عام معلومات انهن انگريزي زبان جي الفاظن جي باري ۾ جيڪي اسان روز ٻڌندا ۽ ڳالهايندا آهيون محترم ميمبرس اسان پنهنجي زندگي ۾ روزانا ڪيترائي اهڙا انگريزي زبان جا الفاظ استعمال ڪندا آهيون جيڪي اصل ۾ ڪنهن وڏي الفاظ يا جملن جا مختصر ورجن( Abbreviations) هوندا آهن ۔جن جي باري ۾ اسان مان گهڻن کي خبر نه هوندي آهي۔انهن مان ڪجه الفاظن ۽ جملن جو اصل متن توهان جي معلومات لاء۔ COLD (ڪولڊ) :Chronic Obstructive Lung Disease. JOKE (جوڪ) : Joy Of Kids Entertainment. AIM (ايم آف لائيف) : Ambition In Mind. DATE (تاريخ ) : Day And Time Evolution EAT (کاڌو يا ڪا ٻئي شي کائڻ ) : Energy And Taste TEA ( چانھ ) : Taste and Energy Admitted. PEN (پين/ قلم) : Power Enriched in Nib SMILE (مسڪراهٽ ) : Sweet Memories In Lip Expression ڪڏهن ڪڏهن نوڪري جي انٽرويو يا مختلف ڪاليجن جي انٽري ٽيسٽ ۾ مٿيون ڳالهيون پڇيون وينديون آهن۔
جواب: معلومات انگريزي زبان جي الفاظن جي باري سائين بهترين واقعي ڪڏهن ڪڏهن انٽرويو ۾ اهڙا جملا پڇا ويندا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام ڪارائتي معلومات ونڊ ڪئي اٿو
جواب: معلومات انگريزي زبان جي الفاظن جي باري واه سائين، پاڻ ته ان طرف ڪڏهن خيال ئي نه ڪيو ته ڪي انگريزن پنهنجن لفظن جي پويان ايتريون معنائون لڪائي رکيون آهن ۔۔۔ پنهنجي جا ته سڀ ڳالهيون سون جهڙيون پر پين جو مطلب ته اعلا ۽ اتم آهي ۔۔۔ هن جملي جي فڪري معني ڪجي ته؛ Power enriched in nib طاقت، سگهه قلم جي نوڪ ۾ آهي ۔۔۔ اهو مهاورو ٻڌندا ته هياسون پر اڄ پين جي وضاحت مان سمجهه ۾ به اچي ويو۔