبرائي ٻڌڻ مرد ٽوپي ۾ سبرائي ڇڏين عورتون رَئي يا بُرقعي ۾ سبرائن۔ سون يا چاندي جي ڊَٻِي ۾ تعويذ ٻڌڻ مرد کي جائز نه آهي۔