ڌم قدم جو خير ساٿي هر قدم اڳتي هجي، عزم رک اهڙو بلند جو دوست دشمن ڀي مڃي۔ جيئي سِنڌ! منهنجو نالو ڄام احمد سمون آهي، مان سنڌ جي ننڍڙي ۽ پياري شهر سڪرنڊ ۾ رهان ٿو، مان ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو آهيان۔ مونکي شاعري تمام پسند آهي۔ مَرد ٿا مَردن کان پڇن، مَردن ڪهڙا پار، هوندن ٻيڻا بار، ته به ڏيندا ٻانهن ٻڏندن کي۔
جواب: تعارف ڀلي ڪري آيا سنڌ سلامت جي اڳڻ تي توهان کي دل جي گهراين سان پر خلوص سان سنڌ سلامت فورم تي آئنده زور شور سان پنهنجي ڪي نيون شيون شيئر ڪندا۔ جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف سهڻي، پياري دوست ڄام احمد سمون کي دل جي اتساهه، پيار ۽ پاٻوهه سان ڀليڪار ٿي چئجي۔ سڄڻ آيا، ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔۔ اوهانجي عمر جي حساب سان پنهنجي سنگنيچر ۾ رکيل بيت وڏي معني ۽ مطلب رکي ٿو ۽ اوهانجو ان بيت کي پسند ڪرڻ مان خبر پوي ٿي ”ڄمندي ئي ڄام“ آهيو؛ مَرد ٿا مَردن کان پڇن، مَردن ڪهڙا پار، هوندن ٻيڻا بار، ته به ڏيندا ٻانهن ٻڏندن کي۔ واه واه چوڻ واري ڇا خوب چيو آهي ۔۔۔ لطيف سڳوري به ڪجهه هيئن چيو ته؛ ٻڏندي ٻوڙن کي ڪي هاتڪ، هٿ وجهن، پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن، توڻيءَ ڪنڌيءَ ڪن، نات ساڻ هلن سير ۾۔ سهڻا دوست، سنڌ سلامت اوهانجي پنهنجي اوطاق آهي، هن اوطاق تي موجود مواد ۽ شاعري به ايتري آهي جو اوهانجي تاس لهي سگهي، ۽ وڌيڪ اوهان به ونڊ ڪري ان ۾ واڌارو ڪري سگهو ٿا ۔۔۔ اميد ته هيءَ اوطاق اوهانکي پسند آئي هوندي، ۽ اها به اميد ڪريونٿا ته اوهانجي عمر پڙهائيءَ ۾ پاڻ ملهائڻ جي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ کي تعليم يافته نوجوانن جي سخت ضرورت آهي جيڪي پنهنجي علم ۽ اڪابريءَ سان سنڌ جا سور ختم ڪري سگهن۔۔۔۔ انڪري اوهان پنهنجي پڙهائيءَ تي توجهه ڏيندا ۔۔۔ سنڌي ماڻهون سهڻا جڳ جڳ شال جيئن۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف سائين نثار ابڙو صاحب توهان جا لک ٿورا۔ مون کي هڪ بيت ٿو ياد اچي جيڪو مان اوهان جي نا ڪرڻ چاهيان ٿو۔ ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بو بهار جي۔
جواب: تعارف لک قرب منهنجا ننڍڙا ڀاءُ، اوهان لطيف سڳوري جو انتهائي سهڻو بيت مونکي ارپيو آهي، پاڻ ان بيت جي نسبت سان ڪو هڪ سيڪڙو به سهڻا ٿياسون ته سمجهو لک کٽيوسين ۔۔۔ چڱان ڪن چڱايون، مدايون مدن، جو وڙ، جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن۔
جواب: تعارف ادا ڄام احمد سمون صاحب اسلام عليڪم ۔اسان توهان کي هن محبتي اڳڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔توهان ميٽريڪ جا شاگرد آهيو۔توهان هن ملڪ جو ۽ خصوصن مٺڙي سنڌ جو مستقبل آهيو۔توهان تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻي محنت ڪري هڪ ڪامياب انسان ٿي ڏيکارائجو۔شعر ۽ شاعري سان لڳاءُ توهان جي ادبي شخصيت جو حوالو ٿو ڏئي۔شاعرن جي دل ۽ اک ۾ الله پاڪ ايڏي ته گهرائي ڏني آهي جو هو هر شي کي ان گهرائي جي پيماني تي ماپي شهڪار شعري تخليق ڪندا آهن۔توهانجي ليکن ۽ شاعري جو انتظار رهندو۔
جواب: تعارف سهڻن ۽ من مهڻن خيالن سان شروعات ڪندڙ سڪرنڊ شهر جي نوجوان دوست ڄام احمد سمون کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اميد آهي ته اوهان به پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف سنڌي ٻار سجاڳ ٿي ڏونگر اٿي ڏار، سورن جي سماج ۾ سک جو سج اڀار، متان ملئي ميار نينگر توکي ننڊ جي۔