ڀُٽو، جيڪو هميشه زنده رهندو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2012۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    محترم ذولفقار علي ڀٽو جي 84 هين سالگره جي موقعي تي خاص تحرير

    ڀُٽو، جيڪو هميشه زنده رهندو
    انسان جو موت تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ماڻهو ان کي ۽ ان جي ڳالهين کي وساري ڇڏين پر قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي ليڊرن جي فڪر ۽ نظريه، جوهري توانائي جا حاصل هوندا آهن. جيڪي هزارين سال روشن رهندا آهن ۽ پنهنجي رت سان ظلم ۽ جبر خلاف شمع روشن ڪندا آهن، جنهن ظلم ۽ جبر خلاف سر نه جهڪايو ۽ مظلوم طبقي جي حمايت ۾ ايترو اڳتي نڪري آيو جو پنهنجي جان انهن مٿان قربان ڪري ڇڏي. عوام کي خبر آهي ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي هن ملڪ جي عوام تي ڪهڙي طرح بي آبرو ڪيو ويو آهي، ڪهڙن حربن سان عوام کي غربت ۽ جهالت جي اونهي غار ۾ ڌڪيو ويو آهي. 64 سالن جي عرصي ۾ جڏهن به روشني جي ڪرن اٿي ان کي دشمنن عوام کان ڦرڻ چاهيو اسلام کان ڪفر جو سازشون، ڪوڙي اخباري رپورٽن، گمراهه ڪندڙ ڪالم، ڪوڙين شاهدن سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت عوام جي حافظي ۾ محفوظ آهي، جيئن ڪالهه جي ڳالهه هجي. جڏهن ملڪ جي عوام اهل فڪر، دانشورن ۽ هن ملڪ جي مزدورن جي خواب کي اهڙي ڀيانڪ تعبير ڏني وئي ته جمهوريت جو نالو وٺڻ کان پهرين سر تري تي رکڻو پوي ٿو. ڇو ته جهڙي طرح جمهوريت جي بي حرمتي ٿي جهڙي طرح عوام جي عزت نفس کي مجروح ڪيو ويو ۽ جهڙي طرح عوام کي خوابن کان محروم ڪيو ويو آهي، اهي پل دردناڪ هئا ۽ عبرت حاصل ڪرڻ جهڙا هئا ۽ جڏهن ياد ايندا آهن ته دانهن ۽ اونداهه کانسواءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي. تاريخ گواهه آهي ته پاڪستان جي قيام کان ڏهه سال بعد ئي ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي ، هن مملڪت جي بنيادن کي هلائي ڇڏيو ۽ ملڪ کي ٽڪرا ڪرڻ بعد ئي اختتام پذير ٿيو.
    انهن حالتن ۾ ئي شهيد ڀٽو تاريخ جي پڪار تي لبيڪ ڪيو ته هو پاڪستان جي عوام ۽ تاريخ جي ضرورت هو، جهڙي طرح قائد اعظم هندوستان جي مسلمانن جي تاريخي ضرورت هو، هن عوام خاطر عوام سان گڏ ئي جمهوري رستي تي هليو جيڪو قائد اعظم جو پڻ هو ۽ پوءِ سندس جدوجهد فڪر ۽ عمل مان ثابت ٿيو ته هو قائد اعظم جو صحيح جانشين هو. اڄ انقلاب جو نعرو هڻندڙ لاءِ قائد عوام جي جدوجهد هڪ مثال هئڻ گهرجي ته هن پنهنجي حسني سلوڪ، تدبر ۽ فڪر سان اهڙو انقلاب آندو جو عوام سندس هڪ اشاري تي عوام دشمنن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ مضبوط ايوبي بت کي پاش پاش ڪري ڇڏيو پر ملڪ ۾ جمهوريت کانسواءِ ڪنهن به رستي کي پسند نه فرمايو ماڻهن جي سڃاڻپ لاءِ شناختي ڪارڊ جاري ڪيو ويو، عوام کي پاسپورٽ کان روشناس ڪرايو، اڄ لکين پاڪستاني پرڏيهه ۾ ڪاروبار ڪري هن ملڪ جي معيشت جي مضبوطي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان جو ڪريڊٽ ان عظيم مفڪر کي وڃي ٿو ڇو ته پهريا پاڪستاني پرڏيهه ۾ نوڪرين لاءِ وڃي نه سگهندا هئا.
    شهيد ڀٽو 90 هزار سول ۽ فوجي جنگي قيدين کي باعزت رهائي ڏياري ۽ هزارين ايڪڙ علائقو به ڀارت سان مذاڪرات بعد آزاد ڪرايو، بعد ۾ ملڪ جي دفاع جي مضبوطي لاءِ ايٽمي پروگرام جو آغاز ڪرايو، اڄ پاڪستان جي ايٽمي قوت هئڻ جو ڪريڊٽ کڻندڙ شايد ڪنهن اداري پنهنجي تعليم مڪمل ڪري رهيا هوندا، جڏهن هن ايٽمي پروگرام لاءِ شهيد ڀٽو ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي هالينڊ مان آڻڻ لاءِ قائل ڪري رهيو هو، مشرقي پاڪستان ٽٽڻ سبب ملڪ جي معيشت گهڻي ڪمزور ٿي چڪي هئي پر شهيد ڀٽو فيبروري 1974ع ۾ لاهور ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪري پنهنجي دوست اسلامي ملڪن جي مدد سان معيشت کي مضبوط ڪيو. ان کان علاوه شهيد ڀٽو صنعت، زراعت ۽ تعليم لاءِ اهڙا اقدام ڪيا جن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ هزارين صفحا به گهٽ ٿيندا پر اڄ ملڪ جي مزدور هاري ۽ شاگردن جي ڀٽو ازم سان محبت ان جي سند آهي.
