• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تو کي ڏاڍو ساريو سائين۔۔شاعر سجاد مهر

حسين جوڻيجو

سينيئر رڪن
تو کي ڏاڍو ساريو سائين
آب اکين مان ھاريو سائين

ھجومن ۾ ھوندي ڀي مون
ڌيان اوھانجو ڌاريو سائين

اميدن جـي روشـن دان ۾
پـنھنـجو پاڻ آ ٻاريـو سائين

دل سان درد ائين ڳنڍجي ويو
ڌرتي سان جيئن ڌاريو سائين

پاڻ ڇــڏائـي پـــو ءِ پـڇو ٿا
ھاڻي ڪيئن ٿا گھاريو سائين

جـڏهن هـڏڪيءُ هـانءٌ ڇڳو
تـنهنـجـو نانءٌ اچاريو سائين.
 
جواب: تو کي ڏاڍو ساريو سائين۔۔شاعر سجاد مهر

اڄ ته لڳي ٿو ته شاعر اسانجو سر کڻندا ۔۔۔ هوڏانهن مزمل جي شاعري ته هيڏانهن وري سجاد مهر ۔۔۔ پاڻ ته سڙي وياسون اصل باه ۾

رحم ڪريو سائين۔

تمام سٺي اڏام، جهڙا لفظ تهڙو ڪلام

لک ٿورا دوست جوڻيجا صاحب

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top