مان هڪ دفعو ڪراچي صدر مان گذريس ته اتي فٽ پاٿ تي ويٺل هڪ نجومي سڏرائيندڙ جنهن وٽ هڪ بورڊ لکيل لڳو پيو هو جادو ٽوني گهريلو مسائل شادي محبت م ناکامي وغيره ايک بار همين هاٿه دڪهائين آپ کي قسمت بدل جائيگي ، مون کي سڏ ڪري چيائين ته هيلو بهائي جان اپنا هاته دکهاو تيري قسمت بدل جائيگي ........هههههه مون ان کي جواب ڏنو ته جاني پهلي اپني قسمت بدلو فٽ باٿ سي تو اٽهو پهر دوسرون کو قسمت بدلني کي خواب دکهلانا .. چار سال سي مين تجهي اسي فٽ پاٿ په بيٺها هوا ديکه رها هون جب تم اپني تقدير نهين بدل سکي تو ميري کيا بدلوگي ...ويچارو ڏاڍو شرمندو ٿيو ...پر ان ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ اڃا نه ڇڏيو آهي هن دفعي به مهنجو ڪراچي وڃڻ ٿيو ته اتي همراه کي ڏٺم پر اسان جا هاڻي به گهڻا سنڌي ڪراچي وڃڻ بعد اهڙي نجومين کي پهنجو هٿ ضرور ڏيکاريندا آهين ۽ پهنجا کيسا صاف ڪرائي ايندا اهين گهٽ ۾ گهٽ فيس 100 رپيا هو وٺٺندا آهين خير انهن جي قسمت ته تبديل ڪونه ٿيندي آهي هٿ ڏيکارڻ بعد ليڪن انهن جو کيسو ضرور صاف ٿي ويندو آهي هههههه
جواب: فٽ پاٿ تي ويٺل قسمت بدلائيندڙ نجومي ھلڙي فقير! اوھان جي ونڊ سٺي لڳي، بيشڪ ڪراچي جي روڊن تي اڪثر اھڙا نجومي پنھنجي ڀيٽ ڀوڄا لا ويٺا ھوندا آھن۔۔۔۔انھن جا مختلف قسم ۽ گروھ ھوندا آھن جيڪي ڪراچي ۾ رھندڙ صادن ماڻھن کي پيا شڪار ڪندا آھن۔ دوستن کي گھرجي ته ھنن کي اوھان جيان جواب ڏئي جان ڇڏائين ٻئي صورت ۾ پنھنجو کيسو خالي ڪرائيندا۔ اھڙي قسم جا ماڻھون ڪراچي صدر ۾ ويٺل ھوندا آھن۔ صدر ۾ ڪجھ اھڙا به ماڻھون چوڪن تي بيٺا ھوندا آھن جيڪي رستي تان آيل ماڻھن کي بيوقوف ڪندا آھن۔
جواب: فٽ پاٿ تي ويٺل قسمت بدلائيندڙ نجومي پر جهونا تو اهو ڪون ٻڌايو ته اوهان پنهنجو هٿ ڏيکاريو ته جواب ڇا مليو ۔۔۔؟ لوهه به سون ٿيندو يا نه ۔۔؟؟؟ ڪو پارس هٿ ايندو يا نه ۔۔۔؟؟؟ وغيره وغيره ۔۔۔ جواب جو منتظر ۔۔۔ سرها رهو سدا ۔۔۔
جواب: فٽ پاٿ تي ويٺل قسمت بدلائيندڙ نجومي هن دنيا ۾ ته ڪي اهڙا نجومي به آهن جيڪي بنا هٿ ڏسڻ جي ٻين جي قسمت ٺاهين ۽ پل ۾ ڊاهين ٿا؟
جواب: فٽ پاٿ تي ويٺل قسمت بدلائيندڙ نجومي ها ليڪن مان اهڙن ماڻهن کي به سڃاڻان ٿو جيڪي پهنجي نيصب ۽ پهنجي مقدر جي لڪيرن کي پهنجي ئي هٿن سان مٽائي ڇڏيندا آهين ۔۔پهنجي ئي قسمت کي پهنجي ئي هٿن سان ڊآهي ڇڏيندا آهين
جواب: فٽ پاٿ تي ويٺل قسمت بدلائيندڙ نجومي ادا ڪراچيء وارا وڏا بشني آهن خاص ڪري صدر ۾ ته وڏي دو نمبري آهي سائين نٽار ٻڌايو ته هن دفعي واٽر پمپ واري علائقي ۾ سبزي جي پوري ٽوڪري الائي ڪري کڻي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر جي پاڻ وارو انٽرنيشنل فقير هٿ ڏسڻ شروع ڪري ته ڏاڍو ڪمائيندو