    قائد عوام جي سياست هڪ عبادت هئي، هن عوام ۽ ملڪ کي اونداهه مان ڪڍڻ لاءِ هڪ جامع منشور ڏنو، هن ڪشمير، فلسطين ۽ ٽئين دنيا جي عوام لاءِ روشني ڏني پر سازشن ان خواب کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو، يارهن سالن جي ڊگهي آمريت جي عرصي ۾ ملڪ کي هڪ اهڙي ميدان ۾ تبديل ڪيو ويو جو جمهوريت بازيگرن جي هٿن ۾ تماشو بڻجي وئي، يارنهن سال جو هي عرصو محرومين، نا انصافين، جمهوريت جي ڪوڙين دعويدارن اسلام جي نام نهاد ٺيڪيدارن، ضمير فروشن، لساني دهشتگردن ۽ فرقه پرستن جو هڪ وڏو داستان آهي، جيڪا هاڻي تاريخ جو حصو بڻجي چڪي آهي.
    1988ع، 1993ع، 2002ع ۽ 2008ع جي چونڊن ۾ ثابت ڪيو ته عوام پنهنجي دوستن ۽ دشمنن کي اخباري ڪالم نگارن ۽ نام نهاد دانشورن کي بهتر طريقي سان سمجهي ٿو، عوام اهو ئي جمهوريت چاهي ٿو جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هئي. عوام پ پ کي جنهن چونڊي ايوان ۾ ويهاري ٿو ته ان يقين سان ته سندس اميدن جي صحيح ترجماني جو حق صرف ڀٽوازم ۾ پوشيده آهي، عوام اهڙا نمائنده چاهي ٿو جيڪي وفاداريون نه بدلائين ڇو ته مارچ فوبيا جي شڪار عنصرن کي پ پ جي سينيٽ چونڊن ۾ متوقع ڪاميابي برداشت نه ٿي رهي آهي، ڇو ته جمهوريت سندن برداشت کان ٻاهر آهي، هو انجنيئرڊ ڪاميابين جا عادي آهن ڪو چور دروازو يا مختصر رستو ئي کين اقتدار تائين پهچائي سگهي ٿو نه ته عوام جي پسند اڄ به پ پ آهي، جنهن کي يقينن 5 سال جو مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ پ پ جي موجوده حڪومت 18 هين ترميم ذريعي ڪنهن به غير آئيني قدم جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ جمهوريت پاڪستان کي هميشه لاءِ تحفي ۾ ڏئي ڇڏي آهي، ڇو ته شهيد قائد عوام ۽ شهيد جمهوريت جو اهو ئي خواب هو جيڪو موجوده حڪومت پورو ڪيو.
    شهيد اڳواڻ اڄ به باشعور ذهن جي روشني آهن، اڄ به سڀ زنده دلين جي ڌڙڪن آهن، اهي جيڪي تاريخ ۾ زنده رهڻ چاهين ٿا انهن کي جڏهن اهو احساس ٿئي ٿو ته سندن فاني زندگي جو تسلسل، جسماني وجود جي بقا سندن اصولن جي لکا زنده رهڻ بدران جان جي قرباني ۾ زياده موثر آهي ته هو جان جي بازي لڳائي ويهندا آهن، انهن کي يقين هوندو آهي ته سندن موت قوم جي حيات آهي،
    شهيد ڀٽو جمهوريت تي هڪ اهڙو گيٽ قرار ڏيندو هو جيڪو انقلابين جي روح ۾ هر وقت گونجندو رهندو هو، جيڪو بهترين حڪومتي نظام ڏيندو آهي، جنهن انسان کي شخصي آزادي حاصل هوندي آهي، سندس عزت نفس جي اهميت هوندي آهي ۽ مملڪت به ترقي جي راهه تي گامزن هوندو آهي.
    اڄ سندس 84 هين يوم پيدائش جي موقعي تي پ پ جو هر ورڪر هر جمهوريت پسند هي عهد ڪري ٿو ته جمهوريت جي بلندي لاءِ هر وقت قرباني لاءِ تيار آهي، جهڙي طرح قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو پر مملڪت ۽ عوام جي حقن تي سمجهوتو نه ڪيو.

    ڊيلي عبرت جي ٿورن سان
     
  2. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: ڀُٽو، جيڪو هميشه زنده رهندو

    توهان تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي ۽ پڙهڻ ۾ به ڏاڍو مزو آيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو