سهڻا عاشق، رب اوهانکي وڏي ۽ آزاد عمر عطا ڪري ۔۔۔ اسانجون اکيون ٿڌيون جو اوهان فطرتي زندگي گذارڻ جي تمنا ٿا ڪريو، آزاد زندگي گهارڻ جا خواب ٿا ڏسو، هوائن جهڙي آزادي، پاڻي جي ڇولين جهڙي آزادي جن کي ڪا روڪ ٽوڪ نه هجي، ماڪ ڦڙن جهڙي صاف ۽ شفاف زندگي ۔۔۔
پر اي دوست! هن سماج جا ڪجهه اصول اهڙا آهن جنکي مڃڻ به ضروري آهي، انهن تي هلڻ به ضروري آهي، نه ته ٻي صورت ۾ انسان ۽ جانور جي زندگي هڪجهڙي ٿي پوندي ۔۔۔ مثال جي ڳاله فطرت ۾ جنسي لاڳاپا ٻين سڀني جانورن ۾ آزادي سان ڪيا وڃن ٿا پر سماجي اصولن ۾ انسان کي اهو سمجهايو وڃي ٿو ته ” نڪاح“ ڪري حلال ڪيو وڃي ۽ انکان اڳ جا جنسي لاڳاپا حرام آهن۔ سماج ۾ اهڙن لاڳاپن کي بري نظر سان ڏٺو وڃي ٿو پر جانورن ۾ ائين ناهي ۔۔۔ ” جيڪو ڏاڍو سو گابو“
مثال جي ڳالهه کاڌي کائڻ جو حق هر جانور کي فطري طور تي آزادي سان مليل آهي، جيڪو ۽ جتان وڻيس سو کائي، پر انسان کي سماجي اصولن اهو سمجهايو آهي ته محنت ڪري کائڻو آهي، حق حلال جو کائڻو آهي، چوري ڪري کائڻ، زورآوري سان کائڻ يا ٻين جي کاڌي تي قبضو ڪري کائڻ کي بري نظر سان ڏٺو وڃي ٿو۔
اهڙي طرح سان سماجي لڳ لاڳاپن جا اصول پڻ انسان تي ئي رائج ٿين ٿا، ٿيندو اهو آهي ته انسان سوچيندو آهي ته انجي مٿان اهي بندشون ڇو آهن ته ان جو جواب اهو ئي آهي ته انسان اشرف المخلوقات آهي ۽ انجي زندگي جا ڪي مقصد ۽ ڪي اصول آهن، انهن جي پاسداري ڪرڻ سان سماجي ۾ چڱاين جا عنصر اڀرن ٿا ۽ حرام ۽ حلال جون سرحدون قائم ٿين ٿيون۔
پر پو به سهڻا عاشق ائين چئبو ته اوهانجي سوچ جي اڏام هاڻ گهري ٿيڻ لڳي آهي ۔۔۔ اوهانجي سوچ هاڻ رستا ڳولهڻ لڳي آهي، اميد آهي ته سهي رخ طرف اوهانجي سوچ رهندي ۔۔۔
لک ٿورا ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت