غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
شاه عبدالطيف ڀٽائي رحه،جي سُر ڪلياڻ مان چند بيت اوهان جي لاء
تون چَئُه آللهُ هيڪڙو ، وائيِ ٻِي وسارِِِ
تَنَ ۾ تَندُ تَوارِ ،سَدا سُپيرِينِ جِي۔
تون چَئُه آللهُ هيڪڙو ، ٻي وارِجِ ۾َ وائيِ
جيڪا مُڪِي سَڄَڻين سِکجُ تون سائي
اوڙَڪِ اِهائِي ،ڳولي لَهِجُ ڳَالَهڙِي۔
تون چَئُه آللهُ هيڪڙو ، ٻِي وِائيِ وساري ڇَڏِ
تَنَ هِنيين سيِن گَڏ ،سَڄَڻُ سَاهَ پَساهَ ۾ ۔
سُر ڪلياڻ
شاه صاحب جي فڪر جي عظمت ۽ اوج جي لحاظ سان ،سر ڪلياڻ نهايت ڳرو ڳُوڙهو سر آهي۔اعلي ڄاڻ ۽ معرفت حاصل ڪرڻ ۽ اعلئ مقصد ماڻڻ لاء،هن سر ۾ سمايل فڪر انسان کي شڪ ۽ شرڪ بدران يقين،آرام بدران بي آرامي،تسڪين بدران تڙپ ۽ بيتابي،رسمي ڏيکاء بدران سچائي،۽ سڌن بدران سر جي قرباني جي راه ڏيکاري ٿو۔هن سُر ۾ "توحيد" ۽ "رسالت" جي حوالي سان،انسان جي عقيدي جي صفائي ۽ ڪائنات جي وحدت جو راز سمجهايل آهي۔اعلئ ڄاڻ ۽ معرفت واري مقام تي پهچڻ خاطر،حقيقت جي تلاش ڪندڙ کي ترغيب ڏنل آهي ته هو ٻيائيءَ کي ٻوڙي،خوديءَ کي کائي،هئڻ ۽ هستي واري ڪُلاه ڪاٽي;ٻاهرين لُڇَ پُڇ بدران اندر م لوچي ۽ لُڇي، ۽ "پاڻ" کي پاڻ کان پري ڪري ائين جو ڄڻ مرڻ کان اڳ مري۔عشق جي آزمايش،محبوب جي بي پرواهي،ڪاتي ۽ ڪوس،کوري ۽ باه جو ذڪر آهي;محبوب جي ڪهڻ ۽ عاشق جي ڪسجڻ جو بيان آهي، عشق آسان ناهي پر سوريءَ جي سيج آهي۔عشق جي واردات ضربن ۽ زخمن واري آهي۔عشق جي آزمايش ۾ ڪاميابي لاءِ سچي عاشق کي محبوب آڏو ڪسي قربان ٿيڻ ۽ سرهو ٿي سوريءَ تي چڙهڻو آهي۔
اهو سڄو ماحول نهايت ڳرو ڳوڙهو آهي،سُر ڪلياڻ يقين کي محڪم ڪندڙ،قربانيءَ لاء جوش ۽ جذبو جاڳائيندڙ،اعلئ منزل تي پهچڻ لاء ولولو وڌائيندڙ،همت ۽ حوصلو ڏيندڙ آهي۔هيءَ سر خاص طرح حق ۽ حقيقت جي ڳوليندڙ کي لوڏيندڙ ۽ لرزائيندڙ آهي۔سندس سک ۽ آرام وڃائيندڙ آهي،۽ کيس اعلئ معرفت واري مقام لاء اڀاريندڙ ۽ اٿاريندڙ آهي۔انهي لحاظ سان ،سر ڪلياڻ نهايت زورائتو سر آهي۔جنهن ۾ سانت ۽ سڪون بدران ولولو ۽ ووڪُ آهي،جنهن ۾ جرات ۽ جولان هيج ۽ هيجان آهي۔هن سر ۾ اها زوردار ترغيب ڏنل آهي ته سوري ئي سيج آهي،سوز ئي سڪون آهي۔۽ جي ڪو آرام آهي ته آڳ ٻرندي ۾ ئي آهي۔هن سر ۾ اعلئ مقصد خاطر پنهنجون سموريون سڌون ڀڃڻ،سک جا سانگا پلڻ ۽ آرام ڦٽائڻ،۽ ڏک ڏاکڙا ڏسڻ ۽ سهڻ جي ترغيب ۽ تعليم ڏنل آهي۔