سنڌ سلامت فورم جي سڀني دوستن کي۔۔۔۔۔۔۔ اسلام عليڪم ادا منهنجو نالو ته لکيل آ پنهنجو شڪارپور شهر سان تعلق آهي ۔ سنڌ سلامت فورم بابت ڪا خبر نه هئي، ويٺي ويٺي سنڌي گوگل کوليم ۽ سنڌي ويب سائيٽس ڳولهڻ لڳس اهڙي ريت سنڌ سلامت فورم مليو۔ سنڌي فورم ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ۔۔۔
جواب: تعارف اڱڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان سنڌ دوست اوطاق تي محمد عامر سومري صاحب کي تهه دل سان ڀليڪار ۔۔ چوندا آهن ته ” رت دانگي تي به ورندو آهي“ انڪري اسين سنڌي هڪ ٻئي جو رت آهيون، ۽ جڏهن انٽرنيٽ يا ڪنهن به هنڌ، سنڌ ۽ سنڌيت نظر اچي ٿي ته هڪدم اتساهه ٿئي ٿو ان سان ملڻ جو ۽ انکي ڏسڻ جو، جيئن اوهانکي گوگل تي سنڌ سلامت ملي ته اوهان هڪدم ان جو ڀيرو ڪيو۔۔۔ لک قرب دوست، هي اوطاق اوهان دوستن لئه ئي آهي جيڪي سنڌ ۽ سنڌيت جي مان وڌائڻ جا جتن ڪنٿا ۔۔۔ هن اوطاق جي الماڙين ۾ پيل اوهانکي کوڙ ساترو مواد ملندو ۽ هر طرح جو مواد ملندو، اميد ته اوهانجي تاس پوري ٿيندي۔ باقي جيڪا ڪمي يا خامي هجي ته اميد اوهان دوست ئي پوري ڪندا ۔۔۔ انشاء الله هون به شڪارپور جا سومرا سنڌ جا سڄڻ آهن ۽ شڪارپور جي سومرن کي سلام جن شهيد الله بخش سومري جهڙو قومپرست اڳواڻ پئدا ڪيو اميد آهي ته اوهان به سنڌ دوستي جا مضمون ۽ مقالا، شاعري ۽ علمي ڳالهيون اسان سان ونڊ ڪري دوستن جي رهنمائي ڪندا رهندا۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف ادا محمد عامر سومرو صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش امديد ٿا چئون اميد ته توهان کي هتي سکڻ ۽ سيکارڻ جو پورو پورو موقعو ملندو سدائين گڏ
جواب: تعارف محترم محمد عامر سومرو صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اميد آهي ته اوهان به پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف محترم محمد عامر سومرو صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته ساٿ سلامت رهندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔شڪارپور جو فقير به آهي توهان کي هت سکڻ لاء گهڻُ ڪجهه ملندو [/CENTER][/IMG]