جواب: اسان جي پياري دوست محترم طاهر سنڌيء کي جنم ڏينهن جون واڌايون
ادا طاهر سنڌي اسلام عيڪم،توهان جو شمار انهن محترمن ميمبرن ۾ ٿيندو آهي جن پنهنجي بهترين صلاحيتن سان هن فورم کي چار چنڊ لڳئي ڇڏيا آهن۔توهان جا ڪجه ليک پڙهڻ جو موقعو اسان کي مليو،معلومات جو سمنڊ ان ۾ اسان کي نظر آيو۔ڪجه ڏينهن کان اوهان جو ڪو تازو ليک نظر کان نه گذريو آهي،شايد پنهنجي ٻين مصروفيتن جي ڪري توهان ڪو ناياب معلوماتي موتي هن فورم جي سينگار ۾ اضعافي لا نه پيش ڪيو آهي۔
توهان کي لک لک واڌيون ٿا ڏيون توهان جي ڄمڻ جي ڏينهن تي۔الله سائين کي عرض آهي ته اوهان جي زندگي جو نئون سال توهان لاء تمام گهڻيون خوشيون آڻي،ڏک توهان کان پري هجن۔سک توهانجا ساٿي هجن۔ڪاميابيون توهانجا قدم چمن،راحتون توهانجي راه ۾ پنهنجا پر ڦهلائين۔هر توهانجي جائز خواهش پوري ٿئي۔نئين سال ۾ نوان والولن ۽ جذبن سان توهان بهترين ليک هن محبتي اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيو۔آمين۔هميشه خوش رهو۔