جواب: معلومات عامه ۔۔۔۔ اَتم10 سائين تمام پياري معلومات آ پر جيڪر دريائن ۾ سنڌو درياء ۽ ڍنڍن ۾ منڇر ڍنڍ بابت اگر ممڪن هجي ته هن چارٽ ۾ شامل ڪيو ته مهرباني
جواب: معلومات عامه ۔۔۔۔ اَتم10 سهڻا دوست عبدالغني، بلڪل اسان لئه ته سنڌ سان لاڳاپيل هر شئي اسان لئه سون آهي ۽ پياري به آهي پر جيئن ته مٿي عنوان آهي ته دنيا جون اهي شيون جيڪي 10 نمبرن ۾ اينديون هجن انڪري ائين کڻي چئجي ته اسانجي ڪينجهر ڍنڍ بيشڪ پاڪستان جي حساب سان مٺي پاڻي جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي پر دنيا جي حساب سان انجو نمبر ڪافي پوئتي وڃي بيهندو، ٻي ڳالهه ته اسانجا ادارا پنهنجين شين کي دنيا جي اڳيان علمي انگن اکرن سان پيش ڪرڻ کان قاصر آهن ۔۔۔ سنڌو درياهه جو بيان وري هيئن آهي ته اسانجو هي پيارو درياهه ڊيگهه جي حساب سان دنيا جي ٻين درياهن جي ڀيٽ ۾ 22 نمبر تي وڃي بيهي ٿو۔ سنڌو درياهه جي ڊيگهه لڳ ڀڳ ڪا 3180ڪلوميٽر بيهي ٿي، هن درياهه جو مفاصلو 90 فيصد موجوده پاڪستاني علائقي مان گذري ٿو ۽ باقي 10 فيصد هندستان ۽ چين مان گذري ٿو۔ سنڌو درياه لڳ ڀڳ 960،000 چورس ڪلوميٽرن جي زمين آباد ڪري ٿو۔
جواب: معلومات عامه ۔۔۔۔ اَتم10 سائين اوهانجا ٿورا جو سنڌو دريا متعلق تفصيلي ذڪر ڪيو ۔ واقعي اسانجا ادارا پنهنجي شين کي انگن اکرن ۾ لکڻ کان قاصر آهن۔ حالانڪه منڇر ڍنڍ به منهنجي خيال مطابق ننڍي کنڊ جي وڏي ڍنڍ آهي۔
جواب: معلومات عامه ۔۔۔۔ اَتم10 محترم سائين نثار ابڙو صاحب اوهان جا لک لائق جو اوهان اهڙي قيمتي معلومات ڪٺي ڪري اسان سان ونڊ ڪئي آهي۔ يقينا مون سميت ڪيترائي دوست هوندا جن کي اڳ ۾ اهڙي معلومات جو علم نه هوندو۔ اهڙي قسم جي معلومات مختلف ويبسائيٽس تي گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ گڏ ٿيندي آهي۔ پر ان کي هڪڙي ئي جاءِ تي گڏ ڪري معلومات ۾ اضافي سان گڏ وقت جو بچاءَ پڻ ڪيو آهي۔۔۔ وڏي مهرباني۔۔۔ ونڊ ڪرڻ جي لاءِ۔ دعا ۾ ياد
جواب: معلومات عامه ۔۔۔۔ اَتم10 ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم،توهان جا لک لائق جو علم جي درياه ۾ هڪ گهرو غوطو لڳائي هيڏي ساري مفيد معلومات هن فورم جي اڳڻ تي آشڪار ڪري اسان سڀني جي معلومات ۾ اضعافو ڪيو اٿئو۔محترم عمران درويش جو چوڻ به سچ آهي ته هن قسم جي معلومات لاء گهڻين ويب سائيٽن کي ڳولڻو پوندو آهي ۽ توهان سڄي معلومات هڪ هنڌ مهيا ڪري ڏني آهي۔هاڻي ڏسون ته اسان جا محترم ميمبرس هن بهترين معلومات مان ڪيڏو فائدو ٿا وٺن۔ڪڏهن ڪڏهن ڪيمشين جي امتحانن ۾ به سوالن جي ذريعي توهان جي ٻڌايل معلومات پڇي ويندا آهي۔