• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل کي گهوماٽي۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو عنوان بلڪل درست لکيو اٿم۔۔۔
گوگل دنيا جي واحد سائيٽ آهي جيڪا روزانو سڀ کان وڌيڪ تعداد ۾ کولي وڃي ٿي۔۔۔ پنهنجي بي پناهه ڊيٽا ڏيڻ سان گڏو گڏ گوگل وارن جي ڪوشش به هوندي آهي ته هو پنهنجي استعمال ڪندڙن کي محظوظ ڪندي رهي۔۔۔
بظاهر سادگي جي لبادي ۾ هي سائيٽ پنهنجي اندر ڪافي راز رکي ٿي۔۔ جن مان ڪافي سنڌ سلامت تي ونڊ ٿيندا رهيا آهن۔۔۔ پر اڄ جيڪو گوگل جو راز توهان کي ٻڌايان پيو سو آهي ”گوگل کي گهوماٽي ڏيو۔۔“ بلڪل هن تصوير وانگر۔۔۔

184736-do-a-barrel-roll.jpg

اها گهوماٽي ڏيڻ لاءِ توهان گوگل ڳولا پني تي Do a Barrel Roll يا وري Z or R twice لکي ڳولا ڪريو۔۔ پر هي ڇا ڳولا ڪرڻ کان اڳ ئي گوگل گهوماٽي کائي ڇڏي۔۔۔
آزمائي ڏسو۔۔۔ جي سمجهه نه اچي ته هي وڊيو ڏسو۔۔۔

 
جواب: گوگل کي گهوماٽي۔۔۔

تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي توهان واهه سائين واهه۔
 
Back
Top