شِنهن،بگهڙ ۽ لومڙ جي دوستي۔ هڪ نصيحت ڀريل آکاڻي توهان جي نظر۔ شينهن،بگهڙ ۽ لومڙ پاڻ ۾ دوست ٿي گڏجي شڪار ڪندا هئا۔جيتوڻيڪ شينهن کي انهي دوستيءَ ۾ هئڻ ڪري لڄ ايندي هئي،ته به هو پنهنجي ڪشاده دلي ڏيکاري انهن سان دوستيءَ ۾ پيو گذاريندو هو،،،،، نصحيت۔۔ پاڻ کان ننڍن کي پنهنجي صحبت سان فيض حاصل ڪرڻ جو وجھ ڏيڻ گهرجي; اين چنين مه راز اختر ننگها ست او ميان اختر ان بهر سخاست معنئ; هونءَ جيڪر چنڊ کي به تارن جي وچ ۾ بيهندي لڄ اچي،پر تارن جي وچ ۾ چنڊ جو بيهڻ چنڊ جي درياه دلي آهي ۔حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن به پنهنجي غريب ساٿين جي وچ ۾ گذاريندا هئا ۽ انهن کان صلاحُون مصلحتون پڇندا هئا هڪڙي ڏينهن ٽنهي سنگتين جبل ۽ بيابان گهمندي هڪڙو جابلو ڍڳو،هڪڙو ٻڪر ۽ هڪڙو سهو شڪار ڪيو۔بگهڙ ۽ لومڙ جيڪي شينهن سان گڏ شڪار جي پٺيان ڊوڙيا ۽ هلاک ٿيا هئا تن کي طمع هئي ته انهن ٽنهي شڪارن جي ورڇ شاهاڻي عدالت موجب ٿيندي۔شينهن ته بگهڙ ۽ لومڙ جي طمع پروڙيو ويٺو هو۔ان جي مرضي هئي ته ڀل اها طمع انهن جي واتان پڌري ٿئي ته انهن کي اهڙي سيکت ڏيان،جا ملڪ ۾ ڳائبي رهي ۽ آءُ به انهن خبيثن جي سنگت جي ڪارنهن پاڻ تان لاهي ڇڏيان۔سو ظاهر ۾ انهن سان پئي کليو ۽ ڳالهايائين پر اندر ۾ سڙيو ويٺو هو۔۔۔ نصيحت : مال تي موچڙ آهن۔ شِر با اين فکر ميزد خنده فاش از تبسمهاءِ شير ايمن مباش معنئ: اهو شينهن دل ۾ سٽائون سٽي رهيو هو پر ظاهري طرح کلندو رهيو ٿي۔اي انسان! تو ڪڏهن به ڪنهن پاڻ کان ڏاڍي جي کلڻ ڪڏڻ تي بانور نه ڪج۔دنيا جي مال مايا تي اسين مست موهيل آهيون،پر هوءَ اسان جي مورکائيءَ تي کلي رهي آهي۔اي انسان! غربت ۽ مسڪينيءَ کي بهشت ڪري ڄاڻ، انهيءَ تي مال مايا ٺٺوليون ڪري نه سگهندي۔ شينهن کلندي ڪڏندي بگهڙ جي امتحان وٺڻ لاءِ هن کي چيو ته "اي جهونا بگهڙ!تون منهنجو نائب آهين،عدالت طور چوء ته هي ٽي شڪار جيڪي پنهنجي اڳيان رکيا آهن،تن جي ورڇ ڪهڙيءَ طرح ڪيون؟ بگهڙ چيو، "'بادشاه!توهين وڏا آهيو،تنهنڪري وڏو شڪار (جنگهلي ڏاند) توهان جو حصو آهي۔ٻڪر مون کي ملي ۽ سهو لومڙ کي۔"' شينهن ڪاوڙجي چيس """ته اي رڍ جا پٽ!مون شينهن جي اڳيان به تون پنهنجو پاڻ(خودي) ٿو ڏيکارين ؟منهنجي اڳيان تو پنهنجي نيستي قبول نه ڪئي!تنهنڪري توکي فنا ڪرڻ آءّ پنهنجو فرض سمجهان ٿو۔"""" ايئن چئي وٺي جو بگهڙ کي چنبو هنيائين ته آنڊا گجيون وڃي ٻاهر پيس۔ پوءِ شينهن وري لومڙ کي چيو ته """"لومڙ! تون سچ ٻڌاءِ ته هن شڪار کي ڪيئن ورهائي کڻڻ گهرجي؟""""" لومڙ مٿو زمين تي رکي چيو ;"""جيئندا قبلا !هي جهنگلي ڍڳو،ته حضور جن جي ٻنپهرن جو طعام به مس ٿيندو،ٻڪر اوهان جي پوڄاڙيءَ جي خورڪ آهي، ۽ سهو رات جي وقت اوهان جو ڇاندو به مس ٿيندو،تنهنڪري هي سمورو شڪار اوهان رکو۔نوش جان ڪريو۔"""شينهن خوش ٿي چيو، ته """ اي لومڙ!واه جي عدالت ڪئي اٿيئي!ٻڌاءِ! ته انهيءَ ورهاڱي جو عقل تون ڪٿان سکين؟ لومڙ چيو،""" حضور،اهو عقل بگهڙ جي حال مان پرايم""" تنهن تي شينهن چيس، """ شاباش لومڙ شاباش! تون جڏهن اسان جي اڳيان هستي وساري ڇڏي آهي،تڏهن تون اسان جو جان جگر آهين،هاڻي هي سڀ شڪار تنهنجي ملڪيت آهي،ويٺو کاءُ ۽ مزا ماڻ""" نصحيت:دوستن جي حال مان سبق حاصل ڪر۔ عاقل ان باشد که عبرت گيرداز، مرگ ياران وبلاءَ محترز معنئ:ڏاها انسان اهي آهن ،جيڪي ڪنهن آفت وگهي دوستن کي مرندو ڏسي سبق حاصل ڪن ۽ پاسو ڪن۔ لومڙ پنهنجي سلامتيءَ جا شڪرانا ڪيا ۽ دل ۾ چيائين ته """ شڪر آهي،جو شينهن مون کان بگهڙ کان پوءِ شڪار جي ونڊ ورڇ لاءِ چيو،جيڪڏهن پهريائين مون کان پڇي ها،ته منهنجو حال به اهڙو ٿئي هان ،جهڙو بگهڙ جو ٿيو""" نصحيت: گذري ويلن جي احوال مان سبق پراءِ اڳ گذريل انسانن تي ڪهڙيون ڪهڙيون سزائون الله پاڪ جي طرفان نازل ٿيون۔ڪهڙن ڪهڙن افعالن ڪري ٿيون؟ سي احوال معلوم ڪري اسان کي سبق ۽ نصحيت حاصل ڪرڻ گهرجي۔اڳ گذري ويل انسانن جي برباديءَ جون نشانيون ڏسي اسان سبق حاصل نه ڪيو،ته اسان جو درجو لومڙ کان به گهٽ ليکبو۔اسين جيڪڏهن هٺ ۽ مورکائي ڪري فرعون جي فوج ۽ عاد قوم جي احوالن مان نصحيت پرائي سنئون رستو نه وٺنداسون،ته وري اسان جا پويان اسان جي گمراهيءَ ۽ نابوديءَ تي عبرت ڪندا۔ والسلام۔۔ فارسي شعري۔مثنوي رومي۔ شيخ جلال الدين رومي رحه: