• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ساليانه ڪانگريس ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جي پريس ڪانفرنس

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سالانه ڪانگريس چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ سنڌترقي پسند هائوس قاسم آبادحيدر آباد ٿِي گُذري

سنڌ ترقي پسند پارٽي سموري سنڌ جا عيوضي شريڪ ، پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ ٿيل پارٽي جي سالانه ڪارڪردگي جون رپورٽون پيش ڪيون ويون


رپورٽ تصويرون ۽ وڊيو رپورٽ نثاراحمدناز (تاريخ 30 ڊسمبر 2011 ۽ 31 ڊسمبر 2011)

سنڌ سلامت جا دوستو طبيعت جي ناسازي جي باوجود سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪز طرفان مليل دعوت ۾ شريڪ ٿيس ۽ ان پارٽي جي سالانه ڪانگريس کي سنڌ سلامت لا ڪور ڪيم، دوستو جيئن ته سال جي پُڄاڻي تي هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪار گُذاري چيڪ ڪندو آهي بلڪل اهڙي طرح سنڌ ترقي پسند پارٽي به پنهنجي چيئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ تاريخ 30 ڊسمبر 2011 ۽ 31 ڊسمبر 2011ع تي هڪڙي ٻه روزه ساليانه ڪانگريس منعقد ڪئي، جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻن ۽ ساري سنڌ کان ڪهي آيل سنڌ ترقي پسند پارٽي جا ضلعي صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ميمبر صاحبان پنهنجي ساليانا ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ پيش ڪئي ،هن موقعي تي پنهنجي افتتاحي تقرير ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئر مين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان جي پارٽي سنڌ جي خوشحالي ، آجپي ، امن ،سنڌي ٻولي، سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي خدمت ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي آهي اسان جي پارٽي ۾ باقائده چيڪ ۽ بيلنس وارو نظام موجود آهي جو اڄ سموري سنڌ جا اسان جي پارٽيءَ جا نمائندا پنهنجي ساليانه ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ ڏيئي رهيا آهن ، ان کان علاوه سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئيرمين محترم قادر مگسي هڪڙي پريس ڪانفرنس ۾ هُن نواز شريف ، عمران خان ۽ پيپلز پارٽي جي سياست کان وٺي ميمو اسڪينڊل تي کُلي ڳالهايو ، محترم قادرمگسي اهو به چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ يونين ڪائونسل جي اليڪشن سميت صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي قومپرست پارٽين جي مشترڪا اميدوارن طور هو پنهنجا نمائندا بيهاري، سنڌ جي روايتي ، ميرن ، پيرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن سان اليڪشني ويڙهاند ڪري سنڌ جي حقيقي نمائندن طور اڳتي ايندا ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام وٽ پيپلز پارٽي، جاگيردارن وڏيرن کان سواءِ قوم پرست ڌرين کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ جو ٽيون آپشن به موجود آهي ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ سلامت پاران هڪڙي سوال جي جواب ۾ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ هو قاسم آباد حيدر آباد واري تڪ جو اميدوار هوندواهڙيءَ طرح محترم ڊاڪٽر قادر مگسي باقائده هن ساليانه ڪانگريس جي اجلاس جي ڪاروائي هلائڻ جي اجازت ڏني، هن ڪانگريس ۾ مرڪزي اڳواڻ محترم حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ ، فتاح سميجو، ڊاڪٽر احمد نوناري، عاشق علي سولنگي، حسنين علي نوناري، محمد جمن سمون ،نند لال مالهي ۽ ٻيا کوڙ سارا مرڪزي اڳواڻ شريڪ هُئا:​

پيش آهن هن ساليانه ڪانگريس جون تصويري جهلڪيون ۽ محترم ڊاڪٽر قادمگسي جي پريس ڪانفرنس جو وڊيو سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پنهنجي پيشڪش


377906_10150505458928216_794048215_8852777_1375413903_n.jpg


405741_10150505486338216_794048215_8852985_1619846484_n.jpg


381831_10150507687078216_794048215_8863699_110032263_n.jpg


388752_10150505473303216_794048215_8852868_143766771_n.jpg


401173_10150505485273216_794048215_8852961_119491657_n.jpg


379797_10150507642308216_794048215_8863374_1459335968_n.jpg


394334_10150505457163216_794048215_8852768_511915980_n.jpg


382900_10150505457288216_794048215_8852771_909261510_n.jpg


400113_10150508106858216_794048215_8866380_1741827350_n.jpg


سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي جا هن سالياني ڪانگريس ۾ مختلف انداز​
 
جواب: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ساليانه ڪانگريس ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جي پريس ڪانفرنس

ادا سٺي ونڊ آهي ساڻ تمام بهترين ايڊيٽنگ
مهرباني توهان جي ونڊ شيئر ڪرڻ تي ۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top