وڏف جو استعمال ۽ فائدا [JUSTIFY] وڏف هڪ ڄاتل سڃاتل کاڌي جي شئي آهي، پيٽ جي تڪليف، هاضمي جي خرابي وغيره، جي لئه وڏف کي اڪثر استعمال ڪيو ويندو آهي ... ماڻهون انکي پان ۾ وجهي يا ڪچو چٻاڙي به کائيندا آهن .... هن مان فائدي جي لئه ضروري آهي ته هن کي چڱيءَ طرح سان وات ۾ چٻاڙجي ۽ ٺهندڙ رس پي وڃجي ... وڏف وات کي خوشبودار ڪندي آهي، انگريزيءَ ۾ هن کي Fennelيا Aniseedبه چيو ويندو آهي. عربي ۾ راز يا “نج” ۽ فارسيءَ ۾ “باديان” چئجي ٿو، هندي اردوءَ ۾ سونف چئجي ٿو. وڏف جو عرق به ڪثرت سان استعمال ٿئي ٿو. قرون وسطي ۾ وڏف کي کاڌن ۾ خوشبو يا ڪيڙن کان بچائڻ لئه به گهڻو ڪري استعمال ڪيو وڃي ٿو. خيال ڪيو وڃي ٿو ته وڏف جي استعمال سان پاراٿا کاڌا خراب يا نقصانڪار نٿا ٿين. 16 صديءَ جو ماهر حڪيم جيرارڊ هن کي نظر جي روشني وڌائڻ لئه تمام گهڻو فائديمند چوندو هو. ۽ هڪ ٻيو ماهر عقاقير ڪلپير وڏف کي نانگ جي زهريلن اثرات ختم ڪرڻ لئه مفيد چوندو هو. وڏف (تخم باديان) جسم جي نرم عضون لئه آرامده ثابت ٿيندي آهي، هن جي استعمال سان حاضمي جي صلاحيت وڌي ٿي، وڏف خاص ڪري کاڌي ۾ روغني يا چرٻيءَ وارن جزن کي حضم ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. هڪ چيني طبيب شين-چن پنهنجي ڪتاب “ پين لسائو” ۾ هن کي خاص طور تي ٻارن جي نظام حضم جي لاءِ تمام مفيد لکيو آهي. سندس چوڻ مطابق ته وڏف پيٽ سان گڏ ڏندن جي سور ۾ به مفيد آهي ... يورپي ملڪن ۾ پڻ وڏف کي حاضمي جي لاءِ ڪارآمد سمجهيو وڃي ٿو. هڪ مغربي تحقيقڪار وڏف جي پيشاب آور صلاحيت جي تعريف ڪندي لکيو آهي ته وڏف آلات بول، گردي ۽ مثاني جا وڪڙ ختم ڪرڻ ۾ پڻ تمام گهڻي ڪارائتي هوندي آهي. هن کي باقاعدي استعمال ڪرڻ سان گردي يا مثاني ۾ پٿري ناهي ٺهندي ۽ جي ٺهي به وئي آهي ته هن جي استعال سان نڪري وڃي ٿي. وڏف کير پيئاريندڙ مائُن لئه به تمام گهڻو مفيد آهي، هن جي استعمال سان کير جي مقدار وڌي ٿي، وڏف ۾ زنانه هارمون “ ايسٽروجن” جي خاصيت پڻ موجود آهي. ان لحاظ کان هيءَ عورتن لئه تمام گهڻو مفيد آهي. سن ياس جي تڪليف کان ڇوٽڪاري لئه مريض ٻين پيشاب آور دوائن سان گڏ وڏف پڻ ڪندا آهن. طب يوناني جي مشهور دوا شربت بزوري ۾ وڏف جو ٻج ۽ انجي پاڙ به شامل ڪئي ويندي آهي. هڪ ٻي يورپي طبيب ايولن (1680) پنهنجي ڪتاب Acetaria ۾ وڏف جي شاخن جي اندر موجود گودي کي فائديمند ۽ خواب آور قرار ڏنو آهي. طب هند جي طبيبن مطابق وڏف جو تاثير ٿڌو هجي ٿو ۽ حاضمي لئه تمام فائديمند آهي. سونف جي ڇٻاڙڻ سان ڳورا کاڌا به حضم ٿين ٿا، سيني ۽ معدي جي ساڙي ۾ پڻ تمام گهڻو مفيد آهي. وڏف پيشاب آور ۽ حيض تي پڻ اثرائتي ٿئي ٿي ... ان مقصد لئه هم وزن وڏف ۽ ڳڙ کي پاڻيءَ ۾ جوش ڏئي نيم گرم پيئڻ سان حيض جي بيقاعدگي ختم ٿئي ٿي. دوائي مقصد لاءِ 5 کان 7 گرام وڏف استعمال ڪرڻ گهرجي، پيٽ جي هر قسم جي تڪليف لاءِ پاڻيءَ سان هڪ چانهن جو چمچو پيٺل وڏف جي استعمال سان گهڻو فائدو ٿئي ٿو. عرق باديان، ٻارن لئه اثرائتو “ گرائپ واٽر” ثابت ٿئي ٿو، طب هندي ۾ وڏف جو استعمال نظر جي حفاظت ۽ واڌ لاءِ پڻ مفيد ڄاڻايل آهي ... [/JUSTIFY]
جواب: وڏف جو استعمال ۽ فائدا ماشاالله سائين وڏف جا ڪافي سارا فائدا آهن مهرباني اوهانجي جو اهڙي ڪارائتي ونڊ ڪئي اٿو جزاڪ الله
جواب: وڏف جو استعمال ۽ فائدا ادا ماشاءالله وڏف جا ايڏا فائدا ٻڌائي اسان جي ناليج ۾ اضافو ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني