سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ساليانه ڪانگريس ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جي پريس ڪانفرنس

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سالانه ڪانگريس چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ سنڌترقي پسند هائوس قاسم آبادحيدر آباد ٿِي گُذري

    سنڌ ترقي پسند پارٽي سموري سنڌ جا عيوضي شريڪ ، پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ ٿيل پارٽي جي سالانه ڪارڪردگي جون رپورٽون پيش ڪيون ويون


    رپورٽ تصويرون ۽ وڊيو رپورٽ نثاراحمدناز (تاريخ 30 ڊسمبر 2011 ۽ 31 ڊسمبر 2011)

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا دوستو طبيعت جي ناسازي جي باوجود سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪز طرفان مليل دعوت ۾ شريڪ ٿيس ۽ ان پارٽي جي سالانه ڪانگريس کي سنڌ سلامت لا ڪور ڪيم، دوستو جيئن ته سال جي پُڄاڻي تي هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪار گُذاري چيڪ ڪندو آهي بلڪل اهڙي طرح سنڌ ترقي پسند پارٽي به پنهنجي چيئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ تاريخ 30 ڊسمبر 2011 ۽ 31 ڊسمبر 2011ع تي هڪڙي ٻه روزه ساليانه ڪانگريس منعقد ڪئي، جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻن ۽ ساري سنڌ کان ڪهي آيل سنڌ ترقي پسند پارٽي جا ضلعي صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ميمبر صاحبان پنهنجي ساليانا ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ پيش ڪئي ،هن موقعي تي پنهنجي افتتاحي تقرير ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئر مين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان جي پارٽي سنڌ جي خوشحالي ، آجپي ، امن ،سنڌي ٻولي، سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي خدمت ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي آهي اسان جي پارٽي ۾ باقائده چيڪ ۽ بيلنس وارو نظام موجود آهي جو اڄ سموري سنڌ جا اسان جي پارٽيءَ جا نمائندا پنهنجي ساليانه ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ ڏيئي رهيا آهن ، ان کان علاوه سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئيرمين محترم قادر مگسي هڪڙي پريس ڪانفرنس ۾ هُن نواز شريف ، عمران خان ۽ پيپلز پارٽي جي سياست کان وٺي ميمو اسڪينڊل تي کُلي ڳالهايو ، محترم قادرمگسي اهو به چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ يونين ڪائونسل جي اليڪشن سميت صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي قومپرست پارٽين جي مشترڪا اميدوارن طور هو پنهنجا نمائندا بيهاري، سنڌ جي روايتي ، ميرن ، پيرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن سان اليڪشني ويڙهاند ڪري سنڌ جي حقيقي نمائندن طور اڳتي ايندا ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام وٽ پيپلز پارٽي، جاگيردارن وڏيرن کان سواءِ قوم پرست ڌرين کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ جو ٽيون آپشن به موجود آهي ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ سلامت پاران هڪڙي سوال جي جواب ۾ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ هو قاسم آباد حيدر آباد واري تڪ جو اميدوار هوندواهڙيءَ طرح محترم ڊاڪٽر قادر مگسي باقائده هن ساليانه ڪانگريس جي اجلاس جي ڪاروائي هلائڻ جي اجازت ڏني، هن ڪانگريس ۾ مرڪزي اڳواڻ محترم حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ ، فتاح سميجو، ڊاڪٽر احمد نوناري، عاشق علي سولنگي، حسنين علي نوناري، محمد جمن سمون ،نند لال مالهي ۽ ٻيا کوڙ سارا مرڪزي اڳواڻ شريڪ هُئا: [/JUSTIFY]

    پيش آهن هن ساليانه ڪانگريس جون تصويري جهلڪيون ۽ محترم ڊاڪٽر قادمگسي جي پريس ڪانفرنس جو وڊيو سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پنهنجي پيشڪش



    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي جا هن سالياني ڪانگريس ۾ مختلف انداز ​
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ساليانه ڪانگريس ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جي پريس ڪانفرنس

    ادا سٺي ونڊ آهي ساڻ تمام بهترين ايڊيٽنگ
    مهرباني توهان جي ونڊ شيئر ڪرڻ تي ۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو