ڪوڙي شاهدي ۽ ان جا اثرات

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ڪوڙي شاهدي ۽ ان جا اثرات:

    ماڻهن جي حقن جي حفاظت۔مجرمن کي ڪيفري ڪردار تي پهچائڻ ۽ مظلومن جي داد رسي تڏهن ممڪن آهي جڏهن عدالت قانون جا تقاضا پورا ڪندي ڪيسن جا فيصلا ڪن ۽ ماڻهن کي انصاف فراهم ڪن۔عدالتي انصاف جو هڪ اهم ستون فريقين ۽ گواهان جي سچي گواهي آهي۔الله پاڪ به قران شريف ۾ سچي گواهي ڏيڻ جو حڪم فرمايو آهي،چاهي اها توهانجي پنهنجي يا توهانجي والدين يا ويجهن مائٽن ۽ دوستن جي خلاف هجئي۔

    ڪوڙي گواهي ڏيڻ اخلاقي ۽ قانوني جرم آهي:
    ڪوڙِي گواهي نه صرف غير اخلاقي فعل آهي بلڪه قانوني جرم به آهي جنهن جي سزا تعزيرات پاڪستان مجريه 1860(Pakistan Penal Code,1860)جي مختلف سيڪشنن جي هيٺ ڄاڻائي وئي آهي۔

    سيڪشن 192 پاڪستان پينل ڪوڊ 1860 جي تحت ڪو ڙي گواهي قابل گرفت جرم آهي۔جيڪڏهن ڪنهن ڪورٽ کي دورانه ڪيس جي ڪاروائي خبر پوي ٿئي ته ان ڪورٽ جي روبرو ڪنهن شخص جعلسازي ڪئي آهي يا ڪوڙي شاهدي ڏني آهي ته ڪورٽ ان شخص جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ان کي انڍر سيڪشن 193 پاڪستان پينل ڪوڊ 1860 ،جي تحت ستن سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهي ٿي۔اهڙي طرح ڪوڙا دستاويزات يا ڪاغذ تيار ڪرڻ ۽ انهن کي ديواني(Civil) ۽ فوجداري(Criminal)ڪيسن ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ به قابله تعزير جرم آهي۔ان جو اختيار سماعت ان ڪورٽ کي آهي جنهن جي سامهون اهئي ڪوڙا ڪاغذات پيش ڪيا وڃن۔اها ڪورٽ يا ته پاڻ مرادو ان جُو نوٽيس وٺندي يا ڪنهن فريقين جي درخواست تي ڪاروائي ڪندي۔ ضابط فوجداري مجريه 1898 (Criminal Procedure Code )جي سيڪشن 476 جي تحت ڪوڙي شاهدين تي مبني ڪيسن جي سماعت سمري طور تي ٿيندي آهي،ڪورٽ فرد جرم عائد ڪرڻ کانپوء اها ڪوڙي شاهدي جيڪا ان ڪيس جي ملزم ٻئي ڪيس ۾ ڏني هوندي کي ڪورٽ گواهي جو پارٽ ٺاهي ملزم کي سزا ٻڌائيندي۔ان قسم جي ڪيس ۾ ڪنهن ٻاهرين گواهي جي ضرورت نه هوندي آهي۔ها جيڪڏهن جعلي ڪاغذات ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويا آهن ته انهن ڪاغذن کي هينڊ رائٽينگ ايڪسپرٽ ڏي وريفيڪشن لاء موڪلي سگهجن ٿا تاڪي ان ڪاغذن جي جعلي هجئڻ جي باري ۾ ڪنفرم ڪري سگهجي۔  
    ڪوڙي گواهي مان مراد آهڙي شاهدي آهي جنهن ۾ ڪو ماڻهو ڄاڻي واڻي ڪوڙو بيان ڏئي ۽ حالئنڪ هن کي به خبر هجئي ته اهو ڪوڙو بيان آهي پر ان جي باوجود به ان کي سچو قرار ڏئي بيان ڪري۔
    تعزيرات پاڪستان مجريه 1860(Pakistan Penal Code,1860) سيڪشن194 جي هيٺ جيڪڏهن ڪو شخص ان نيت سان ڪوڙي گواهي ڏئي ته هو ان سان ڪنهن بي ڏوهي شخص کي ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪري سزا ڏياري سگهي يا سزا ڏيارڻ جو باعث بنجي يا ان ڪوڙي شآهدي جي ڪري ڪنهن کي ڪيپٽل سزا(ڦاسي) اچي سگهي ٿي ته ان ڪوڙي شاهدي ڏيڻ يا ٺاهڻ واري ماڻهو کي عمر قيد يا ڏهن سالن تائين سزا _۽ ڏنڊ لڳائي سگهجي ٿو۔جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان نيت سان ڪوڙي شاهدي ڏئي ته ان سان هو ڪنهن شخص کي سزا ڏياري سگهي جيڪو رائج الوقت قانون جي مطابق سنگين جرم ته نه آهي پر ان جي سزا عمر قيد،ست سال يا ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي،ته ان کي انڊر سيڪشن 195 تعزيرات پاڪستان مجريه 1860(Pakistan Penal Code,1860) اها سزا ڏني ويندي جيڪا اصلي ملزم کي ڏني وڃي هان جنهن حقيقت ۾ اهو ڏوه ڪيو هجئي هان۔
    مثالن  ڪنهن کي ڊڪيتي جي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي لاء ڪوڙِي شاهدي جي سزا ڏه سالن تائين قيد گڏ جرمانه سان ٿئي سگهي ٿي۔

    تعزيرات پاڪستان مجريه 1860(Pakistan Penal Code,1860) جي سيڪشن 198 جي تحت جيڪو به ماڻهو بدنيتي سان ڪنهن اهڙي اقرارنامه / سرٽفيڪٽ کي سچو ظاهر ڪندو جنهن جي باري ۾ هن کي خبر هوندي ته اهو سچ تي مبني نه آهي ته ان کي ڪوڙِي گواهي ڏيڻ جي سزا ڏني ويندي۔


    تعزيرات پاڪستان مجريه 1860(Pakistan Penal Code,1860) جي سيڪشن 201 جي تحت جيڪڏهن ڪو شخص جرم جي ارتڪاب ۾ متعلق نشانات،علامات ۽ ٻيا ثبوت ( قاتل جا رت وارا ڪپڙا،قتل واري جاء تان رت جا نيشان۔ڏوه ۾ استعمال ٿيل هٿيار۔لاش ) کي غائب ڪري يا ان جي متعلق غلط بياني کان ڪم وٺي جنهن جي ڪري جرم جي تفشيش ۾ مشڪلات پيدا ٿين يا جعلي ڪاغذات تيار ڪري يا ان قسم جون ٻيون شيون جنهن مان ظاهر ٿئي ته جرم جو ارتڪاب نه ٿيو آهي،يا ان کي لڪائڻ سان ملزم جو بنيادي مقصد اصلي مجرم کي قانوني سزا کان بچائڻ هجئي۔ان حالت ۾ اگر جرم سنگين نوعيت جو هجئي مثلن  اهڙو جرم جنهن جي سزا موت مقرر آهي ته ان کي مقرر ڪيل سزا مان ڪنهن هڪ قسم جي قيد جي سزا ڏني ويندي جنهن جو معياد ستن سالن ۽ جرمانه تائين ٿئي سگهي ٿي۔اهڙي طرح اگر اصلي جرم جي سزا عمرقيد يا ڏه سالن تائين قيد جي سزا مقرر آهي ته ان صورت ۾ ٻنهي قسمن مان ڪنهن قسم جي سزا ڏني ويندي جنهن جو معياد ٽن سالن تائين ٿئي سگهي ٿو۔۽ جرمانو به لڳائي سگهجي ٿو۔

    مٿين قانوني معلومات هن اڳڻ جي ڪينئوس تي ان ڪري چٽي آهي ته جيئن اسان جا محترم ميمبر ڪوڙي شاهدي ڏيڻ ۽ انهن جي قانون جي اندر سزا کان چڳي طرح واقف ٿئي سگهن ،نه پاڻ ڪا ڪوڙي شاهدي ڪورٽ ۾ ڏين نه پنهنجي ڪنهن رشتيدار يا دوست کي ڏيڻ ڏين۔سچيون شاهديون لڪائڻ به اخلائقي ۽ قانوني جرم آهي۔اسان ۾ ايتري همٿ هئڻ گهرجي ته نه ڪورٽن ۾ ڪوڙيون شاهديون ڏيون نه ڪورٽن کان سچيون شاهديون لڪائيون۔جڏهن اسان مٿيون عمل ڪنداسين ته يقين ڄاڻو معاشري مان ڏوه گهڻي حد تائين ختم ٿئي ويندا۔
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪوڙي شاهدي ۽ ان جا اثرات

    ماشاالله هر دفعي وانگر هڪ بهترين موضوع ونڊ ڪيو اٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڪوڙ ڳالهائڻ اخلاقي ء قانوني جرم سان گڏوگڏ گناهن جي پاڙ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان ڪري اسان سڀني کي ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي ،
    هن موضوع ۾ قانوني مسعلن سان گڏو گڏ هڪ بهترين تربيت ء سمجهاڻي آهي ۔ سائين ميمڻ صاحب جو هڪ وڌيڪ جامع ونڊ۔۔۔۔۔۔
    مهربانيون
    بهترين ۔۔۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪوڙي شاهدي ۽ ان جا اثرات

    افسوس جو مڪمل قانون هجڻ باوجود ملڪ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي۔۔۔ هتي سچي گواهي ڏيڻ لاءِ ڪو تيار ناهي۔۔۔ ڇو ته کيس جهڙي طرح دٻايو ۽ هيسايو ويندو آهي ۽ جهڙي طرح ان غلط نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن۔۔ ان کان پوءِ ڪوبه سچي گواهي ڏئي پنهنجي ۽ پنهنجي گهر وارن لاءِ مصيبتون نه آڻيندو۔۔۔
    مذهب اسلام به سچي گواهي لاءِ صاف ۽ واضح هدايتون ڏنيون آهن ۔۔۔ پر افسوس جو انصاف جي گهٽتائي ڪري ملڪ ۾ اهڙو معاشرو جڙي نه سگهيو آهي جو هر عام انسان گواهي ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي۔۔۔ ان جي ابتڙ ٻاهرين غير مسلم ملڪن ۾ انصاف جي فراواني ڪري هر ڪو ماڻهون گواهي ڏيڻ تيار هوندو آهي۔۔۔

    توهان جي آرٽيڪل مان اندازو ٿيو ته ڪنهن به ڪيس ۾ شاهد جي ڪيتري اهميت آهي۔۔ ڇو ته ڪنهن به ڪيس جو فيصلو شاهدن ۽ گواهن جي بيان تي مشتمل هوندو آهي۔۔۔
    مهرباني سائين غلام مصطفى جن جي ۔۔ جن وقت ڪڍي پيچيده قانون کي سولو ڪري پيش ڪيو۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪوڙي شاهدي ۽ ان جا اثرات

    شاهدي ڏيڻ تي تمام پيرائتو ۽ ڪارائتو ونڊ آهي ۔۔۔ هن ليک سان اسانکي شاهدي ڏيڻ جي اخلاقي ۽ قانوني ڄاڻ بخوبي ملي ٿي ۔۔۔

    باقي اوهانجو ليک پاڻ ئي سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿو ۽ مٿان وري منهنجي دل جي ڳالهه ادي رشيد پڻ ڪري ڇڏي آهي ۔۔۔

    ها مونکي محترم عبدالواحد آريسر جو هڪ قول ياد ٿو اچي ته ؛ ” پاڪستان ۾ قانون جي حيثيت ڪوريئڙي جي ڄار جيئان آهي، جيڪو مک ۽ مڇر ته ڦاسائي سگهي ٿو پر ڏاند جي سٽ برداشت ڪرڻ سندس وس ۾ ناهي“ مطلب غريب ۽ مسڪين تي قانون جي غرفت مضبوط آهي پر زورآور ۽ سرنديءَ واري ماڻهونءَ لئه قانون ڪجهه به ناهي ...

    تازو (هفتو اڳ) سعودي عرب ۾ ٽريفڪ پوليس هاءِ ڪورٽ جي جج کي تيز رفتار گاڏي هلائڻ ۾ گرفتار ڪري ڏنڊ هنيو، جج صاحب پنهنجي عهدي جو ٻڌائيندو رهيو پر ٽريفڪ پوليس جو جواب هيو ته جج هجي يا عام ماڻهون، قانون سڀ لئه هڪ آهي ۽ ٽريفڪ پوليس اعلا عدالت کي هڪ نوٽيس موڪليو ته هو پنهنجن ججن کي سمجهائي ڇڏين ته هاءِ وي تي لاڳو قانونن جي ڀڃڪڙي نه ڪن. سو دوست انکي چئبو آهي قانون جي پاسداري ...

    باقي اسانجي ملڪ جو حال اوهانجي سامهون آهي، ممڪن ڪي جج خدا ڪارڻ پنهنجي ضمير جي مطابق هلندا هجن، باقي اڪثريت تي سواليه نشان آهي ...؟؟؟

    لک ٿورا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪوڙي شاهدي ۽ ان جا اثرات

    محترم ميمڻ صاحب۔توهان جو قانوني ليک تمام گهڻي معلومات سان ڀريل آهي۔اهو نه صرف قانون جي شاگردن جي رهنمائي لاء بهترين آهي پر عام ماڻهو به ان مان سچي شاهدي نه ڏيڻ جي انجام مان واقف ٿئي ڪري ڪوڙي گواهي ڏيڻ کان ڪيٻائيندو۔ان معاشري کي ترقي کان ڪير به نه ٿو روڪي سگهي جنهن جو هر هڪ فرد پنهنجي قانوني ذميدارن مان واقف ٿئي ڪري،ڏوه کي گهٽائڻ ۾ پوليس ۽ قانوني ادارن جي مدد ڪري ٿو۔سچين شاهدين کي ڪورٽن کان لڪائڻ يا ته بزدلي جي ڪري يا ڪنهن ٻئي مجبوري جي ڪري نه صرف قانون ڏوه آهي پر اسلامي نقط نظر کان به تمام گهڻو غلط آهي۔جيڪڏهن هر انسان ان ڳاله تي ڪامل يقين رکي ته هن جي زندگي جو نگهبان آلله سائين ۽ صرف الله پاڪ آهي ۽ موت جو هڪ ڏينهن مقرار آهي ۔ان کان اڳ ۾ موت نه ٿو اچي سگهي ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ڪير ماڻهو به سچيون شاهديون نه لڪائيندو ۽ نه ئي واري ڪوڙيون شاهديون ڪورٽ ۾ ڏيندو۔ٻئي ڳاله ته اسان جي ملڪ ۾ حلائنڪ قانون ۾ ته گواهن جي حفاظت جي باري ۾ لکيل آهي پر حقيقت ۾ گواهن کي ڪو پروٽيڪشن نه ٿو ڏنو وڃي،اسان جي پوليس ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت جي بدران ٻين ڪمڻ ۾ رڌل آهي۔پوليس جو روايو ته عام ماڻهن سان دوستانو هجئڻ گهجي پر معذرت سان اسان جي پوليس جو روايو ان جي ابتڙ آهي ۽ عام ماڻهن جي دل ۾ پوليس جو ايترو خوف ويٺل آهي جيترو ڪنهن ٻئي خطرناڪ شي جو خوف هوندو آهي۔اها پوليس گواهن کي ڪهڙي قسم جو تحفظ ڏئي سگهي ٿي۔ان سڄي ڳاله جو لب لباب اهو آهي ته اسان کي همٿ ڪري پنهنجي پاڻ تي ڀاڙي اڳتي وڌي ڪورٽن ۾ سچ جو ساٿ ڏيڻو پوندو ۽ ڪوڙ کان اسان کي پيڇو ڇڏائڻو پوندو۔بهرحال توهان جو ليک تمام بهترين آهي۔ اسان ان مان گهڻو پرايو آهي۔  
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪوڙي شاهدي ۽ ان جا اثرات

    ماشاء الله ! تمام بهترين انداز سان مضمون لکيو ويو آهي ۔ معلوم ٿيو ته ملڪ پاڪستان ۾ قانون نهايت عرق ريزي ۽ محنت سان ترتيب ڏنو ويو آهي ، ادي عبدالرشيد جي سان متفق ٿيندي چئبو ته ملڪ ۾ قانون هوندي لاقانونيت آهي ، ڪو به شخص سچي گواهي ڏيڻ لا اماده نٿو نظر اچي ، هن مان معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ اندر قانون تي عمل ڪرائڻ وارو نظام ناڪاره ۽ ناقص آهي ، جيسيتائين هر ادارو پنهنجو فرض ديانتداري سان ادا نه ڪندو ته اصلاح مشڪل آهي ، ڏوه ملڪ اندر هر اداري جو آهي پر بدنام ملڪ اچي ٿو ٿئي ، ۽ اهو عمل به هڪ قسم جي لاقانونيت جي زمري ۾ اچي ٿو بڻجي ، فيالل عجب !!!!!!!!!
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪوڙي شاهدي ۽ ان جا اثرات

    ڪوڙ ڳالهائڻ اخلاقي ء قانوني جرم سان گڏوگڏ گناهن جي پاڙ آهي

    پر جيسيتائين هر ادارو پنهنجو فرض ديانتداري سان ادا نه ڪندو ته اصلاح مشڪل آهي

    بهرحال سائين تمام بهترين معلومات سنگت سان ونڊ ڪرڻ تي پڻ توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو