سائين منهنجو مسئلو حل ڪريو

ادا سائين تازين برساتن ۾ منهنجو ڪمپيوٽر خراب ٿي ويو ، هاڻي ٺهرايو اٿم، پر سنڌي ايم بي وارو پروگرام انسٽال ڪري جڏهن ڪنٽرول پينل مان ايشين لئنگويج جي سيٽنگ ڪرڻ لڳايان ٿو ته ونڊو سي ڊي گهري ٿو ، جنهن م جي ڊسڪ گهري ٿو پر منهنجي سي ڊي روم ۾ ڊسڪ ايف آهي اها قبول نٿو ڪري ۔ هاڻ ان کي ڪيئن حل ڪجي ۔ گهڻن ڏينهن کان پريشان آهيان سنڌي نٿو لکي سگهان ۔ ڪا مهرباني ڪريو،
 
جواب: سائين منهنجو مسئلو حل ڪريو

ادا توهان جي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز مڪمل ڪانهي ٿيل تنهن ڪري سنڌي لينگويج نٿو کڻي ڇو جو ونڊوز ڪرڻ مهل فونٽس مڪمل نه ٿيل هوندي آهي ته سنڌي فونٽس ڪونه کڻدو آهي۔
 
جواب: سائين منهنجو مسئلو حل ڪريو

سائين،
ان جو اهو به حل آهي ته توهان سي ڊي کي سي يا ته وري ڊي ڊرائيو ۾ ڪاپي ڪريو، ان جي ذريعي ايم بي سنڌي جي انسٽاليشن کي پورو ڪريو۔
 
جواب: سائين منهنجو مسئلو حل ڪريو

ادا منهنجي خيال ۾ توهان اها ساڳي سي ڊي نه پيا لڳايو جنهن سي ڊي سان ونڊو انسٽال ڪيو ويو آهي۔
توهان لا بهتر اهو رهندو ته ونڊو کي دوبارا انسٽال ڪري وٺو۔
 
جواب: سائين منهنجو مسئلو حل ڪريو

سائين توهان سڀني دوستن جون مهربانيون۔ منهنجو مسئلو حل ٿي ويو۔ واقعي پڇڻا نه منجهڻا
 
Back
Top