ولهين جا واهرو

اي ولهين جا واهرو! جڳ جا ڌڻيءَ

مهه لقا مصطفي ڳالهه تنهنجي گهڻي


توصيف ۾ قرآن جو هڪ هڪ اکر
زيرو زبر، پيش، مد، شد ۽ اڻي

اختيار جي ايڏي عطا ٿي تو مٿان ،
اڪثر ايئن ٿئي ، جيئن توکي وڻي

تمنا آ ته محشر ۾ چوي محمد ،
درمنهنجي جو آ گدا ڇڏيو کڻي

ڇا لکي ، ڇا لکان ڏانءِ ناهي ڪو
منصور کان اتم ، پيرن جي پڻي.

منصور سوندرائي.
 
جواب: ولهين جا واهرو

اسلام عليکم ادا عبد القيوم سڪندري صاحب !
شاعري ته تمام سٺي آهي. مان هڪ عرض ڪريان ته توهان پنهنجو تعارف ڪرائيندا يا پنهنجو نمبر موڪليندا ته توهان جي ڏاڍي مهرباني ٿيندي
توهان جي دعا جو طالب :
محمد عبد الله السندي لارڪاڻوي
03313415380
 
Back
Top