• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

باغن ۾ توکي ڳوليان پيو

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

غزل

باغن ۾ توکي ڳوليان پيو
ٿي ڪوئل ڪائي ٻوليان پيو

من اچين ڪنهن رستي منجهان
پنهنجا در دريون کوليان پيو

ڏکيو آ سفر سهپ کان مٿي
جند جان پنهنجي روليان پيو

ٿيندو نيٺ ميلو محبتن ڀريو
دريو يار دل جون کوليان پيو

تنهنجي ياد آئي هندوري جيئان
ويهي يار ڳڻتون لوڏيان پيو

اوجاگن سان جهيڙو"مزمل"ڪري
سڄي رات توکي ساريان پيو

شاعر"مزمل"چانڊيو
 
جواب: باغن ۾ توکي ڳوليان پيو

من اچين ڪنهن رستي منجهان
پنهنجا در دريون ڳوليان پيو

ڏکيو آ سفر سهپ کان مٿي
جند جان پنهنجي روليان پيو

يار مزمل، اڄ ڪافي ڏينهن کان پو ديدار ڪرايو اٿئي، پر اهڙي فڪر انگيز شاعري کڻي آيو آهين جو اوهانجي سموري غير حاضري، حاضري ۾ تبديل ٿي وئي آهي ۔۔۔

ايتري تڙپ، ايتري اڻ تڻ، بيان ڪئي اٿوَ،
عشق جو ڪمال، اورچائي بيان ڪئي اٿوَ،
في الحال ته هن طرف به آڳ جا الا اٿاريا اٿوَ۔

جيئو هزارون سال ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: باغن ۾ توکي ڳوليان پيو

مهربانيون سڀني دوستن جون
لک ٿورا دوستن جا ۽ ادي سنڌي نور جا مهربانيون
 
جواب: باغن ۾ توکي ڳوليان پيو

ڏکيو آ سفر سهپ کان مٿي
جند جان پنهنجي روليان پيو


ادا مزمل بهترين الفاظن ۽ آحساسن تي مشتمل توهان جي شاعري اسان جي دل تي گهرو اثرو ڪيو آهي۔توهان جي شاعري جو مٿيون بيت سمجھ وارن لاء تمام وڏي گهرائي ٿو رکي۔ان فڪر کي جاري رکندا۔
 
Back
Top