“ٻيو جنم”

'سنڌي شاعري' فورم ۾ Moazam Ali طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2011۔

  1. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    ”نثري نظم”

    “ٻيو جنم”

    بي وفا ته زندگي آهي پوءِ انسان ۾ وفا ۽ بيوفا جي تلاش ڇو ؟؟
    هڪ طرفي محبت ۾ ڪڏهن به ٻه وجود هڪ نه ٿيا.
    پوءِ بي وجا پاڻ کي تڪليف ۾ رکڻ سان ڇا ٿو حاصل ٿيئي
    اِهو سوال مون پاڻ کان به ڪيو هو!
    پر توکانپوءِ هر چهرو ۽ منظر مون لاءِ بي معٰنى ٿي ويو.
    تون منهنجي محبت جي شدت کان اڻ واقف هئين
    تنهنجا خُماريل نيڻ اڄ به اکين جي آڪاش تي چنڊ جيان چمڪن پيا.
    مون آڪاش ۾ توکي ستارن ۾ هلندي ڏٺو آ...
    آئون ڪئين چوان تو مونکي ياد ڪيو هوندو ؟؟
    اُجڙيل محل کي ته پکي به ڇڏي ڏيندا آهن.
    آئون بغير عنوان جي لکڻ شروع ڪندو آهيان
    تون ذهن اَچيو غزل بڻجي وڃي.
    مون هر لفظ ۾ تنهنجي يادن کي سهيڙيو.....
    پر لڳي ٿو مون ڪُجھ لکيو ئي ناهي!
    مون خوابن جي رنگين دُنيا کي ڏسي
    حقيقت کي بي رنگ ڪري ڇڏيو......
    هي حياتي ته تنهنجي تات ۾ گذري وئي
    مون کي جيئڻ لاءِ ٻيو جنم وٺڻو پوندو ............


    وفا شيراز نظاماڻي
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: “ٻيو جنم”

    بهترين ادا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو