جواب: سائين مسئلو حل ڪيو
ادا عبد العزيز سمون صاحب اوهان جي هارڊ ڊسڪ ۾ وائرس جو مسئلو آهي۔ يا ته هارڊ ڊسڪ ۾ بيڊ سيڪٽرس آهن۔ يا توهان جنهن سي ڊي مان ونڊو ڪري رهيا آهيو ان ۾ موجود فائل مسنگ يا ڪرپٽ آهن۔
جيڪڏهن هارڊ ڊسڪ ۾ وائرس جو مسئلو آهي ته ان جا تمام پارٽيشن ختم ڪري ان کي فارميٽ ڪري ٻيهر پارٽيشن ٺاهي ونڊو انسٽال ڪريو۔
جيڪڏهن هارڊ ڊسڪ ۾ بيڊ سيڪٽرس آهن ته ان جو ڪو ديرپا حل نه آهي ۽ ان جو هڪوڻو حل هارڊ ڊسڪ تبديل ڪرڻ آهي۔
ونڊو سيڊي ۾ جيڪڏهن ڪا پيچيدا مسئلو آهي ته اها ونڊو انسٽال ته ٿي ويندي پر پهريان ئي ايرر رپورٽنگ شروع ڪندي آهي۔ ان مسئلي جو حل اهو ئي آهي ته ڪا نئين ۽ قابل اعتماد سيڊي خريد ڪريو يا ٽورينٽ تان ڊائونلوڊ ڪري پاڻ سي ڊي رائيٽ ڪريو۔
انشا الله مسئلو حل ٿي ويندو۔