حسين آهين

منصورسوندرائي
هي قرآن ٿو ٻڌائي ، آهين ڏاڍو حسين تون
پرور سان پيار تنهنجو ، ان جو پرين تون

” والضحى“ تنهنجو چهرو، ”والليل “ واريون زلفون
سرمون ”مازاغ“ جو اکڙين ۾ ٿو وجهين تون

”تقلب وجهڪ“ ۾ رب تنهجي رضا پيو ڳولي ،
”اوادنى“ ساڻ الله کي ويجهوصفا ڏسين تون

”لاترفعو“ جا ڌڙڪا،ڏاترڏي”انت فيهم“ جادلاسا
”فاتبعوني“ سان فيض ڏئين ”رحمة للعالمين“ تون

”والعصر“ جي ٽاڻي ، ” بلدِ امين “ ۾ بيـٺو سائين
”مزمل“ پائي چادر ”ڪوثر“ پيو ونڍين تون
”خلق عظيم“ وارا ”ورفعنا“ تي تنهنجي رسائي
منصور تنهنجو سڏائي پر پنهنجو ڪرين تون
 
Back
Top